Just another WordPress.com weblog

اک الٽي ڌار

 

 

مون کي اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جڏهن گورنمنٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن سکر جي برانڊ نيئن سوزوڪي پڪ اپ تي چڙهي اسان جي ڪاليج سائيڊ جا الحاج ڊاريڪٽر صاحب پنهنجي دفتر ايندا هيا. سندن دفتر اسان جي اسلاميه ڪاليج جي مرحوم هاسٽل ۾ قائم آهي.  سوزوڪي جي ڊرائيونگ تنهن وقت جو باريش ۽ صوم و صلوات جو پابند پرنسپل صاحب بذات خود سرانجام ڏيندا هيا ۽ جڏهن دفتر جي گيٽ تي سوزوڪي پهچندي هئي ته نيڪ سيرت پرنسپل صاحب، الحاج ڊاريڪٽر صاحب (کين الله پاڪ شل جنت ۾ جاءِ ڏي) جي بيگ سنڀاري کين سندن دفتر ۾ڪرسيءَ تي ويهاري واپس ٿيندا هيا ۽ پوءِ موڪل ٿيڻ وقت وري ان ساڳي سوزوڪي ۾ صاحب جن سوار ٿي  سکر جي بس اسٽاپ تي پهچي اتان ويگن ۾ ويهي پنهنجي گھر شڪارپور روانا ٿيند هيا.  اهو روزانه جو وهنوار هوندو هيو. ڊاريڪٽر صاحب کي سرڪاري ڪار ته مليل هوندي هئي پر صاحب ان کي گھٽ استعمال ڪندا هيا. ان دؤر جي شرلاڪ هومز قسم جي دوستن جو چوڻ هيو ته صاحب جن سرڪاري گاڏي جي پئٽرول وارو ووچر ٺاهڻ ڪڏهن به ناهن وساريندا. ان نموني پئسن جي بچت ڪري شايد صاحب حج جي سعادت به ماڻي آيا هيا. پر ٿورو ترسو ته ساڳي صاحب متعلق ٻي هڪ اکئين ڏٺي واقعي کي بيان ڪري اوهان جي علم ۾اضافو ڪندو هلان. ساڳي صاحب جي دؤر ۾ اسان جي ڪاليج جي انوقت جي پرنسپل صاحب هڪ پروگرام رٿيو هيو.  ان فنڪشن لاءِ ڊاريڪٽر صاحب جن کي خاص مهان طور دعوت ڏني ويئي هئي. پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ خاطر ڪاليج اندر پهچڻ بعد  ڊاريڪٽر صاحب جن پهچڻ سان ئي ٻه فرمائشون ڪيون هيون. هڪ ته پروگرام جي ڪوريج لاءِ گھرايل ڦوٽوگرافر کان سندس تصوير ڪڍرائڻ جيڪا موصوف کي پاسپورٽ لاءِ کپندي هئي (ياد رهي ته پاسپورٽ آفيس ۾ اڄ جيان انوقت ڦوٽو ڪڍڻ جو بندوبست ٿيل ڪونه هوندو هيو) ۽ ٻيو ته ڪاليج اندر ٽڙيل گلن کي پٽي انهن مان هڪ پلاسٽڪ جي ڳوٿري ڀري ڏيڻ ته جيئن ته اهي گل ڊاريڪٽر صاحب جن پنهنجي مرحوم امڙ جي قبر تي رکي اچن. اسان جي مهربان پرنسپل سندن پهريون انگل پورو ڪرڻ ۾ ته ڪا دير نه ڪئي پر گلن کي ڇنڻ واري ڳالهه کين هرگز پسند نه هئي. ياد رهي ته ڪاليج اندر سندس ذاتي ڪوششن سان باغيچو جڙيو هيو ۽ سائين جن انهن گلن ٻوٽن سان پنهنجي اولاد وانگر محبت ڪندا هيا. پرنسپل صاحب وڏي احترام سان کين عرض ڪيو هوته قبلا گھٽ  ۾ گھٽ پنهنجي جيجل جي قبر تي ته پنهنجي کيسي مان گل وٺي نڇاور ڪر پر جي وڌيڪ ضد آهي ته هو بازار مان خريد ڪيل گلن جي قيمت ڏيڻ لاءَ تيار آهي.

سو اڄ جڏهن ان ساڳي سوزوڪي(جنهن جي حالت هاڻي رحم جوڳي ئي آهي) تي ڪاليج ۾ بي ايڊ ۽ ايم ڪندڙ شاگردياڻين کي گھر کان ڪاليج ۽ ور گھر موٽندي ڏٺم ته ڏاڍي حيرت  ٿي.  سوچيم هي ته واقعي انقلاب آهي. يعني ته هڪ اهڙو وسيلو جيڪو ڪڏهن به جائز نموني استعمال نه ٿيو هيو ۽ اهو منهنجي اکين آڏو ٿي رهيو آهي. پوءِ وري مون کي پنهنجو پاڻ تي کل آئي ته ڪهڙو ته وقت اچي ويو آهي، جڏهن ڪنهن سٺي ڪم يا عمل کي ٿيندي ڏسي حيرت ٿي ٿئي. ان ۾ ڀلا منهنجو به ڪهڙو قصور آهي جڏهن سؤ مان اسي بي ايمان هجن، جڏهن هيٺين رينڪ جي سرڪاري ملازم پٽيوالي کان وٺي هاءِ ليول جو ڪامورو چيف سيڪريٽري به بي ايماني واري گپ ۾ گوڏي تائين گتل هجي، هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي وزيراعظمن، صدرن، فوجي سربراهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تائين آڱريون کڄنديون هجن ته اها حيرت جائز ئي سمجھي ويندي.  ڏهن هزار ننگن ماڻهن ۾ هڪ جيڪو ڪپڙا پهريل هوندو ته چريو ته اهوئي سڏبو! ۽ کيس ڏسي باقي جيڪي نو سؤ نوانوي ڪپڙن کان آجا ماڻهون هوندا ته اهي مٿس چٿرون ڪندا ۽ چوندا ته ”هي ڏسو جاهل ڪپڙا پهريل“. سو ان قسم جا لقاءُ ڏسندي مرزا غالب جو هڪ شعر نڙي ۾ اٽڪي پيو آ ته؛

آگے آتی تھی حال دل پہ ہنسی
اب کسی بات پر نہیں آتی

هاڻي زمانو اهڙو ته اچي ويو آهي جتي جيڪڏهن هر ڪم غلط، اونڌو، خلاف قانون يا خلاف اخلاق پيو ٿئي ته اها ڳالهه عام رواجي آهي، جنهن تي ڪنهن کي به ڪا ڳڻتي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ها پر اڄوڪي دؤر اندر جڏهن ڪو ڪم عين قانون، اخلاق ۽ ايمانداريءَ سان ٿيندي ڏسجي ٿو ته ان ڳالهه تي حيرت ٿي ٿئي. اڃا ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اتر سنڌ جي هڪ ڪاليج جي سموري اسٽاف بشمول پرنسپل گڏجي قسم کنيو هيو ته اهي پنهنجي ڪاليج اندر آئندي ڪاپي ڪرڻ يا ڪرائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندا. جيئن ته اها ڳالهه عام وهنوار جي بلڪل ابتڙ هئي.، انڪري گھڻن کان هضم ٿي نه سگھي هئي. سندن ان فيصلي تي طرحين طرحين تبصرن سان گڏ تبرا به ٿيا هيا.  اسان جا ڪجھ ڀوڳائي سنگتي  ڪاپي ڪلچر کي بنهه پنهنجو تخليق ڪيل ڪلچر چوندا آهن. جنهن جي مخالفت استادن، پروفيسرن تي حرام قرار ڏنل آهي. ٻيو ته ٺهيو پرائمريءَ کان وٺي ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين استاد تنظيمن کي به ان ڪلچر سان دلي لڳاءُ ڏٺو ويو آهي. سو جيڪڏهن ڪو انهن سمورن ”اسٽيڪ هولڊرس“ جي راءِ جي ابتڙ ڪو فيصلو ڪندو ته ظاهر آهي ته انهن تي ملامت ته ٿيندي.  بهرحال مان ذاتي طرح سندن ڪيل ان فيصلي تي دلي خوشي محسوس ڪئي هئي ته ”اڃا ڪي آهين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي“ . مون سندن پاران کنيل ان قسم نامي جي اخباري ڪٽنگ فيس بوڪ جي واسطيدار گروپن تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي هيم. خبر ناهي ته اها ڳالهه ڪيترن دوستن کي وڻي يانه پر مون کي وري حيرت هڪ ڪاليج جي پرنسپل صاحب تي ٿي جنهن ان پوسٽ تي تبصور ڪندي لکيو ته

“ایسا حلف پہلے پرنسپل نے بھی لیا تھا، جب اوس بیچارے پہ اسی حلف کے نتیجے میں برا وقت آیا تو وہ اکیلا رہہ گیا۔ مسٹر۔۔۔۔۔ڈریں اوس وقت سے جب آپ کے اوپر یے وقت آئے” سیپمبر ۱۰، ۲۰۱۲

معنى ته جيڪو اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي ٿو ته اهو ڪم قابل جرم آهي. ڪنهن به صورت ۾ هلي چلي وهنوار کان منهن ناهي موڙڻو. پر انساني تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته سماجن اندر تبديلي اهي ئي آڻيندا آهن جيڪي دنيا کي پنهنجي نرالي اک سان ڏسندا آهن. سندن  ڏسڻ، پرکڻ، عمل ڪرڻ، لاڳاپا رکڻ وارو وهنوار عام لوڪ کان الٽو هوندو آهي جيئن لطيف سائين فرمائي ويا آهن ته؛

  اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين؛

جي لَهوارو لوڪَ وَهي، تُون اوچو وَههُ اوڀار؛

مَنجھان نَوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

 ڪاش اسان جي تعليمي ادارن جا سربراهه ۽ وس وارا عملدار ادارن اندر موجود يا کين حاصل وسلين کي تعليمي مقصدن لاءِ قطب آڻڻ سکن. جيئن لئبرريون، ليبارٽريون، ڪمپيوٽر ليبس،  گرائونڊ، فنڪشنس لاءِ جڙيل هال، ادارن کي مليل گاڏيون، ڪتاب، رسالا، ڪلاس رومس ۽ سڀ کان اهم انساني وسيلا… پر اهو تمام گھٽ ٿو نظر اچي. خاص ڪري جيڪي به گورنمنٽ جا ادار آهن انهن ۾ پيل سمورا وسيلا سڙي ڳري رهيا آهن. لئبررين ۾ پيل ڪتابن کي اڏوهي کائي ويئي آهي، ليبارٽرين کي به بس خانه پريءَ طور استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪمپيوٽر ليب تمام سهڻو ڍونگ آهن، جتي ڏاڏي آدم جي دؤر جا ڪمپوٽر پيل آهن، جيڪي انٽر نيٽ جي سهولت کان وانجھيل آهن. جڏهن ته اسان جي سرڪاري تعليمي ادارن جي اڪثر استادن کي ملٽي ميڊيا جو ديدار به شايد ئي نصيب ٿيوهجي. جڏهن ته ادارن اندر جيڪي عالم استاد آهن، وٽن جيڪو علم ۽ عقل آهي،  انهن جي علم کي به اڪثر زيان ڪيو پيو وڃي ۽ کانئن پنهنجي انهن صلاحيتن مطابق ڪم ڪونه پيو ورتو وڃي.

سرڪاري ادارن اندر جيڪو سينئر آهي اهو ئي اداري جو مائي باپ آهي. ڄڻ سينئر ٿيڻ سان عقل جون هوڙون ڦٽي نڪرنديون هجن. مون مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جا جيڪي نوجوان نوان نوان تعليمي ادارن ۾ آيا آهن پنهنجي پنهنجي مضمونن اندر انتهائي ڀڙ آهن. سندن فهم اسان جهڙن سينئر استادن کان تمام مٿاهون آهي. خاص ڪري تعليم اندر جيڪي جديد لاڙا آهن، ڪلاس روم جي جيڪا پراثر ادائيگي آهي، يا آ سي ٽي کي تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جا جيڪي گُر آهن اهي ان معاملي ۾ مالا مال آهن. مون مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جي سينئر دوستن مان اڪثر کي ته بلاگ جي خبر به ڪا هوندي ته اهو ڪهڙي بلا جو نالو آهي، جڏهن ته اڃا ڪالهه ڀرتي ٿي آيل ڪجهه نوجوان سنڌي توڙي اردو ۾ بلاگنگ ڪن ٿا ۽ فيس بوڪ تي تعليمي حوالي سان ڪيئي پيج پڻ جوڙي رکيا اٿن.   منهنجو هڪ من مهڻو دوست سنڌ جي تعليمي ادارن اندر انفرميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ذريعي پڙهائڻ واري عمل، ان تي دسترس،  سهولتن جي دستيابي، ۽ ان عمل ڏانهن استادن کي ٽريننگ ڏيندڙ استادن جي سوچن متعلق پي ايڇ ڊي پيو ڪري. اڄ اسان گڏجي هڪ ڪاليج اندر ويا هياسين. ساڳي مقصد لاءِ سندس جوڙيل سوالنامو ڪاليج جي استادن کي   ڀري واپس ڪرڻ جوعرض رکيوسين ته انهن مان ڪجھ استادن اسان کان اهوپڇيو ته آخرڪار اها ”انفرميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟“!!! هاڻي جڏهن سڄي دنيا تبديل ٿي ويئي آهي يا ٿئي پئي ۽ ان ساڳي دؤر ۾ اسان جي اهم ادارن جي سينئر ترين استادن کي اها به خبر ناهي ته آ سي ٽي آهي ڇا، جڏهن ته ڪاليج اندر اهي سڀئي وسيلا پڻ موجود آهن. پر اسان ڪڏهن به ڀلجي ان طرف گھٽ ڏيان ڏيندا آهيون. اسان جو اڪثر اهو رويو هوندو آهي ته جڏهن ڪم هلي پيو ته پوءِ اهي خفا ڀلا سر تي ڇو کڻون؟!!! اتي سوال اهو ٿو اٿي ته ان نمونيِ اهڙن روين سان اسان تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا سان ڪيئن قدم ملائي هلي سگھڻ جهڙا ٿيندا سين. نيئن ٽيڪنالاجي جي اچڻ ۽ انهن کي زندگي جي هر شعبه ۾ لاڳو ڪرڻ کان سواءِ ترقي جو تصور به گناهه ٿي پيو آهي، دنيا اندر جنهن کي ڪمپيوٽر نه ٿو اچي ان کي اڻ پڙهيل تصور ڪيو پيو وڃي ان ساڳي دنيا ۾ اسين ماڻهون به رهون ٿا جيڪي نود ٿي ويا آهيون، جن تي ڪنهن به سٺي شيءِ جو ڪوبه اثر ڪونه پيو ٿئي…جي حالت اها ئي ساڳي رهي ته پوءِ اسان کي تباهه ٿيڻ کان ملائڪ به بچائي ڪونه سگھندا. دنيا اندر صرف اهي قومون ۽ ملڪ ترقي ڪندا آهن جيڪي دنيا جي وهنوار سان گڏ پنهنجو پاڻ ۾ گھربل مثبت تبيديليون آڻيندا آهن. سٺين شين يا ڳالهين کي اپنائڻ ۾ دير ناهن ڪندا. پر اسان جو رويو وري ان جي بلڪل ابتڙ آهي اسين ماڻهون بد ذوق ڪانوَ وانگي صوف اندر به ڪيڙا ڳولهيندا آهيون.

 ترقي جي مهڙ وارا مورچا اسان جا تعليمي ادارا ئي آهن. تعليم کي جديد، سائنٽفڪ بنيادن تي استوار ڪرڻ کان سواءِ اسان ڪابه جنگ جيتي سگھڻ جي قابل ئي ناهيون. وقت اچي ويو آهي ته جيڪي گھربل وسيلا آهن انهن جو جائز استعمال ڪريون، جيڪي وسيلا موجود ناهن اهي هر صورت ۾ اداري اندر آڻيون، انهن کي تعليمي مقصدن لاءِ قطب آڻيون. جيڪي نيون ڪارائتيون ٽيڪنالاجيز دنيا اندر متعارف ٿيل آهن انهن کي اسان به اپنايون، جيڪڏهن ڪا ڳالهه، ڪو هنر يا ڪو طريقو اسان کي نه ٿو اچي ته اهو هر صورت ۾ پاڻ به سکون ۽ اداري اندر ٻين کي به ان جي سيکارڻ جو بندوبست ڪريون. اسان جي سرڪاري ادارن کي ساک وارين نجي ادارن جهڙوڪر آ بي اي سکر، آغا خان يونيورسٽي…جي انسٽيٽوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊويلپمنٽ ڪراچي، زيبسٽ، همدرد يونيورسٽي ڪراچي يا اهڙا ٻيا ادارا آهن ته کين انهن ادارن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ گھرجن. آخر ۾ بس اهو عرض ڪندس اچو ته دنيا اندر گھلندڙ عقل، علم، ڏاهپ، هنرگيري، جي پر بهار هوائن جو استقبال ڪريون. پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آڻيون. 

اک الٽي ڌار

پيهي جان پاڻ ۾

My life collage

 

 زندگي هڪ وڏو سفر آهي.  ان وڏي سفر اندر وري انسان کي ڪيئي ننڍڙ ا کوڙ سارا سفر ڪرڻا پوندا آهن. اڄ مان زندگي جي وڏي سفر وچ ۾ ڪيل هڪ ننڍڙي اهڙي سفر جي روداد بيان ڪرڻ ٿو گھران، جيڪو غير روائتي هيو.  اهو سفر انهن سفرن وانگر نه هيو جن جي ڪا منزل متعين ٿيل هوندي آهي ۽ اهي  ڪنهن مخصوص جڳهه کان شروع ٿي ٻي تي اچي ختم ٿيندا آهن. منهنجو اهوهڪ سفر هيو جنهن جي شروعات ته منهنجي پيدا پيدا ٿيڻ سان شروع ٿي چڪي هئي ۽ مون کي يقين آهي ته ان سلسلو منهنجي آخري سفر تائين جاري رهندو. اهو سفر آهي علم، عقل،  ڄاڻ ۽ ڏاهپ کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو سفر، جنهن جي ڪا منزل متعين ٿيل ناهي هوندي، جنهن جي لاءِ ڪنهن خاص عمر جي ضرورت به ناهي هوندي ڇوته اهو سدا جاري رهندڙ عمل آهي. “عشق ٻڍا نه ٿيوي توڙي چٽڙي ٿيوي ڏاڙهي” اسان تمام گھڻيون ڳالهيون پنهنجي گھر ۾، اوڙي پاڙي وارن کان، ۽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سکندا آهيون. دنياداري، مهذب پڻي ۽ مذهبي معاملن جي سکڻ جو سلسلو گھڻو ڪري گھر کان شروع ٿيندو آهي، ۽ انهن ڳالهين کي اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن کان ۽ شهر وارن کان يا ته تقويت ملندي آهي يا اهي انهن سان اختلاف رکندا آهن. ائين زندگيءَ سان سلهاڙيل کوڙ ساريون ڳالهيون اسان جي ايمان جو جز بڻجي وينديون آهن ۽ اسين انهن کي پٿر تي ليڪ سمجھندا آهيون. اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ اسين لکڻ، پڙهڻ سان گڏ ڪي  انتهائي پيچيدهه هنر سکندا آهيون. تعيلمي ادارن جو معيار، اتي استادن جي قابليت ۽ رويا به اسان جي زندگين تي گهرو اثر ڇڏيندا آهن. تعيلمي ادارن کان فارغ ٿي اسان هڪ دفعو وري معاشري ڏانهن رجوع ڪندا آهيون ۽ ان تي پنهنجي علم، هنر، ڏاهپ وسيلي اثر انداز ٿيندا آهيون. اهو سمورو عمل سکڻ ۽ سيکارڻ جو آهي. اهو هڪ مسلسل جاري رهندڙ عمل هوندو آهي ان عمل ۾ ڄاڻ جا خزانا جنم وٺندا آهن جيڪي فرد ۽ معاشري تي پنهنجو اثر ڇڏيندا آهن.

منهنجي زندگيءَ جو اهو سفرهيو (Aga Khan University-Institute for Educational Development {AKU-IED})  ۾ ايم ايڊ ڪرڻ وارو جيڪو  2009ع  ۾ شروع  ٿيو هيو، جنهن جي ڪا پڄاڻي ته نه ٿي آهي پر ان جو هڪ مرحلو 2011 ۾  پورو ٿيو هيو هو. مان پنهنجي ان سفر ۾ اوهان مهربانن کي به شامل ڪرڻ ٿو گھران.

  مان ڪاليج ۾ پڙهائڻ سان گڏ هروقت ان تاڪ ۾ رهندو هوس ته ڪو اهڙو ڪورس ڪريان يا ڪا اهڙي تربيت وٺان جنهن سان هڪ استاد جي حيثيت ۾ منهنجي علم ۾ واڌارو ٿئي ۽ منهنجي پڙهائڻ  جي عمل ۾ سڌارو اچي. اهڙي سوچ ڪري مون کي ڪيئي مناسب موقعا مليا جنهن ۾ مون کي تام سٺين ڳالهين، هنرن، حرفتن سکڻ جا موقعا مسير ٿيا. ان ئي سلسلي ۾ مون کي  هڪ اهم ڪاميابي تڏهن حاصل ٿي جڏهن مون کي جڳ مشهور آغا خان يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ فار ايڊوڪيشن ڊيولپمنٽ ۾ ايم ايڊ ۾ ڪرڻ لاءِ داخلا وٺڻ جو موقعو مليو. هن ٻن سالن جي ڪورس دؤران تمام گھڻين تعليمي مهارتن سکڻ جو موقعو مليو.

مون ايم ايڊ ڪندي جيڪي اثر قبول ڪيا انهن ۾ هڪ هي به آهي ته مون کي معاشري ۾ تبديلي برپا ڪندڙ نمائندو هئڻ گھرجي ۽  انهن ماڻهن سان گڏجڻ گھرجي جيڪي هن معاشري ۾ تبديلي جي خواهش رکندڙ آهن. “تبديلي” بظاهر هڪ ننڍڙو لفظ آهي پر حقيقت ۾ انسان بي مثال ترقي ڪرڻ جي باوجود به ان لفظ کي صحيح نموني سڃاڻي نه سگھيو آهي. دنيا اندرهن وقت تائين جيڪي به مذهب آيا انهن جو منشور ۽ مقصد به انسانن اندر مثبت تبيديلي آڻڻ ئي هو. سڀني مذهبن لکين ۽ ڪروڙين انسانن کي متاثر ڪيو،  هر رنگ ۽ نسل جي ماڻهن انهن نظرين جي پوئيواري ڪندي لبيڪ چئي انهن جي پوئيواري ڪئي،  پر افسوس ته انسان جو ڪردار جنهن نموني تبدلي ٿيڻ گھرجي اهو اڄ به هڪ سواليه نشان بڻيل آهي. لکين ڪتاب ان موضوع تي لکيا ويا آهن ۽ لکجن پيا. ڪيئي مڻيادار ماڻهون پيدا ٿيا انهن پنهنجيون پوريون زندگيون ڪن پيچيدهه مسئلن کي ڳولهڻ، ڦولهڻ، سمجھڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ بقول لطيف سائين جي جڏهن کين ”مال جو ماسو“ مليو ته انهن پنهنجي ان حاصلات کي اسان سان ڪتابي صورتن ۾ ونڊيو. آئن اسٽائين، ڊارون، ڪارل مارڪس، هيگل، سقراط،  ابن سينا، ابن بطوط، ڪنفيوشس، گوتم جهڙا ڪيئي فلسفي آيا جن پنهنجي ڏاهپ وسيلي دنيا کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. رائيٽ برادرس، مارڪوني بل گيٽس ۽ ٻين اهڙن جي ايجادن پوري انسانذات لاءِ انيڪ سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون.

 دنيا جي سياستدانن پنهنجي وت ۽ وس آهر هر قسم جون ڪوششون ڪيون، انهن پاران ڪيئي آزمائشون ڪيون ويون. دنيا تي شهنشاهي، ڪالونائيزيشن کان پوءِ ڊڪٽيٽرشپ کان وٺي اشتراڪيت، جمهوريت جهڙا نظام آيا جن پڻ ڪروڙن انسانن تي مثبت ي ۽ منفي اثر ڇڏيا. حقيقت ۾ سٺا سياستدان اهي ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي عوام ۽ قوم جي دل ۽ دماغ ۾ خواب اڻيدا رهيا آهن ۽ انهن خوابن کي مثبت تبديليءَ ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.

انهن سمورن ڪاوشن، ڪوششن، ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي هوندي به جڏهن اسين انساني روين جي جانچ جونچ ڪيون ٿا ته نظر ٿو اچي ته اسين ته اڄ به ان ساڳي اونداهي دؤر جا انسان آهيون جيڪي جبلن ۽ جھنگن ۾ جانورن جيان رهندا هيا. ها اسان ۾ ۽ انهن ۾ کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، اجھي وغيره جا ته فرق نمايان آهن پر جڏهن گواناٽاموبي يا بغداد جي ابوغريب جيلن اندر دنيا جي اڪيلي سپر پاور ۽ سڄي دنيا کان وڌيڪ ٽيڪنالاجيڪل ترقي ڪيل ملڪ آمريڪا پاران قيدين سان ڪيل عقوبتن کي ڏسون ٿا ته نظر اچي ٿو ته اسان کان ته اهي وحشي انسان ڪي قدر سٺا هيا.  هو پنهنجي هٿيارن سان وڌ کان وڌ هڪ اڌ انسان جو خاتمو آڻڻ جي سگھ رکي پئي سگھيا پر اڄ اسان انساني تباهيءَ لاءَ ايٽم بمن کان تمام اڳاهون ٽپي چڪا آهيون.   

سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ائين ڇو آهي؟ هيڏي وڏي انساني ترقي جي باوجود به انسانن جي روين اندرجيڪا تبديلي رونما ٿيڻ گھرجي اها اڃا تائين اچي نه سگھي آهي. ان جا ڪيئي سبب  آهن، پر منهنجي خيال ۾ هڪ تمام وڏو سبب هي به آهي ته تبديليءَ جا خواهشمند هڪ ڳالهه ۾ غلطي ٿا ڪن، اهي ٻين ماڻهن کي ته تبديل ٿيڻ جو صلاحون ڏيندا رهندا آهن، پر پنهنجو پاڻ ۾ ذري برابر به تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا. اهو نقطو صرف اسان جا صوفي ئي سمجھي سگھيا آهن ته جيستائين اندر ۾ مير هوندو هوندو من ۾ غير هوندو تيستائين ظاهري عبادتون محض ڏيکاءُ ئي آهن. بس ان هڪ نقطي ۾ ئي ڳالهه سمجھي سگھجي ٿي. ان ڪري ڪهڙي به ننڍڙي توڙي ڪنهن عظيم تبديليءَ جي جيڪڏهن شروعات ڪرڻي آهي ته ان جي شروعات پنهنجو پاڻ کان ٿيڻ گھرجي.  اسان جي اداري آ اِيِ ڊي ۾ ڪيئي ريفرشر ڪورسز ۽ ورڪشاپ ٿيندا رهندا هيا. هڪ دفعي اهڙي ڪنهن پروگرام ۾ اتر سنڌ جي هڪ ايلمنٽري ڪاليج جي پرنسپل جو تعارف سندس ئي اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ استاد ڪرائيندي ٻڌايو هو ته “سائين اسان جي صاحب آمريڪا، لنڊن سان گڏ پاڪستان ۾ جيڪي به سکيا جا پروگرام آهن اهي سڀ ڪيا آهن، هي سکيا حاصل ڪندڙ ماڻهن جو گرو آهي”. مان کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو هوس ۽ کانئس سندس ان سکيا جي حاصلات جي جڏهن پڇا ڪيم ته ڏاڍي مايوسي ٿي هئي. سندس جواب هوته “ادا اسان ته استادن سان مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پيا آهيون پر اهي سڌرن ئي نه ٿا”. مون سمجھي ورتو ته هي به انهن ماڻهن مان هڪ آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪئي بنا باقي سمورن استادن ۾ تبديليءَ جا خواهش مند آهن. مان کيس وڏي احترام سان چيو ته سائين ٽريننگو اوهان ڪيون آهن، لکين روپيا خرچ اوهان تي ٿيا آهن،  تبديل ته اوهان کي ٿيڻ گھرجي هروڀرو استادن تي الزام ڇو ٿا ڌريو“.  سوچڻ لڳم ته جڏهن اسان وٽ جيڪي سکيا ڏيندڙ گرو آهن انهن جي حالت به اجھو اها آهي ته جيڪا به ٽريننگ اچي ان ۾ ضرورت هجي نه هجي پنهنجو نالو ئي لکرائڻو آهي. پوءِ ڀلي ان جي پوئيواري ٿئي يا نه!! ان عمل سان هو تعلقات ٺاهڻ، ٻين تي روب وجھڻ، ۽ پئسن ڪمائڻ وارا ڪاروباري سطحي ڪم سرانجام ڏيندا آهن. سکر ۾ ڪجھ فيميل ٽيچرس آهن جيڪي هر ٽريننگ، هر ورڪشاپ ۽ هر پراجيڪٽ ۾ هڪيو تڪيون موجود هونديون آهن. مجال آهي جو ڪو هو ٻين اڻ سکيا ورتل يا گھٽ سکيا ورتل استادياڻين لاءِ ڪو موقعو ڇڏين. انهن ڳالهين ڪري اسان جي  تعليم اندر تبديلي نه ٿي اچي ۽ ان تعليمي پسماندگيءَ جو اثر اسان جي معاشري تي به پوي ٿو.  اسان ڏسون ٿا ته هر ماڻهون تبليغ ڪندڙ ملي وارو ڪردار ادا پيو ڪري، جنهن کي ڏسو نصيحت جا گل نڇاور پيو ڪري، اسان موبائيل ايس ايم ايس جي صورت ۾ هزارين قول، حديثون، آيتون روز وصول ڪندا آهيون جيڪي اسان جا مهربان اسان ڏانهن موڪليندا آهن. منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو سدائين سوم رس جي اثر هيٺ ٽُن رهندو آهي، ان پنهنجي موبائيل ٽيون تي قران شريف جي تلاوت رکي ڇڏي هئي. مون کيس عرض ڪيو هو ته ”قبلا جڏهن اوهان جو نمبر ٿو ملايان ته قران پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ ٿي نصيب ٿئي وري جڏهن اوهان سان ٿو ڳالهايان ته شراب جي بوءِ ٿي اچي“. ٻيو هڪ مهربان هيو جيڪو ڏينهن اندر گھٽ ۾ گھٽ چاليهه پنجاهه ايس ايم ايس حضرت علي رح جي جي قولن وارا موڪليندو هيو ۽ عملي طرح ڇا ڳالهه ڪجي، کيس ٻه نمبر چوڻ دو نمبري ماڻهن جي توهين ٿيندي، چوٽ جو ڪوڙو، ڌوڪيباز، وياج خور ۽ هيروئن جو ڪاروبار ڪندڙ….هونئن هنوقت منهنجي الاهي دوستن جي نمبر ملائڻ سان آذان جا آلاپ پيا ايندا آهن، ڪٿ وري نعت ۽ حمد شريف ٻڌڻ نصيب ٿيندو آهي. مطلب ٻيو ڪجھ به ناهي هوندو بس سڀني تي اهو ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته هو ڪيڏا نه مذهب پرست آهن ۽ نيڪ آهن !!!

 جڏهن مون (Aga Khan University-Institute for Educational Development {AKU-IED}) اي ڪيو يو_آ اِي ڊي جي عمارت ۾ پير رکيو هيو ته اتي مونکي تبديليءَ جا ڪجھ مثبت پيرا نظر آيا هيا. مثال طور جڏهن مانجھاندي جي ماني لاءِ لائين لڳندي هئي ته ان ۾  ڪنهن به قسم جي ننڍ وڏائي جو لحاظ ڪونه هوندو هيو. جيڪڏهن ڪو هائوس ڪيپر اڳ ۾ اچي بيهندو هيو ته اداري جو وڏي ۾ وڏو سربراهه ڊاريڪٽر صاحب به ان جي پويان اچي بيهندو هيو. ماني وٺڻ هر ڪنهن جو پنهنجو ڪم هوندو هيو، ماني کائڻ بعد ٿانون کي هڪ مخصوص جاءِ تي رکڻ به ماني کائيندڙ جي ذميوارين ۾ شمار هوندو هيو ۽ اهي ڪم سڀ ماني کائيندڙ بنا ڪنهن فرق جي سرانجام ڏيندا هيا. اسان جا استاد صاحبان پنهنجي شاگردن کي پڙهائي جي سلسلي ۾ اصل سوريءَ تي ٽنگي رکندا هيا ۽ جيڪي ٽارگٽ هوندا هيا اهي هرصورت ۾ مليل وقت اندر پورا ڪرڻا پوندا هيا. ان وقت اسين سمجھندا هياسين ته هي اسان جا استاد ڪيڏا نه ڪٺور دل آهن جن اسان کان راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو آرام کسي ورتو آهي پر هاڻي جڏهن هي ٻه اکر پيو لکان ته منهنجي من اندر پنهنجي استادن جي ان روئي لاءِ انتهائي پيار ۽ احترام جا جذبا موجزن آهن جو هاڻي ڳالهه سمجھ ۾ آئي آهي ته سندن اهڙين سختين ڪري ئي ته ڪجھ سکڻ ۽ پرائڻ جو ماحول ٺهي سگھيو هو. پر هو محض اسان تي ئي سختي ڪونه ڪندا هيا پر پاڻ به تمام گھڻي جاکوڙ ۽ ولوڙ ڪندا هيا ۽ اهي اسان کان وڌيڪ محنت ڪندا هيا. سندن هروقت ڪوشش هوندي هئي ته موضوع سان سلهاڙيل مؤثر ترين تعليم جو طريقي سان اسان کي سکيا ڏين ۽ ان سلسلي ۾ ڪوبه وسيلو جيڪو سندن هٿ وس هوندو هيو ان کي اسان تائين پهچائڻ کي پنهنجو فرض سمجھندا هيا. هنن ڪڏهن ڀلجي ڪري به ڪو سيشن نه ڇڏيو هوندو ها جيڪڏهن ڪنهن مجبوري تحت جيڪڏهن مخصوص ڏينهن تي اهو ممڪن نه هوندو هيو ته باهمي رضامنديءَ سان ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي هو اهو سيشن ڪرائيندا هيا. شاگردن لاءِ جيڪڏهن حاضري سؤ فيصد لازمي هئي ته ساڳيو قانون هنن پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪري رکيوهيو ته مينيوئل مطابق جيڪي به سبق کين پاڙهڻا هوند هيا ۽ سيشنس وٺڻا هوندا هيا ته اهي ان ڳالهه سؤ فيصد يقيني بڻائيندا هيا.

هرسال اداري جي سالگرهه جو پروگرام ملهائيو ويندو آهي. اسان جي هوندي اداري پنهنجي پنجويهين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو هيو. ان پروگرام جي ڪيڪ ڪاٽڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ماڻهون يا اداري جي سربراهه کي ڪون گھريو ويو هيو پر اداري ۾ ڪم ڪندڙ سڀني پرتن استادن، شاگردن،  انتظاميه، انتظامي امور کي سرانجام ڏيندڙ عملي، صفائي ڪندڙ هائوس ڪيپر، مالهي، گارڊن کان علاوهه سوشل ايريا ۾ رڌ پچاءُ جي ڪم ۾ رڌل دوستن کي به نمائندگي ڏني ويئي هئي. ان نموني اهو پيغام سڀني تائين پهچايو ويو هيو ته هي ادارو ڪنهن مخصوص ٽولي يا فرد جو ناهي ان ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي ان جا گڏيل مالڪ آهن.

ٻي هڪ مثبت تبديلي اها محسوس ٿي هئي ته هر ماڻهون کي اها خبر هوندي هئي ته سندن ڪهڙا فرض آهن ۽ کين ڇا ڪرڻو آهي ۽ اهي بنا ڪنهن جي چوڻ جي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندا هيا. جڏهن ڏسبو هيو ته مالهي گلن جي سيوا پيا ڪندا هيا، ڇٻر پيا ڪاٽيندا هيا،  يا گلن ٻوٽن کي پاڻي پيا ڏيندا هيا، هائوس ڪيپر ڪاريڊور تي نظر رکيون ويٺا هوندا هيا ته ڪٿي ڪو ڪک پن ته نظرڪون پيو اچي، ڪنهن ليٽرين ۾ صفائيءَ جي ڪا گنجائش ته رهجي ڪونه ويئي آهي. آ ايس وارا پيا ڪمپيوٽر چيڪ ڪندا هيا ته ڪٿي ڪا ڳڙٻڙ ته ناهي.

مان اداري ۾ رهڻ دؤارن اهو سکيو ته تبديليءَ جي هاءِ گھوڙا ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهون پهريون پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري. جيڪي سندس فرض آهن انهن تي بنا ڪنهن جي چوڻ يا زور بار جي عمل ڪري. اسان جي استادن کي پڙهائي وارو ڪم پرنسپلس، سپروائزرس يا ڊي او يا اي  ڊي او جي دٻاءُ يا ڀؤ کان ڪرڻ جي بدران ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجھي ادا ڪرڻ گھرجي. ان کي گھرجي ته هو اهو ڪم ان لاءِ نه ڪن ته سندن نيڪي ۽ ناماچاري ٿئي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهون ان لاءِ ڪم ڪندو ته سندس ڪيل ڪم جي ساراهه ٿئي، کيس شابسون ملن ته پوءِ جڏهن ائين نه ٿيندو ته هو مايوس ٿي پوندو چوندو ته ”ادا اسان جي معاشري ۾ سٺي ڪم ڪرڻ واري جي ڪا عزت ئي ناهي“ . حالانڪه سندن اها ڳالهه ڪنهن حد تائين جائز پڻ آهي پر جيڪو اسان جو فرض آهي ان لاءِ هروڀرو اسان پنهنجي اوس پاس ڇو ڏسون ته ڪير ڪير منهنجي ڪم کي ساراهين ٿا.  منهنجي خيال ۾ اسان جي ادارن اندر به جيڪڏهن ان قسم جو ماحول جڙي پوي ته ڪيئي مسئلا خودبخود  حل ٿيندا رهن. منهنجي هنن ڳالهين لکڻ جو مقصد هي آهي ته جيڪا ڳالهه سٺي ٿي لڳي ته اها اول پنهنجو پاڻ تي لاڳو ڪجي، تبديليءَ جي شروعات پاڻ کان ئي ڪجي، جيئن لطيف سائين فرمائي ويا آهن ته

”پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

ته نه ڪا ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هيا.

قوم جي تعليم ۽ تربيت ئي حقيقي سياست آهي

 

تمام گھڻو وقت ٿي ويو آهي ته مون سياست تي ناهي لکيو. مون اخبارون، رسالا به پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. منهنجي اهڙي طبيعت ڇو جڙي؟ شايد صحيح نموني مان پاڻ به ٻڌائي نه سگھان، پر يقين اٿم ته ان فيلڊ ۾ جيتري بي ايماني، ڪوڙ، منافقت، قوم ۽ عوام دشمني جا جراثيم موجود آهن ته اهڙن ڳالهين ڪري مان ان پاسي کان پاسيرو ٿيندو ويم.جڏهن اوهان کي ڪابه ڳالهه سمجھ ۾ نه اچي يا سٺي نه لڳي ۽ اوهين محسوس ڪريو ته ڳالهه اوهان جي وس کان چڙهيل آهي ته پاسيرو رهڻ ۾ ئي چڱائي آهي.  اسان جا اڪثر سياسي ڪالم نگار جيڪي ڪجھ لکن ٿا، اهو لکيل مواد سندن ذات لاءِ ته  ان نموني لاڀائتو هجي ٿو ته اهي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي هلڪا ڦلڪا ٿي وڃن ٿا ۽ سندن اندر ۾ اٿلي آيل اڌمن کي آواز ملي وڃيٿو.  ڪجھ لکڻ وري ان کي پاڻ ئي پڙهڻ ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي داد ڏيڻ ۽ پڙهندڙن جي بظاهر سرد مهريءَ تي دل ئي دل ۾ ڏک ڪرڻ سان لکاري جو من هلڪو هلڪو ٿي پوندو آهي. مون سان به اڪثر ائين ئي ٿيندو هيو. مون کي خبر ناهي ته منهنجيون لکڻيون ڪيتريون پڙهيون وينديون هيون يا پڙهيو وينديون آهن پر جڏهن مان پاڻ انهن کي پڙهندو آهيان ته اندر ۾ اطمينان جي لهر اڀري ايندي آهي. هونئن اڪثر مشاهدو ڪيو ويو آهي ته ڌرين جي منفي روين تي تي لکيو ويندو  رهيو آهي ته انهن کي اهڙين لکڻين کي پڙهڻ جو نه ته ڪو شوق آهي نه ئي وٽن ايترو فضول وقت هوندو آهي ته اهي مال ميڙڻ واري ڪم کان ٿورو پاسيرو رهي مون جهڙي ڪنهن ڪنگال جو ڪالم پڙهن.  ڪاموراشاهي، سياستدان، سرمائيدار، جاگيردار، خان،  وڏيرا، سردار، چوڌري وغيره ڪجھ اهڙا مثال آهن جن جي صحت تي اهڙين لکڻين جو ٽڪو به اثر ڪونه پوندو آهي،  ڀلي ته کڻي انهن لکڻين کي دنيا جي عظيم ادب ۾ به شمار ڇو ڪونه ڪيو وڃي. پاڪستان جي پوري تاريخ کي ڏسجي ۽ ڪالم نگارن پاران لکيل ڪروڙين لفظن جي ذخيري جو اندازو لڳائجي ته اهو ڏسي حيرت ئي ٿيندي ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ جي مصداق جن تي تنقيدون ٿينديون رهيون آهن يا جن کي سڌارڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ چيو ويو آهي ته انهن جي منفي روين ۾ اضافو ئي ڏٺو ويو آهي.  انهن کي جيئن سمجھ ۾ آيو آهي يا ايندو آهي اهو ئي ڪندا آهن. رشوت، بدعنواني، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي مليا ميٽ، ڏاڍ، ظلم، بيداد، بدمعاشي، بي شرمي، بي حيائي وغيره جا جيڪي رويا وٽن موجود هيا انهن ۾ اضافو ئي ٿيو آهي.

پر رڪارڊ جو ٻيو پاسو به آهي. اهڙيون لکڻيون صرف انهن جي پڙهڻ لاءِ ته ناهن هونديون. لکاريءَ جو مقصد اهو به هوندو آهي ته سماج جي انهن مهانڊن کي وائکو ڪري جن تي شرافت، مهذب پڻي جا ماسڪ چڙهيل آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ميڊيا جي عام ٿيڻ، سوشل ميڊيا جي ميدان ۾ اچڻ بعد عام ماڻهن جي سمجھ ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو آهي ۽ کين سياست، مذهب، حب الوطني، سماجي ڪمن جي حوالي سان ٿيندڙ انيائن جي ڀلي ڀت پروڙ سو پئجي ويئي آهي. هاڻ ستن پردن اندر ٿيندڙ بدمعاشين جهڙا واقعا به منظر عام تي اچي وڃن ٿا. جيئن ڪجھ وقت اڳ سنڌ جي سياست تي ناجائز قبضو ڪيل هڪ خاندان جي عورت پاران غريب هاريءَ  جي تذليل ڪئي ويئي هئي ۽ سندس ۽ سندس  والد کي سندن امڙ جي سامهون منهن تي ڪاروڪيو ويو هيو ته ان سڄي منظر جي وڊيو منظر عام ٿيڻ ڪري اهڙي خاندان جي بظاهر مهذب هئڻ جو ڀانڊو کلي پيو هيو. هاڻي جيڪڏهن سنڌ جا ويڪائو وڏيرا اقتدار جي حاصلات لاءِ  سنڌ جو سستو سودو سنڌ اسمبليءَ جي ايوان ۾ ڪن ٿا ته لکين لعنتن جا  ايس ايم ايس هر موبائيل جي ان باڪس ۾ پهچن ٿا جيڪي وري ٻين لکن ماڻن ڏانهن روانا ڪيا وڃن ٿا. پر اڃا تائين عوام جي ان ڄاڻ تائين رسائيءَ کي سگھ ۾ تبديل ڪري ان کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانو ناهي آيو.  

حڪمران طبقي وٽ پئسوهئڻ سان گڏ کين رياست جي طاقت (پوليس، فوج، عدليه، جيل، ٿاڻا، ملان مولوي) به ميسر آهن ته اهي ان طاقت جي ڏڍ تي عوام جي ڄاڻ واري عمل کي سماج ۾ لاڳو ڪرائڻ واري مثبت پاسي کي به بند ڏيئي بيٺا آهن.  شايد اهڙن ڳالهين جي ڪري مون سياسي ادب سرجڻ واري ڪم کي وقتي بريڪ هڻي ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي اها منهنجي ڀاڙيائپ آهي، سمجھوتو آهي، يا غلطي آهي ته انهن ڳالهين کي مان تسليم ٿو ڪريان ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪجھ نه ڪجھ ته منهنجي من ۾ هوندو. مان هڪ عام انسان آهيان، ٻچڙيوال آهيان، نوڪري پيشه آهيان ته ظاهر آ، خوف ۽ انديشه ته منهنجي من ۾ به آهن جيڪي مون کي پورو پورو سچ لکڻ جي اجازت ڪونه ٿا ڏين ۽ اتي مان پوئتي هٽي سمجھوتو ٿو ڪريان. ٿي سگھي ٿو ته اها منهنجي غلطي به هجي! پر منهنجي هميشه ڪوشش رهي آهي ته ڪڏهن به ڄاڻي واڻي غلط بياني کان ڪم نه وٺان، جي ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا ڳري آهي، ۽ ان کي ڪرڻ جي سگھ منهنجي بزدل دل ۾ ناهي ته پوءِ مان ان کي لفظن جي هير ڦير سان ڪندو آهيان يا جيڪڏهن بيان نه ڪندو آهيان تڏهن به ڪڏهن ڀلجي غلط مؤقف جي حمايت ناهيان ڪندو.  جڏهن مون کي ڪجھ ماڻهن جا رويا ڀانءِ ناهن پوندا ۽ منهنجي ڳالهين جو انهن جي طبيعت يا مزاج شريف تي به ڪو مثبت اثر ظاهر ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي هوندو ته مان اهڙن ماڻهن کان پاسيرو ٿي ويندو آهيان. ها البت اهڙن دوستن جي همت افزائي ڪرڻ کي پنهنجو فرض شمار ڪندو آهيان جيڪي سکڻ، سيکارڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ، يا صحيح ڳالهه کي مڃڻ جي سگھ رکندا آهن ته انهن سان وڌي چڙهي ميل ملاپ ڪندو آهيان. ڪجھ سالن کان مون کي اها ڳالهه به سمجھ ۾ آئي آهي ته جيستائين اسان وٽ تعليم ۽ تربيت جو ڪو جوڳو نظام يا سرشتو قائم نه ٿو ٿئي تيستائين مثبت تبديليءَ جي خواهش ته ڪري سگھجي ٿي پر زميني حالتن ۾ ڦير ڦار جو گھٽ امڪان ٿو رهي. ان معاملي جيڪي رڪاوٽون آهن اهي به ڪي لڪل ناهن. اسان جي حڪمران طبقن جو مفاد ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اڪثريت عوام کي علم، عقل، ڏاهپ، هنر، سوچ ۽ سمجھ واري رستن کان تمام پري رکيو وڃي. هو اهو ڪم وڏي ڪاميابيءَ سان  سرانجام ڏيندا رهيا آهن. هتي تعليم اندر به تمام وڏو طبقاتي نظام قائم ڪيو ويو آهي. پئسي وارن لاءِ خانگي شعبو آهي جيڪو تمام گھڻو مؤٿر آهي پر اهو ايترو ته مهانگو آهي جو  عام ماڻهون پنهنجي ٻارن  کي اهڙن ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ جي سوچ به ڌاري نه ٿا سگھن.  ٻئي پاسي عام ماڻهون جي اولاد  لاءِ محض سرڪاري تعليمي  ادارا آهن، جتي تعليم کان سواءِ سموريون برايون موجود آهن.

  هاڻي سڌارو اچي ته ڪيئن اچي، منهنجي پنهنجي خيال مطابق ته سرڪاري ادارن ۾ تمام سٺا محنتي، جذبي وارا، ايماندار ۽ پنهنجي ڪم کي مذهبي فرض سمجھي سرانجام ڏيڻ وارا به موجود آهن ته اهڙن دوستن کي ڳولهي هٿ ڪجي، انهن جي وچ ۾ ڪو رابطي جو جهان جوڙجي، کين مدد ڏجي، همٿائجي  ۽ سندن عقل ۽ علم ۽ هنر کان پرائجي ته ان نموني ڪجھ نه ڪجھ مثبت تبديليءَ جا آثار پيدا ڪري سگھجن ٿا. اهڙي ڳالهه کي مسجهندي ۽ مڃيندي مون پنهنجو سمورو ڌيان سنڌ جي تعليم ۽ ترقيءَ ڏانهن مرڪوز ڪري رکيو آهي. تمام وڏي ڪم جي شروعات هميشهه ننڍڙن ڪمن سان ٿيندي آهي. بيٺل پاڻيءَ ۾ ننڍڙو ڀٿر حرڪت پيدا ڪري وجھندو آهي سو مان اهو ڀٿر هڻڻ ٿو چاهيان. منهنجي دلي خواهش آهي ته قوم جي تعمير ۾ تعليم ۽ تربيت واري شعبن کي وسيع ڪجي، ايترو وسيع ته جيئن هر عام خاص ان مان بنا ڪنهن رڪاوٽ يا دير جي لاڀ حاصل ڪري سگھي. ان سلسلي ۾ مون جيڪي ننڍڙيون ڪوششون ڪيون آهن انهن ۾ تعليم ۽ تربيت جي واڌاري لاءِ مضمون لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائڻ، اهڙن سمورن لکيل مضمونن کي تمام گھڻن دوستن تائين پهچائڻ لاءِ وري سوشل ميڊيا کي ان سان سلهاڙڻ ۽ اهڙيون لکڻيو پنهنجي بلاگ (www.ameergul.wordpress.com)   تي اپ لوڊ ڪري فيس بوڪ تي ان جي لنڪ ڏيڻ شامل آهي. اهوئي نه پر مان ڪوشش ڪندو آهيان ته جيڪي ٻيا دوست تعليم ۽ تربيت سان سلهاڙيل ڪنهن به قسم جو مواد لکڻي يا تصويرن، ڪارٽونن جي شڪل ۾ فيس بوڪ تي اپ لوڊ ڪندا آهن ته انهن کي وڌ کان وڌ دوستن تائين پهچائڻ کي به پنهنجو فرض منصبي سمجھندو آهيان. سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ فيس بوڪ تي هڪ پيج

(EDUCATE SINDH-SAVE SINDH)  به جوڙي رکيو اٿم جنهن ۾  هنوقت 371 ميمبر آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ ٻيو تعليمي مواد ونڊيندا رهندا آهن. سنڌ جي تعليم جي سڌري ويئي ته پوءِ اسان کي سياسي پيچيد گين کي سمجھي ان مد ۾ صحيح رخ ۾ هلڻ لاءِ روشن واٽ ملي ويندي ۽ ڪوبه اونداهي جو رکوالو يا ترقي جو دشمن پنهنجي مذموم حرڪتن  وسيلي اسان کي ان راهه تان هٽائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگھندو.   ان ڪري منهنجو ايمان آهي ته تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪيل ڪم به حقيقي قوم دوست سياست جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي.  تعليم جي سڌري پوي ته اسين بنا ڪنهن وڏي جنگ ۽ جدل جي تمام وڏا معرڪا کٽي سگھون ٿا. ان ڪري تعليم ۽ ان سان گڏ تربيت، هنرمندي، حرفت، ٽيڪنالاجي کي اچو ته قوم جي معمارن ۾ عام ڪيون. اهڙي گس وٺڻ يا اختيار ڪرڻ تي ڪابه قانوني پابندي ناهي ويتر انساني ڀلائيءَ لاءِ جيڪي جوڙيل بين الاقوامي ادارا آهن اهي به مددگار آهن. جيڪڏهن اسان انهن تائين مؤثر رسائي ۽ ڳانڊاپي وارا ٽيڪنڪ سمجھي وٺون ته اهي اسان جي نه رڳو مالي مدد ڪندا پر ان سان گڏ اهي اسان کي مهارتن سيکارڻ وارو ڪم به ڪندا. سنڌي قوم کي تعيلم يافته ڪرڻو آهي، کين هنر مند بنائڻو آهي، انهن جي ڳچين ۾ جيڪي جهالت وارا ڳٽ پيل آهن انهن کي ٽوڙڻو آهي ان ڪري اچو ته ان ميدان ۾ عملي ۽ حقيقي پيش رفت ڪريون، هاڻي ڳالهين ڪرڻ جو وقت ناهي اوهان کي جيڪي صحيح سمجھ ۾ اچي ٿو سڀ کان پهرين اوهان پاڻ ان تي عمل ڪريو ۽ پوءِ جڏهن ٻيا اوهان کي سٺو ڪم ڪندي ڏسندا ته اهي به ائين ڪرڻ لڳندا. ان ڪري سٺي ڪم ڪرڻ جي شروعات پنهنجو پاڻ کان ئي ڪرڻو آهي، ان لاءِ سڀاڻي جو انتظار اجايو آهي. جيڪا ڳالهه اوهان سمجھو ٿا ته سٺي ۽ فائدي مند آهي ان لاءِ هاڻي ئي شروعات ڪريو.

سنڌ جي ادبي دنيا جا خدا!

ڪالهه هڪ پروفيسردوست پاران فيس بوڪ تي ونڊيل سندس شاعريءَ تي ڳالهه ٻولهه پئي هلي. اهو منهنجو دوست ان معاملي ۾ لڪل لعل نڪتو. ايامن کان شاعريءَ جي ديوي مٿس مهربان ڪونه ٿي هئي پر اوچتو مٿس الهام ٿيڻ لڳو ته چار چڱا شعر لکي ورتائين. مون به حال سارو سندس اهڙي تخليق تي پنهنجي ننڍڙي عقل ۽ فهم ۽ علم مطابق تبصرو ڪيو هو. اسان جي ان شاعر کي شڪايت هئي ته اڃا تائين سندس شاعريءَ تي سندس شهر جي وڏن شاعرن پاران ڪوبه تبصرو ناهي آيو. مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون زمين جي ڌوڙ مان نڪتل ۽ هڪ گمنام شاعر آهين، تنهنجو شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪو ڌاڪو ويهاريل به ڪونهي، سو تون ڪيئن ٿو اهڙا اڻ ٿيڻا خواب ڏسين. مان پنهنجي حياتي ۾ انهن مڃيل مڃايل، اعلى درجي جي شاعرن ۽ اديبن ۽ دانشورن پاران ڪنهن چڱي ڀلي شاعر جي شاعري تي ڪو تبصرو ناهي پڙهيو،  ته تون وري ڪهڙي باغ جي موري آهين. اسان جا اهي عظيم شاعر ۽ اديب ان ڪري ئي ته آهن جو ماڻهون سندن تخليقن تي تبصرا ڪندا آهن، آرٽيڪل لکندا آهن. سندن شاعري جي تهن تائين پهچي ان ۾ لڪل موتين جي مالها کي ڳولهي تحقيق ڪندا آهن. اهي ڪڏهن ڀلجي ڪري به ڪنهن نئين ٽهي جي يا ٻئي ڪنهن ايري غيري جي شاعري يا تخليق تي ناهن ڳالهائيندا. پر جيڪڏهن مجبوري تحت ڪجھ ڳالهائڻو به پوندو اٿن ته سندن ڳالهه جو لبي لباب اهو هوندو آهي ته ”اهو فلاڻو اديب ان ڪري عظيم هو ڇوته اهو سندن يار هو دوست هو يا پيالي ڀائي هو. جيڪڏهن هو سندن صحبت ۾ نه هجي ها ته کيس ڪو سڃاڻي به نه ها!!!  اهي صرف اهڙن محفلن ۾ ويندا آهن جن ۾ هو ياته صدارتي ڪرسيءَ تي ويهاريا ويندا آهن يا مهمان خاص هوندا آهن. اعزازي مهمان طور تي به لاچار ڪڏهن ڪڏهن مجبوري ڪري ويهڻ جو جوکم کڻندا آهن. سڄي سنڌ ته سنڌ پر هند جي اديبن کي به خبر آهي ته اسان جي سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪي عظيم شاعر، اديب، دانشور به آهن ته اهي ئي آهن. ان ڪري ئي ته جڏهن هندستان يا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سنڌي اديبن، دانشورن جي ڪا گڏجاڻي ٿيندي آهي ته انهن چند ماڻهن کي ئي دعوتون ملنديون آهن. جواب ۾ جڏهن ڪو ٻاهريون ڏاهو هت ايندو آهي ته اسان جا هي ڏاها ان کي ڪُتِ اديبڙن کان لڪائي رکندا آهن يا کين ڪن مخصوص ماڻهن سان ملائيندا آهن.

ان کان سواءِ به ڪجهه ڳالهيون منهنجي نڙگھٽ ۾ ڦاسي پيون آهن. مون جهڙي منڪر کي الائي ڇو اهو بي ڪار قسم جو خيال اندر ۾ اچي پيدا ٿيو آهي ته اهڙن ا ديبن جي سموري شاعري ۽ نثر مان الائي ته ڪجھ حاصل به ٿئي ٿو يانه…؟؟!!!آخر هي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ ٿا گھرن، سندن لکڻين جو آخرڪار ڪهڙو ڪارج آهي. منهنجا ڪجھ دوست آهن جيڪي فيس بوڪ تي دل جون ڳالهيون لکندا آهن. انهن ۾ شڪارپوري مٽيءَ مان ڳوهيل حسام ميمڻ ۽ خيرپوري خمير مان اسري آيل امر فياض ٻرڙو جا ٻه نالا مثال طور تي لکان ٿو. مون کي سندن لکڻين ۾ برسات بعد مهڪيل مٽيءَ جي سڳند ته ايندي ئي آهي پر ان کان به وڌيڪ لطيف، سچل، يوناني فلسفو، صوفيت، ماديت، روحانيت، سنڌ دوستيءَ جا جيڪي سبق مون کي انهن جي گمنام لکڻين مان ملندا آهن اهي اسان جي عظيم اديبن جي ڪتابن ۾ ناپيد آهن.  ڪاش ته اسان جا اهي ادب جي دنيا جا خدا سندس ڳالهين جي اثر پذيريءَ تي ئي غور ڪن ته کين خبر پئجي ئي ويندي ته ڪيتري ويهين مان سؤ جڙندو آهي.

 مون کي ڪنهن اهڙي اديب، دانشور، ڏاهي جو نالو گھرجي جيڪو سنڌ جي آسمان تي جڳمائيندڙ عظيم تاري کان ٿورڙو مٿي هجي ۽ اسان وڏي فّخر سان سندس ڪم کي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي وڏن ناليوارن اديبن جي آڏو پيش ڪري سگھون؟ مان اعتراف ٿو ڪريان ته مان پاڻ به ڪو وڏو پاڙهو ناهيان جنهن دنيا جي عظيم ادب جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي هجي. ها البت مون کي دنيا جي عظيم دانشورن پاران پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪيل ڪم جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. مون کي خبر آهي ته اهي عظيم ڪو هڪ اڌ ڪتاب لکي ڪونهن ٿيا پر انهن پنهنجيون پوريون حياتيون پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون. ان کان پوءِ ئي کين مڃتا ملي هئي. پر اسان جي سنڌ جا اديب ته ڪنهن ورڪشاپ يا سيمينارلاءِ لکيل  مقالن جي ڪتاب کي ڪن ادارن پاران ڇپرائڻ ۽ انهن کي سهيڙڻ واري ڪم کي پنهنجي ذاتي تحقيق ۽ تخليق چوڻ کان ناهين ڪيٻائيندا!!!

 اسان جا سمورا اديب پنهنجي ليکي سنڌ دوست آهن. اهي شاعري توڙي نثر ۾سنڌ تان هزارين جانيون قربان ڪندڙڏٺا ويا آهن،  پر جڏهن ماحول ۾ ڪجھ تپش ايندي آهي ته اهي سياڻا اديب پنهنجا هٿ ڪوٽ جي کيسن ۾ وجھي ڇڏيندا آهن، جت سندن آڱريون جڏهن ڪڙڪيدار نوٽن کي ڇهنديون آهن ته سندن انگ انگ خوشيءَ ۾ جھومڻ لڳندو آهي.

 ها البت کين ميڊيا ۾ رهڻ جو تمام سٺو سليقو ايندو آهي. جڏهن علي قاضي صاحب کي اهو الهام ٿيو هيو ته هو سنڌ جو عظيم ڏاهو ۽ اڳواڻ آهي ۽ ان سنڌ جي شهرن جا دؤرا ڪيا هيا ته اسان جا اهڙا اديب سندس ڪنهن به محفل مان غير حاضر رهي سنڌ دشمني ڪونه ڪندا هيا. هنن سنڌ جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ پنهنجا گروپ جوڙي رکيا آهن ۽ وقت اچڻ تي هڪ ٻئي جي شان ۾ شاندار قصيدا گوئي ڪندا آهن.   پر الائي ڇو منهنجي ان دوست کي اها ڳالهه سمجھ ۾ ڇو ڪونه پئي آئي ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي هي چند وضاحتي سٽون لکڻيون پيون آهن ته خدا جي واسطي سنڌ جي ادب جي آسمان تي رهندڙ خدائن جي خانقائن ڏانهن ڏسڻ بدران اسان جهڙن معمولي ماڻهن جي ڪيل تبصرن تي ئي گذارو ڪري.

تعليمي ترقي جو راز

اسان جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ ڪي استاد ۽ پروفيسر هيڊ ٽيچر، پرنسپل، وي سي ٿيڻ جا شديد خواهش مند هوندا آهن. انهن مان اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هوندي آهي جن جو مقصد يا جن جي ترجيح اها ناهي هوندي ته ادارن اندر، تعليمي سڌارا، واڌارا آڻجن يا ترقي ماڻجي. هو اها پوزيشن ان ڪري حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن ڇوته ان سان معاشري ۾ عزت ملندي، ماڻهون جو قد وڌي ويندو آهي. اداري ۾ مٿين جاءِ ملڻ ڪري سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي تي حڪم هلندو آهي ۽ ٻيو ته پڙهائڻ واري ”جھنجھٽ“ مان جان آجي ٿي پوندي آهي.  اداري جو سربراهه ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهون کي اداري جي اڪائونٽ ۾ رکيل يا ايندڙ يا ملندڙ پئسن تي دسترس حاصل ٿي ويندي آهي، ۽ اها ئي ڳالهه اهڙن ماڻهن لاءِ سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ڪشش واري هوندي آهي. هو ان پئسي کي اداري تي خرچڻ بدران پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.   سنڌ ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهون ملي ويندا جن ٻنهي هٿن سان ادارن جي مالي ڀينگ ڪئي هوندي. سکر ۾ هڪ رٽائرڊ حاجي صاحب مشهور آهي، جيڪو آمريڪي طوفان سنڊيءَ جهڙو هو، جتي رهيو اداري جي ڀينگ ڪري ويو پر رٽائر ٿيڻ بعد به سرڪار جي جان ڪونه ڇڏيائين، هنوقت به وڏي شان ۽ شوڪت سان سرڪاري اسڪول جي عمارت تي سندس قبضو برقرار آهي۽ هو ان کي پنهنجي ذاتي نالي تي منتقل ڪرائي ٺٺ سان ويٺو آهي. اهڙا عملدار ان نيڪ ڪم ۾ ڪي اڪيلو ناهن هوندا. اهي پنهنجي ان ”پاڪ“ ڪمائي مان ”جائز“ حصو پاڻ کان مٿي عملدارن وٽ به وڏي ايمانداريءَ سان پهچائيندا آهن، جڏهن ته استادن جي يونين کي راضي رکڻ جو فن به کين ايندو آهي. مون کي ذاتي تجربو آهي ته ڪاليج سطح جي استادن جي تنظيم ڪيئن نه اهڙن ڪرپٽ پرنسپلس جي حمايت ڪندي رهي آهي.  هاڻي جڏهن حالتون ان نهج کي پهتل هجن ته ”عالم جا ابا تو ٽنگون ٽيڙيون بندا ڇا ڪندا“ ته سنڌ ۾ تعليمي سڌارو ڪيئن اچي.

ان سان گڏ هڪ تمام ننڍڙو حلقو اهڙو به آهي جيڪو ايماندار آهي، اهو سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ جو دلي خواهش مند به آهي، وٽن جذبو به آهي پر اهي ڏاڍا ڏنل آهن هو سمجھن ٿا ته ان هاٽ سيٽ تي ويهي ڪهڙي نموني تعليمي لاش مان ماس روڙي کائيندڙ ڳِجھيُن ( ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن) کي رازي ڪري سگھندا جن جو دين ايمان ڍونڍ کائڻ آهي.  اهي سمجھن ٿا هو جڏهن ان حيثيت سان چارج وٺندا ته پنهنجي لاءِ نه پر انهن ڄؤرن لاءِ کين پاڻ به بي ايمان ٿيڻو پوندو. ان ڪري هو جائز نموني سمجھن تا ته اهڙي ماحول ۾ هو ڪجھ به ڪرڻ جي قابل ناهن ان ڪري اهي ڪنڊ وٺي ويهي رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.

هن ملڪ ۾قانون، انصاف، ايماندار، سچائي، وفائي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ وارو جيڪو رواج هيو اهو ڪڏهڪو دفن ٿي چڪو آهي. جت بالا آفيسر،مٿيان ويٺل ڪامورا، وزير صاحب ۽ انهن جا واٺا ان گندي گپ ۽ گيچڙ ۾ گوڏي تائين گتل هجن ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ مثبت تبديليءَ جي محض خواهش ئي ڪرڻ کي به گناهه شمار ڪيو ويندو آهي.

پر فطرت ڪڏهن به سنڍ ناهي رهي، گند ۾ به ڪنول گل ڦٽي نڪرندا آهن. معاشرو ڪيترو به ڪري پوي پر پوءِ به ڪي بهادر، سچار، ايماندار، ڪاريگر انسان بهرحال هوندا آهن جيڪي رسڪون کڻي به معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي پنهنجي ذاتي انائن، پسند ناپسند کي پاسيرو رکي، مال مڏي ميڙڻ وارن جبلي خواهشن کي ٿڏي ڪن سنهري اصولن تي عمل کي پنهنجو ايمان سمجھندا آهن. ڳولهڻ سان پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين اسان جي تعليمي شعبي ۾ اهڙا ايماندار ماڻهون ملي ويندا جن نور نچوئي ملڪ اندر يا ٻاهر ڏيهان ڏيهه مشهور ادارن مان لاڳاپيل شعبي سان ٺهڪندڙ ڊگريون ٽريننگون حاصل ڪيون آهن. جن وٽ ادارن جي اڳواڻي وارو ادراڪ به آهي ۽ اهي ان قابل آهن ته سنڌ جي تعليمي اوج کي واپس ورائي سگھن.   ڪاش ته اسان جو معاشرو  اهڙن ماڻهن کي سڃاڻي کين سندن جائز مقام ڏئي. اسان جا سياستدان ايماندار، محنتي ۽ هنرمند ماڻهن جو قدر ڪن ۽ کين اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپلس ۽ وي سي جي عهدن تي مقرر ڪن،  کين سمورا گھربل اختيار به ڏنا وڃن ته زوال ڏانهن سفر ڪندڙ سنڌ جو تعليمي نظام جيڪر وري نئين جوش ۽ جذبي سان زندهه ٿي وڃي ۽ اسان جي تعليمي ادارن جي شڪل ئي مٽجي وڃي.

Image

مان تمام ننڍي عمر جو هوم ۽ ان عمر جون تمام گھڻيون ڳالهيون هاڻي منهنجي ذهن ۾ محفوظ ناهن پر هڪ ڳالهه چڱي طرح ياد آهي ته هڪ دفعي جڏهن بابا سان خيرپورشهر ويو هوم،  شايد آچر جو ڏينهن هيو ته بابا پنج گولي چوڪ تي جڙيل ٽالپر ٽاڪيز جي مارننگ شو ۾ مون کي به فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو هيو، پر مون کي ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه پئي آئي ۽ مون وٺي روئڻ شروع ڪيو هيو جنهن ڪري بابا کي اها فلم هاف شو ۾ ئي ڇڏڻي پئي هئي. پوءِ جڏهن ٿورڙو سمجھ ڀريو ٿيو هوم ته ان ساڳي فلمي دنيا  لاءِ منهنجي من ۾ تمام گھڻي ڪشش پيدا ٿي پئي هئي. اسان جو تمام ويجھو عزيز ۽ بابا سائينءَ جو شڪاري (شڪار ڪندڙ) دوست  مرحوم مومن جي سنگت ٽالپر سئنيما جي مالڪن سان هوندي هئي. موصوف مير صاحبان سان گڏجي شڪار وغيرهه ڪندو هيو ۽ اهي به سندس تمام گھڻي عزت ڪندا هيا. مومن اڪثر ڪري آچر واري مارننگ شو لاءِ ٻه ٽي فل فري پاسون وٺندو هيو ۽ اسان کي فلم ڏسڻ جو موقعو به ملي ويندو هيو. جڏهن عيد ايندي هئي ته اسان کي بس اها اڻ تڻ هوندي هئي ته جلدي عيد نماز پڙهي سئنيما گھر تي پهچي ٽڪيٽ وٺي فلم ڏسون ائين نه ٿئي ته رش وڌي وڃڻ ڪري يا ته ٽڪيٽ وٺي نه سگھون يا پوءِ اهي بليڪ تي خريد ڪرڻيون پون.  انوقت اسان جي سوچ ئي اها هوندي هئي ته جي فلم نه ڏٺوسين ته پوءِ عيد ئي ڪهڙي چئبي. هاف شو ٿيندي ئي مختلف شين وڪڻندڙن جا هر پاسي کان هوڪرا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا ۽ اهي وڏي ڦڙتي ۽ چالاڪي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندا هيا. نوجوانيءَ واري دؤر ۾ جڏهن منهنجو ناتو ڪراچيءَ سان جڙيو هيو ته ان وقت منهنجو فلمي شوق به عروج تي هوندو هيو. منڍ ۾ ته مون کي پاڪستاني فلمون سٺيون لڳنديون هيون پر پوءِ مان انگلش فلمن جو ديوانو هوندو هوس. خاص ڪري جيمز بانڊ سيريز جون جاسوسي فلمون،  انڊيانا جونز جون ايڊونچر موويز، جيڪي چن جون ايڪشن ۽ مزاحيه فلمون، بروس لي، بريٽ لي جون گنگ ڦو، جوڊو ڪراٽي جون فلمون، ٻي جنگ عظيم جي پس منظر ۾ جوڙيل موويز هنڊريڊ رائفلس، وان ريان ايڪسپريس، ريڊرس آف تي لاسٽ آرڪ، وغيره. ڪراچي جي خاص ڪري ٽن سئنيما هالن سان ته منهنجي جهڙوڪر ويجھي مائٽي هوندي هئي. نشاط، جنهن جي ويڪري عمارت، ان جو مڪراني بلوچ عملو، ويڪرو اسڪرين، بهترين سائونڊ سسسٽم، ٻئي نمبر تي ڪيپري سئنيما،  جنهن ۾ خاص ڪري وڏي بجيٽ واريون انگريزي معياري فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون هيون.  ٽين اسٽار سئنيما هوندي هئي، جيڪا پڻ مون کي ڪنهن نئين نويلي ڪنوار وانگر لڳندي هئي. ان کي ڊاهي شاپنگ پلازهه جوڙي ويئي آهي.انهن سئنيما هالن سان محض  منهنجي انسيت ئي نه هئي پر مون وانگر انهن جا هزارين چاهيندڙ هيا. جڏهن اسٽار سئنيما کي مسمار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو ته ان جو مالڪ زار و قطار روئي ويٺو هيو. کيس به پنهنجي تخليق اولاد وانگر پياري هئي.  ڪا خوبصورت تخليق ڊهڻ جو دک،درد، اذيت جو ادراڪ تخليقڪار کي ئي ٿيندو آهي.  ان کان سواءِ پاڪستاني فلمن لاءِ وري هڪ پوري گھٽي هوندي هئي جتي شايد پندرنهن سئنيما هال قطار درقطار هوندا هيا ۽ سندن وڏا وڏا پوسٽر ڪنهن ميلي جي ڏيک ڏيندا هيا. منجھند کان پوءِ رات جو ٻارهين بجي تائين اهو علائقو آباد رهندو هيو. رڪشائن، ٽانگن ۽ ٽيڪسين وارا آخري شو ڏسي نڪرندڙ ماڻهن جو انتظار ڪندا هيا ته جيئن اهي به پنهنجو آخري ٽرپ هڻي وٺن ۽ اهي ڪڏهن به مايوس نه موٽندا هيا هڪ نه ته ٻيو ماڻهون يا فيملي کين ملي ئي ويندي هئي ۽ سندن ڏهاڙيءَ ۾ ڪجھ وڌيڪ آمدني جوڙ ٿي ويندي هئي.  فلمي ناقدين جو چوڻ آهي ته سٺ وارو ڏهاڪو پاڪستاني فلمي دنيا ۽ سئنيما جو سنهري دؤر هيو. ڪراچي جي سئنيما سان پنهنجي ڪنهن پيارن وانگي چاهيندڙ ٻڌائين ٿا ته انوقت جي ناز سئنيما (بندر روڊ تي جتي هاڻي ناز پلازهه آهي) ۾ پهرين رنگين فلم ”آوارهه“ رليز ٿي هئي ته فلمي شوقين هڪ رات اڳ ئي لائين ٺاهي روڊ تي  ڪناري بسترا وڇائي سمهي پيا هيا ته جيئن هو ٻئي ڏينهن تي ٽڪيٽ کان محروم نه رهجي وڃن. ڪراچي جي قديم سئنيما هالن ۾ نشاط سئنيما جي حيثيت اڳواڻ واري رهي آهي جنهن جو افتتاح بانيءِ پاڪستان جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي هٿان 1947ع ۾ ٿيو هيو. بمبينو پاڪستان جي پهرين 70 ملي ميٽر اسڪرين رکندڙ سئينيما هئي جنهن جو افتتاح 1967ع ۾ انوقت ملڪ جي صدر ايوب خان جي هٿان ٿيو هيو.  انوقت جا ناليوارا ڳائڻا جهڙوڪر مهدي حسن، احمد رشدي، مالا، نورجهان، رونا ليلى، فلمي صنعت جي پس پردهه موسيقي جي جان بڻيل هيا ته ٻي پاسي اداڪارن ۾ نديم، وحيد مراد، محمدعلي، مصطفى قريشي، لهري، رنگليلو، سڌير،  اعجاز، اقبال حسن، ۽ ٻيا اداڪاري جي ڪري سئنيما هالن جي پرده اسڪرين جي زينت بڻيل هيا. هيروئنن جي به وڏي قطار آهي مختصرن شميم آرا بيگم، زيبا، شبنم، سنگيتا، ڪويتا، انجمن، مسرت شاهين، ديبا، روزينه، فردوس، وغيره چوٽ تي چڙهيل فنڪارائون هونديون هيون جيڪي پنهنجي ناز و انداز سان ڏسندڙن جي دل وندرائن جو ڪم وڏي مهارت سان سرانجام ڏينديون هيون. پاڪستاني فلمون گولڊن جوبلي، پلاٽينم جوبلي کان وٺي ڊائمنڊ جوبلي (هڪ سؤ هفتن) تائين بزس ڪنديون هيون. ڪيئي فلمي رسالا نڪرندا هيا جن ۾ فلمن تي تبصرا، تنقيدون، تعريفون تحرير ٿيل هونديون هيون. روزاني جنگ اخبار جا گھٽ ۾ گھٽ ٻه عدد صفحا فلمي مشهوريءَ لاءِ وقف ٿيل هوندا هيا. ريڊيو تي فلم جي مشهوري لاءِ پروگرام هلايا ويندا هيا. ننڍن ننڍن شهرن ۾ گھوڙي گاڏين تي فلمي مشهوري لاءِ لائوڊ تي اعلان ڪيا ويندا هيا. شام ٿيندي ئي سئنيما هالن جي آس پاس ماڻهن جا هشام گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا هيا ۽ مختلف شيون وڪڻندڙن جون قطارون لڳي وينديون هيون. مطلب ته سئنيما جو هڪ پورو وڻندڙ ڪلچر هوندو هيو. اڄ ڪالهه جيڪي علائقا جن نالن سان مشهور آهن اهي انهن سئنيما هالن جي ڪري آهن. جيئين سکر ۾ شاليمار، ريجنٽ، نشاط جڏهن ته ڪراچي۾ ريگل، ڪيپيٽل، جوبلي وغيره،  بس هاڻي انهن جا نالا ئي رهجي ويا آهن.

ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته وڏن شهرن جي ڪنهن وڏي سئنيما گھر تي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سؤ ماڻهن جي روزيءَ جو دارومدار هوندو هيو. هاڻي نه سي وؤئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون…..

هونئن به فلمون محض دل کي وندرائڻ جو نالو ئي ناهن پر اهو تاريخي واقعن کي هڪ مؤثر نموني محفوظ ڪرڻ، ڪروڙين عوام کي سهل نموني ڪي پيچيدهه مسئلا سمجھائڻ جو ذريعو به  آهن. هڪ آمريڪ فلم ساز جو اهو چوڻ واقعي به سچ ٿو لڳي ته ”فيچر فلم نوي منٽن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريندي آهي جيڪو سوين ڪتاب نوي سالن ۾ به نه ڪري سگھن“. پر ان لاءِ هنرمند ماڻهون گھرجن، باصلاحيت انسان هجن جيڪي فلم جي سڀني شعبن  جا ڄاڻو هجن. پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هونئن ته ڪيئي سٺيون فلمون جڙيون، ڪامياب ويون ۽ انهن ماڻهن جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪايو پر انهن ۾ چند هڪ تمام اهم آهن جن نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي به پاڻ مڃايو. انهن فلمن ۾ رياض شاهد جي زرقا، جيڪا فلسطين جي پس منظر ۾ ٺاهي ويئي هئي جنهن ۾ هڪ گانو رقص زنجير پهن ڪر بهي کيا جاتا هي شامل هيو. اهوڪلام دلير عوامي شاعرحبيب جالب  ملڪ جي هڪ تمام ناليواري ،مشهور فنڪارهه پاران غيرملڪي سربرراهه  سامهون ڊانس ڪرڻ جي انڪار تي لکيو هيو جنهن جي فرمائش انوقت جي پاڪستاني سربراهه پاران ڪئي ويئي هئي. رياض شاهد مرحوم اهو واحد پاڪستاني هدايتڪار هيو جنهن پاڪستان ۾ ڪنهن حد تائين آرٽ موويز ٺاهڻ جون ڪوششون به ڪيون هيون جنهن ۾ يه امن به شامل هيو. ان فلم جو هڪ گانو ” ظلم رهي اور امن بهي هو ڪيا ممڪن هي تم هي ڪهو“ جهڙا حقيقت پسند ٻول به شامل هيا . ان کان پوءِ شعيب منصور جون فلمون خدا ڪي لئي،  جنهن ۾ مذهبي تشدد پسنديءَ جا وکا پڌرا ڪيا ويا هيا پاڪستان جي سئنيما کي وڏو سهارو ڏنو هيو. ان فلم نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي سئنيما ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڏيکاريو هيو. ان بعد هن صنفي حساسيت تي  ”بول“ جهڙي انمول فلم ٺاهي ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو.   جاويد جبار پاران ”رامچند پاڪستاني“ به هڪ سٺي ۽ ڪارائتي ڪوشش آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ لڳايل سرحدن واري لڪير جي بنياد تي عام ماڻهون جي ڀوڳنا کي فوڪس ڪيو ويو آهي. ڪو وقت هيو ته سنڌي فلمون به پنهنجو هڪ الڳ مقام رکنديون هيو. هڪ اڌ سنڌي فلم ته سلور جوبلي به ڪئي هئي. مشتاق چنگيزي، چڪوري جي بي مثال جوڙي هوندي هئي ۽ انهن سان گڏ ملڪ انوکو مزاحيه ڪردار ادا ڪندو هيو. پاڪستاني ۽ خاص ڪري سنڌي فلم جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته اهي سنڌي فلمن جي پهرين هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو سوانحي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ضرور پڙهن. پاڪستان جي فلمي دنيا جي طلسمي رنگن، لاهين چاڙهين جو ذڪر وري علي صفيان آفاقي پنهنجن لکڻين ۾ جاندار نموني ڪيو آهي. سئنيما جي عروج وقت سکر شهر ۾ ڇهه عدد سئنيما هال؛ ريجنٽ، شاليمار، حفيظ، امپريل، نشاط ۽ پيراڊائيزهوندا هيا. انهن ۾ شالميار جو شمار جديد سئنيما هالن ۾ ٿيندو هيو جنهن ۾ ايرڪنڊيشن به لڳل هوندي هئي. هاڻي شاليمار جي جاء تي شاليمار پلازهه، حفيظ جي جاءِ تي رشنا سينٽر، (جنهن ۾ رشنا ٿيٽر اڃا به موجود آهي پر اها بند آهي)، امپريئل سئنيما جي پلاٽ تي گليمر سينٽر جوڙيو ويو آهي. امپريل سئنيما سکر جي سئنيما تاريخ ۾ هڪ تمام اهم مقام رکي ٿو.  جنهن ۾ انوقت جو شاندار ڪامياب انگريزي فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون هيون. ان سئنيما جو وڏو پردو ۽ جديد سائونڊ سسٽم ۾ فلم ڏسڻ جو جيڪو مزو هوندو هيو ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي. ائين لڳندو هيو ته فلم ڏسندڙ به فلم جو ڪو ڪردار ئي آهي.  پيرڊائيز سئنيما  هال جي جاءِ تي مارڪيٽ ۽ ان مٿان مدرسو جوڙيو ويو آهي. ريجنٽ کي ڊٿي به سال ٿي ويا آهن جنهن جي پلاٽ تي ان جو ڪاٺ ڪٻاڙ اڃا به موجود آهي.  نشاط سئنيما کي واهيات فلمن هلائڻ سان جيئري رکڻ جي ڪوشش ته ڪئي ويئي پر اها ڪامياب نه ويئي ۽ هاڻي اها به بند آهي.

پاڪستان فلم انڊسٽري جو ڏيوالو ته جنرل ضياء الحق جي دؤر ۾ نڪري چڪو هيو جڏهن هن ملڪ اندر نام نهاد اسلامائيزيشن جو تجربو ڪيو ويو هيو. ان دؤر ۾ سنسر کي تمام سخت بڻايو ويو هيو ۽ فلمن مان گليمر جو مڪمل نموني ڳلو ڪپيو ويو هيو. هيرو ۽ هيروئڻ کي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائڻ جي اجازت به نه هئي. ڪنهن گاني جي ڊراپ سين ۾ هيرو هيروئن پري کان هڪ ٻئي ڏانهن ڊوڙندا ايند هيا ۽ آخر ۾ هڪ ٻئي سان پٺي ملائي بيهي رهندا هيا.  ويتر ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ان نئين ٽرينڊ ڪيو هيو جيڪو پاڪستاني فلمن ۾ آندو ويو هيو،  جيڪو انوقت جي حاڪمن جي طبيعت سان ٺهڪندڙ به هيو.  اهو هيو مارڌاڙ سان ڀرپور فلمن جي ڀرمار، جنهن ۾ ”چار خون دي پياسي“ ۽ ”مولى جٽ“  وغيرهه قسم جي فلمن جي نمائش. اهڙن فلمن ۾ هيرو وڏو گنڊاسو (ڪهاڙو) کڻي وتندو هيو ماڻهون ماريندو. فلم جي هيرو جي ڪا ڀيڻ لنڊن ۾ ڪن غنڊن جي گھيري ۾ اچي ويندي هئي ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي سڏيندو هيو”ويراااآ“ ته جادوئي نموني مولا جٽ بمع پنهنجي غنڊاسي ۽ گھوڙي سان بنا ڪنهن دير جي اتي پهچي انهن بدمعاشن کي سبق سيکاريندو هيو. انهن فلمن جو عڪس انوقت هٿوڙا مار گروپ جي شڪل ۾ ملڪ اندر ظاهر ٿي پيو هيو. ڪي اڄاتل قاتل رات جي وڳڙي ۾ گھٽين ۾ ستل ماڻهن جي مٿن کي هٿوڙن سان چٿي گم ٿي ويندا هيا. هونئن به ڊڪٽيٽرن کي ملڪ اندر خوف و هراس، دهشت، بيگانگي ڏاڍي راس ايندي آهي.   فلمي گانن، ڊانسن، اداڪاري، هدايتڪاري، ڊبنگ، ڦوٽوگرافي جا سمورا شعبه غير معياري هئڻ ڪري فلمي شائقين ڏاڍا مايوس موٽندا هيا. ويتر ملڪ اندر وي سي آر تي پاڙيسري ملڪ ۽ پوري دنيا جي فلمي يلغار ٿي ته انهن هيرا منڊيءَ جي بروڪر نما فلمسازن جي هڪ هٽي کي ٽوڙي وڌو ۽ ماڻهن جو ڌيان وڏي اسڪرين کان ننڍي اسڪرين طرف وڌندو رهيو.   ملڪ اندر ٺهندڙ غير معياري فلمن، ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن، بجلي، مينٽيننس، پگھارن جي ادائيگي سان گڏ ڀته خورن جي فرمائشن ڪري سئنيما انڊسٽري تمام وڏي بحران جو شڪار ٿيندي رهي. رڳو گذريل ڪجھ سالن اندر ئي ڪراچي جي 31 سئنيما هالن کي ڊويلپرس خريدي انهن جي جاين تي پلازهه جوڙائي ڇڏيا آهن. پر ان هوندي به پاڪستاني سئنيما ڪنهن نه ڪنهن نموني تمام ٿورو ئي سهي پر پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي آئي. ڪڏهن هالي ووڊ ۾ ٺهندڙ فلمون هلائي ته وري ڪڏهن پاڙيسري ملڪ جي بالي ووڊ جي فلمن جي نمائش سهاري پر ان سئنيما جي ڪفن واري پيتيءَ ۾ آّخري ڪوڪو سيپٽمبر 2012 جي 21 تاريخ تي ناموس رسول صلعم جن جي نالي ۾ ڪڍيل جلوسن ۾ هنيو ويو جڏهن عقل، علم، دانش، ڏاهپ، ادب، آرٽ، موسيقي جي دشمن قوتن پاڪستان جي ڏهن سئنيما هالن جن ۾ ڪراچي جا ڇهه سئنيما گھر به شامل هيا ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيا هيا.  هاڻي نه رهي بانس نه بجي بئنسري، يا بقول لطيف سائين جي ته نه سي وؤڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون پسي بازاريون هنيون مون لوڻ ٿئي. سائين امرجليل يا انور مقصود کان ڪو اڄ سندن درد جي ڪٿا پڇي جيڪي ان سڄي دؤر جا اکين ڏٺا شاهد ئي نه پر عاشق رهيا آهن. پر اهي چند ماڻهون ئي ڇو فلمي دنيا جا ته هزارين نه پر لکين ماڻهون ديوانا رهيا آهن جن جون ڪيئي قيمتي يادون فلمن ۽ سئنيما گھرن سان وابسته رهيون آهن.  جڏهن انهن سئنيما گھرن کي باهيون ڏيئي ڀسم ڪيو ويو ته ڄڻ اهي سموريون ساروڻيون به سڙي خاڪستر ٿي ويون. خبر ناهي ڪن ماڻهن کي پنهنجن جذبن جي مجروح ٿين جي وڏي ڳڻتي رهندي آهي پر اهي ٻين جو اندر جلائي ڪوئلو ڪري الائي ڪيئن خوشي حاصل ڪندا آهن. ملڪي سئنيما گھرن کي تباهه وبرباد ڪري انهن ڪيمنن انسانن کي الائي ڪهڙو نقصان پهتوجن رسول ڪريم صلعم جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي.

هاڻي ڪراچي اها آرٽ، موسيقي، فلم، وندر، سيرتفريح واري ڪٿي رهي آهي. هڪ پاسي شهري داداگير آهن جن جي هٿن ۾ بندوقون آهن جيڪي هر چرندڙ پرندڙ ماڻهون تي اک رکيو پيا اچن ۽ کانئن ڪيئي حيلن بهانن ڀته پيا وصول ڪن ته ٻي پاسي مذهبي جنونين جا مٿي ڦريل جٿا تيار ٿي ويا آهن، جن جي خيال ۾ هنن کي ئي بس اهو حق آهي ته هو جيئن چون ماڻهن جو فرض آهي ته اکيون بند ڪري سندن پوئيواري ڪن جيڪو ائين نه ڪندو اها ڪافر ۽ زنديق هوندو. 

 فلم، موسيقي، ادب، آرٽ، ڊانس، لوڪ ناچ، ڳيچن جهڙا انڊلٺي رنگ جيڪڏهن سماج اندر نه هجن ته اهو هڪ ٻسو، بي چس، ڇسو سماج ئي هوندو جت روح جي راحت ڏيڻ لاءِ سواءِ خود ڪشيءَ جي ڪو گس ئي ناهي بچندو. هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ هر شهر جي هر چوڪ تي ڪي خنزير نما ماڻهون بيٺل هجن جيڪي عام ماڻهن کي ڏنڊن ۽ باٺن سان هر وقت ائين ڪٽيندا رهن جيئن ڪو ڌنار پنهنجي مال جي ڌڻ کي سنئين دڳ تي هلائڻ لاءِ ڪندو آهي.

جيل هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي قيدي پنهنجي زندگيءَ جا ڏهاڙا هڪ مخصوص ماحول ۾ گذارڻ تي مجبور ڪيا ويندا آهن. انهن مان ڪي ڪي باشعور، پڙهيل لکيل باندي،  رونما ٿيندڙ واقعن کي قلم بند ڪندا رهندا آهن، جيڪي پوءِ ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي اسان جي هٿن تائين اچي پهچندا آهن، جن کي اسان جيل جون ڊائريون چوندا آهيون. حقيقت ۾ جيل ڊائريون سوانح عمريون آهن.  جيل ڊائرين جي شڪل ۾ قلم بند ڪيل ادبي صنف کي پوري دنيا ۾ وڏي مڃتا مليل آهي. ”آءُ سمجھان ٿو ته دنيا جي ادب جو هڪ وڏو حصو، ان قسم جي ادب تي مشتمل رهيو آهي. خاص ڪري جيلن، انڌار پورن، ٽارچر سيلن، تشددي ڪيمپن ۽ سوري جي پاڇن ۾ سرجيل ادب پوءِ اهو شاعريءَ، جيل جي ڊائريءَ، خطن، تاثرن يا زندگي جي يادگيرين، واقعن يا سياسي مواد جي صورت ۾ موجود آهي پڙهندڙن جي ذهنن کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.“  تاج جويو محترم عبدالواحد آريسر جي جيل ڊائري ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو.

”اسماعيل راهو جو سياسي سفر انقلابي ۽ عوامي سياست کان هلندو ملڪ جي دستوري سياست تي اچي پهتو جنهن جي منزل مقصود اقتدار جو حصول ئي هوندو آهي.“ محترم شوڪت حسين شورو جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون جي پهرين جلد جي مهاڳ ۾ لکيو. پر اقتدار جي حصول بعد يا ان جي حاصلات لاءِ روان سفر به ڪو سؤلو سلوڻو ناهي ڪيئي جيل ۽ نيب جا ٿاڻا ڪراس ڪرڻا ٿا پون. ”ڪتا گاڏي“ تي بيهي سفر ڪري ڪورٽ جون اڻ ڳڻيون حاضريون ڀرڻيون ٿيون پون.  جج صاحبان چيمبر ۾ ويهي چانهه جي ڪپ تي جيستائين پنهنجن ميمن جي مذيدار ڳالهين کي هڪ ٻئي سان شيعر ڪري ٽهڪ ڏين تيستائين سندن انتظار جو عذاب الڳ ڪاٽڻو ٿو پوي ۽ جيستائين ڪو سؤلو واءُ وري انهن ڪنڊن ڀريل رستن تي هلڻو ٿو پوي. مٿي بيان ڪيل ڳالهيون مون پنهنجي سر پاڻ ناهن لکيون پر اهي سڀ حوالا زير نظر ڪتاب تان ورتل آهن. منهنجو خيال آهي ته ليڪک اهي ڳالهيون ان ڪري نه لکيون آهن ته پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري پڙهندڙن جون همدرديون حاصل ڪري جيئن ”هيستائين اسان وٽ سنڌي زبان ۾ جيڪي قيد و بند جون ڊائريون ڇپيون آهن انهن مان اڪثر ڊائريون Over Statement  جو شڪار آهن. انهن ڊائرين کي پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ همراهه ايلي ويزل Elie Wiesel)) وانگر هٽلر جي عقوبت خانن يا گئس چيمبر مان بچي نڪتو هجي.“ عبدلقادر جوڻيجو جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون جي ٻي جلد جي مهاڳ۾  لکي ٿو.  پر انهن ڳالهين جي ابتڙ ”اسماعيل راهو ڪٿي به اهو لکاءُ نه ٿو ڏئي ته پاڻ ڪو ذهني اذيت جو به شڪار رهيو آهي.“  (غ ق جوڻيجو)  ويتر هو پنهنجي کوليءَ کي برسات جي مند ۾ ساون گلن ٻوٽن ۽ ڪيارين ڪري مريءَ ۾ ٺهيل هٽ سان ڀيٽ ٿو ڏئي. ڪٿي ڪراچيءَ جو سينٽرل جيل ۽ ڪٿي ڪوهه مري….ها اهڙي جرئت شهيد فاضل، ان جا ساٿي ۽ سندس پٽ ڪري سگھو ٿو.

”جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون“  ۾ ليڪک جيل جي جهان اندر پيش ايندڙ واقعن کي ڏاڍي ايمانداريءَ، گهري مشاهدي ۽ سليقي سان قلم بند ڪيو آهي.  ڊائري ۾ هڪ طرف ته ڀرپور سياسي تجزيا نگاري ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان، بلوچستان کان علاوه انٽرنيشنل سياست جي داءُ پيچ تي تبصرو ڪيو ويو آهي ته ساڳي وقت جيل گھاريندڙ لاتعداد جيئرن جاڳندن بي گناهه، بي وس، بي پهچ ماڻهن جي حالت زار جو تذڪرو به ملي ٿو. جنهن هن ڪتاب کي هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ”وسطو مينگھواڙ جيڪو احتساب عدالت جي قانون جو شڪار بنيل آهي، ان غريب جي عمر اسي سال آهي. پاڻ هلڻ کان لاچار آهي ۽ نه ئي کيس اها پهچ آهي ته وڪيل ڪري سگھي. پويان ڪوبه اوهي واهي ڪونهيس سواءِ بيمار زال جي، جنهن وٽ نه علاج لاءِ ڪو پئسو آهي، نه ڀاڙو جو اچي هن جي ملاقات ڪري وڃي.“ رڳو وسطو مينگھواڙ ئي نه پر نصير مري ۽ اهڙن ٻين غربب قيدين تي روا قهر جا قصا پڙهندي محسوس ٿو ٿئي جهڙوڪر ڪو ناول پيو پڙهجي. هونئن به ناولن ۽ جيل جي ڊائرين جو هڪ ٻئي سان هڪ مظبوط رشتو آهي. جيئن ايمرسن جو چوڻ آهي ته ”اهي ناول درجي بدرجي دلپزير ڊائريون ٿيندا ويندا، بشرطيڪه ڪوئي پنهنجي محسوسات مان اهي احساس چونڊي سگھي، جي واقعي هن جا هجن ۽ هو سچ سچائيءَ سان لکي سگھي.“ جي مون کي اجازت هجي ته مان ان جملي کان هن نموني بيان ڪيان ته ” اهي جيل جون ڊائريون درجي بدرجي دلپزير ناول ٿيندا ويندا آهن بشرطيڪه ڪوئي پنهنجي محسوسات مان اهي احساس چونڊي سگھي، جي واقعي هن جا هجن ۽ هو سچ سچائيءَ سان لکي سگھي.“ ان ڳالهه کي سامهون رکي جڏهن اسان جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون کي پرکيون ٿا ته اهو هڪ دلپزير ناول جو درجو به رکي ٿو. ڪٿ ڪٿ لفظن ذريعي پوري ماحول جي اهڙي ته شاندار چٽسالي ٿيل آهي جو لڳي ئي نه ٿو ته هي ڪو نئون لکاري آهي يا هي اها لکڻي آهي جيڪا هن پنهنجي جيل ياد گيرين لاءِ لکي آهي. جنهن نموني منظر نگاري بيان ڪئي ويئي آهي پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪي تصويرون آهن جن کي اکين سان پيو ڏسجي. هڪ ڪامياب ناول نگار ائين ئي ڪندو آهي.  سندس هي جملا پڙهي ڏسو؛ ”وارڊ جي ديوار سان ڪياري ٺهيل آهي،جنهن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا ۽ سايون وليون لڳل آهن، جن پوري ڀت کي ڀري سائو ڪري ڇڏيو آهي.“ اڄ هلڪي بوند به پئي وٺي. اڄ اسان جو وارڊ بلڪل هڪ هٽ يا ڪاٽيج وانگر لڳي رهيو آهي. جيڪڏهن موسم جھڙالي ۽ بوندا باندي واري هجي ته وارڊ ۾ گھڻي ساوڪ سبب ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهون مريءَ جي ڪنهن هٽ ۾ ويٺو هجي.“

ٿاڻا گھاڻا هوندا آهن، جت ساهه کڻڻ جي اجازت به ناهي هوندي. ٿاڻن اندر جيڪي ڏوهه اسان جا عملدار ڪندا آهن انهن جو ڪو ڪاٿو ئي لڳائي نه ٿو سگھي. ٿاڻن  اندر ئي بي گناهه ماڻهن تي ايڏو ته تشدد ڪيو ويندو رهيو آهي جو ماڻهون بي گناهه هوندي به سنگين ڏوهن جا قبولدار ٿي ان عذاب مان ڇوٽڪاري کي عافيت سمجھندا آهن. اهي ٿاڻا وري اسپيشل نيب پاران جوڙيل هجن ته انهن جو  رنگ ئي ڪجھ اؤر هوندو آهي. ڪتاب جي مصنف مشرف دؤر اندر جوڙيل اهڙن ٿاڻن جي هن نموني تصوير ڪشي ڪئي آهي؛ ”نيب ٿاڻي جي ان سيل ۾ وقت جو ڪوبه اندازو ڪونه ٿيندو هو، سواءِ هڪ فوٽ جي روشندان جي، جنهن مان سج لهڻ ۽ اڀرڻ جو اندازو ٿيندو هو.“

 بجہا جو روزن زنداں تو دل یہ سمجھا ہے،                                                                             کہ تیری مانگ ستاروں سے بھر گئی ہوگی،                                                                               چمک اٹھے ہیں سلاسل تو ہم نے جانا ہے،                                                                                             کہ اب سحر ترے رخ پر بکھر گئی ہوگی۔ {فیض احمد فیض}

 ”…وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڊيوٽيءَ تي موجود سپاهيءَ جو احسانمند ٿيڻو پوندو هو…اتي ڪنهن سان به ڳالهائڻ تي مڪمل پابندي آهي…اتي قرآن پاڪ کان سواءِ ڪنهن به ڪتاب جي اجازت نه آهي. ڪابه اخبار، ڪاغذ، پين وغيره پاڻ سان رکي نٿي سگھجي…ڪوشش اها ڪئي ويندي هئي ته قيديءَ جي سامهون وارو سيل خالي رکيو وڃي ته جيئن انهن جي هڪ ٻئي تي نظر نه پوي.  اتي قيدين کي ٻڌايو ويندو هيو ته ”توهان ڏينهن ۾هڪ ڀيرو وهنجي سگھو ٿا، ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪپڙا تبديل ڪري سگھو ٿا، شيو هفتي ۾ فقط ٻه ڀيرا ڪري سگھو ٿا“  ساڳي ٿاڻي جا ڪجهه ٻيا قانون جيڪي ڊيوٽي تي موجود سپاهي ليڪک کي باور ڪرايا هيا  ته ”…ننڍو آئينو توهان کي آڻي ٿو ڏيان، هڪدم شيو ڪري مون کي واپس ڪندا جو توهان کي شيو جي سامان سان گڏ آئينو يا آفٽر شيو لوشن جي شيشي رکڻ جي اجازت به ناهي. “ انهن ٿاڻن جي قصن کي پڙهندي ٻي مهاڀاري لڙائي وقت هٽلر پاران جوڙيل نازي ڪيمپن اندر قيدين سان روا سلوڪ وارا نظارا منهنجي ذهن جي اسڪرين تي اڀري آيا.   اسماعيل راهو صاحب ان معاملي ۾ خوش نصيب هو ته کيس نازي ڪيمپ جهڙي عقوبت خاني، نيب جي ٿاڻي ۾ بس ٽي ڏينهن ئي گذارڻا پيا هيا،  جو جج پهرين حاضري ۾ ئي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هيو. اهڙن ادارن ۾ اذيت پسند Sadist)) عملدار مقرر ٿيل هوندا آهن جيڪي قيدين تي جبر ڪري، کين جسماني ۽ ذهني اذيتون ڏئي دلي سڪون محسوس ڪندا آهن. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن قيديءَ کي ٿورڙو ئي حق پلئه پوندو آهي ۽ اهي عملدار ڪنهن مخصوص قيديءَ تي پنهنجي جبر جي طبع آزمائي واري وهنوار کان رهجي ويندا آهن ته کين سخت دلي صدمو رسندو آهي. اهڙن ئي خصلتن وارو حاجي قدير به هيو جنهن کي انوقت نيب ٿاڻي جي عملداري سونپي ويئي هئي جيڪو اسماعيل راهو صاحب کي جيل موڪلڻ واري حڪم تي بخيل ٿي ويو هيو ۽ بقول اسماعيل راهوءَ جي ته  ”سندس چهري تي بي وسي ۽ چڙ جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هيا“ .

 جيل اندر سياسي قيدين لاءِ وقت ڪاٽڻ وڏو مسئلو هوندو آهي ۽ اهي وقت جي رفتار کي پر هڻڻ لاءِ لوڊو، رمي، چوباز جون بازيون لڳائي دل وندرائيندا آهن ۽ وقت پاس ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ اسماعيل راهوءَ جو چوڻ آهي ته ”…جيڪو نڀاڳ ۾ مزو آهي اهو چڱي ڪم ۾ ڪٿي؟ تاش ۾ جيترو آساني ۽ مزي ۾ ٽائيم پاس ٿو ٿئي، اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪٿي ٿو ٿئي.“   پر ڪي ڪي باشعور قيدي ان وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪتابن پڙهڻ سان گڏ جيل اندر هلندڙ وهنوارن، احساسن، جذبن، واقعن کي قلمبند به ڪندا رهندا آهن.  ”هاڻي صبح جا ڏهه ٿيا آهن ۽ مون اٽڪل27 (ستاويهه) ڪلاڪ ساندهه لکيو آهي“.  شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ لکي ٿو. اسماعيل راهو جي ڊائري ۾ جابجا ”نڀاڳ واري ڪم“ يعني پتي راند کيڏڻ جو تذڪرو ته آهي پر”جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون“ جا ٻه جلد ان ڳالهه جوچٽو ثبوت آهن ته محمد اسماعيل راهوءَ انهن لمحن کي اجايوناهي وڃايو.

جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون جو ليڪک محترم محمد اسماعيل راهوشهيد فاضل جي گھر ۾ پيدا ٿيوهو،  جتي کيس ٻاروتڻ ۾ ئي سياسي ۽ ادبي ماحول ورثي ۾ مليو هو. شهيد محمد فاضل راهو حق، سچ جي سياست جو هڪ سچو سپاهي هو.  اهڙن ماڻهن لاءِ پياري پاڪستان ۾ ٻه گھر آهن. هڪ اباڻو اجھو ٻيو جيل وارو جهان! شهيد فاضل کي مختلف حڪمرانن پنهنجي پنهنجي دؤري حڪمراني ۾ جيل جون ياترائون ڪرايون هيون ۽ شهيد کي لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورن جيلن اندر ”مهمان“ ڪري رهايو ويو هيو.  ضياء جي آمرانه دؤر ۾ ته کيس بلوچستان جي مچ جيل جو سير به ڪرايو ويوهو. محمد صديق راهو جي شهادت بعد سمورن رابطن، ملاقاتن جو بار محمد اسماعيل راهوءَ تي پيل هوندو هيو ۽ موصوف پنهنجي سرويچ پيءُ سان ميل ملاقات لاءِ  ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، سکر کان وٺي مچ جيل تائين سفرڪندو رهندو هو. ان نموني  کيس جيل جي عملي ياترا کان اڳ ئي قيد و بند ۾ هلندڙ وهنوار جي گھڻي واقفيت هئي. پر ليڪک انهن سمورن سياسي چڪرن، تضادن، عذابن، احساسن، پابندين تي قلم ان وقت کنيو جڏهن کيس پنهنجو پاڻ جيل جي هوا کائڻي پيئي. هڪ سچي ليڪک جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته هو ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي مدار رکڻ بدران عملي مشاهدي بعد ئي ڪجھ لکندو آهي.

ڪتاب  ۾ مخلتف وقتن تي رونما ٿيندڙ واقعن جي بنياد تي ليڪک پنهنجي خاندان جي سياسي جدوجهد، قربانين جو مفصل ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري شهيد عوام محمد فاضل راهو جي سياسي جدوجهدن، ڪارنامن، محبتن، قربانين، ارڏاين، دليرين، دلربائين جو جابجا ذڪر ملي ٿو. شهيد محمد فاضل راهو پنهنجي ذات ۾ واقع به هڪ انجمن هو. شهيد فاضل پنهنجي خلوص، سچائي، نهٺائي، محبت، ايمانداري جهڙن گڻن سان هرجاءِ تي چاهيندڙن جو هڪ وسيع حلقو پيدا ڪري ڇڏيندو هيو. جيل جي سپاهين کان وٺي عام قيدين تائين ڪيئي ڪردار محمد اسماعيل راهوءَ سان شهيد فاضل سان گھاريل گھڙين جي حوالي سان مليا، انهن جو ذڪر ڪري اسماعيل راهوءَ اسان جهڙن شهيد فاضل راهو جي عقيدت مندن تي وڏو ٿورو ڪيو آهي. محمد صديق راهو سنڌ جي سياسي افق تي اڀري آيل هڪ بي حد سچو، ايماندار، اورچ سپوت ۽ سياسي ڪارڪن هو.صديق راهو اهڙي مکڙي مثل هيو، جنهن جي ٽڙڻ ۽ ٽڙي پکڙي خوشبوءِ ڦهلائڻ جي مند هئي ۽ اهوئي وقت ئي جڏهن ان گل کي چيڀاڙي، چيٿاڙي شهيد ڪيو ويو هو. جيل جي ڊائريءَ ۾ شهيد محمد صديق راهوءَ جي لازوال جدوجهد جي داستان جا ڪجھ واقعا رقم ڪيل آهن، جيڪي پڙهندڙن کي سندس تعارف ڪرائين ٿا. ضياءَالحق جيڪي ڪارا قانون زبردستي ملڪ اندر مڙهيا هيا ان ۾ صحافت جي آزاديءَ تي راتاهو پڻ هو. اخبارون پرنٽ ڪرڻ کان اڳ مقرر فوجين جي ٽيبل تي پهچايون وينديون هيون، جتي صحافت جي دنيا جي الف بي کان اڻ واقف اهي فوجي انهن اخبارن کي سنسر ڪندا ها ته ڪهڙي خبر قابل اشاعت آهي ڪهڙي نه!!! صحافين ان انياءُ خلاف رضاڪاراڻه گرفتارين ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو ۾ جنهن عوامي تحريڪ جي انوقت جي هاري ونگ ”سنڌي هاري ڪميٽي“  به ڀرپور عملي شرڪت ڪئي هئي. ان تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ ڪري صديق راهو به پابند سلاسل ڪيو ويو هو. گرفتار شهيد صديق راهوءَ تي تشدد جو انوکو قسم آزمايو آهي ته کيس ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ جيئري زمين اندر پوري ڇڏيو ويو هو سواءِ سندس سسيءَ جي ته جيئن هو ڪجھ ساهه کڻي سگهي. اهڙي تشدد ڪري هو دائمي بيمارين جي ور چڙهي ويو هو ۽ اٺاويهن سالن جي ڦوهه جواني ۾ سندس موت واقع ٿيو هو.

جيل ڊائري ۾ ساڳي وقت پنهنجي ويڳي امڙ لال ٻائي جي ذڪر سان سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد جي تاريخ رقم ڪئي ويئي آهي. لاشڪ سنڌياڻي تحريڪ عملي طرح سان وجود ۾ ئي نه اچي ها جيڪڏهن ان ۾ شهيد فاضل راهو جي گھراڻي جون ڀينرون حصو نه وٺن ها. ڪڙيو ڳنهور اندر ضياءَ جي زماني ۾ ڪرايل هاري ڪانفرنس انهن يادگار جدوجهدن مان هڪ آهي جنهن ان گھٽ ٻوسٽ واري وايو منڊل ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي ۽ سنڌ جي ماٺاريل سياسي ماحول ۾ سرگرمي پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڊائريءَ ۾ ان جو تفصيلي ذڪر پڙهي سگھجي ٿو.  

ان سان گڏ ملڪي سياست جي تاريخ، بين الاقوامي سياست ۽ ان جا اسان جي سياست تي اثر ۽ ان سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان اندر قومپرست ۽ ترقي پسند سياست تي سير حاصل بحث پڻ ڪيو آهي. سندس تجزيا حقيقتن جي گھڻو ويجهو آهن. موصوف ملڪي سياست تي هڪ ڀرپور تبصرو ڪيو آهي جيڪو ملڪ جي آزادي کان وٺي سندس جيل ياترا تائين ڦهليل آهي. ان تجزئي ۾ ملڪي سياست جي لاهين چاڙهين، ڪردارن، سازشن، شڪستن، ڪاميابين جو ذڪري ڏاڍي سيبتي نموني ڪيو ويو آهي. تاريخي واقعن کي تسلسل سان پيش ڪرڻ جي ڏانو کي ڏسندي چئي سگھجي ٿو ته ليڪک هوا ۾ فائر ناهن ڪيا پر کيس ملڪي سياست جي پيچيدگين، لاهين چاڙهين جو چڱو خاصو ادراڪ آهي ۽ سندس انهن مامرن تي مطالعو ٿيل آهي.  ملڪي سياست جي پيچيدگين سان گڏ سندس گھري نظر ڏيهان ڏيهه هلندڙ سياست تي به آهي. دنيا جي داداگير ملڪن جي اڳواڻن جوبين الاقوامي سياست ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، سندن پاليسن جا اسان جي گھريلو سياست تي ڪهڙا اثر ٿا پون، انهن سان هيڻن ملڪن جي سربراهن جا لاڳاپا ڪهڙي نوعيت جا هوندا آهن.  بين الاقوامي سياست جي لاهين چاڙهين ۾ آمرانه  ۽ جمهوري سوچ رکندڙ مقامي قيادت جي پاليسن ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.  انهن ڳالهين تي بحث سان گڏ مون کي سندس سنڌ ۽ بلوچستان جي سياست جو تقابلي جائزو به بي حد وڻيو.  ليڪک سنڌ اندر قومپرست ڌرين پاران پارلياماني سياست ۾ پير پختا نه ڪري سگھڻ واري سياست تي عام فهم ٻوليءَ ۾ جاندار بحث کي ڇيڙيو آهي.  ليڪک جي راءِ آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي گھراڻن کان سواءِ ڪنهن به قومپرست اڳواڻ جو ڪو اليڪشني حلقو ناهي جڙي سگھيو. ان جو سبب اهو آهي ته اسان جا قومپرست۽ کاٻي ڌر وارا عوام کان بنهه ڪٽيل رهيا آهن.   ”بلوچستان سان تعلق رکندڙ کاٻي ڌر۽ قومپرست سان تعلق رکندڙ وچولي ڪلاس جا ڪارڪن اڳتي نڪري پارلياماني سياست يا Power Politics جو حصو بڻيا پر سنڌ اندر ائين نه ٿيو“. اها حقيقت آهي ته بلوچستان اندر وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ڪيئي قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻ اڀري آيا جيڪي صوبائي توڙي قومي اسمبليءَ ۽ سينيٽ جا ميمبر بڻيا ۽ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. جڏهن نه ته اهي سردار هيا ۽ نه ئي هنن لاءِ اهي تڪ سندن وڏڙن ورثي ۾ ڇڏيا هيا.

منهنجي خيال ۾ سنڌ جي سياست ۾ قومپرستن پاران پارليامينٽري سياست ۾ حصو نه وٺڻ يا ٿورو گھڻو حصو وٺي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ان سياست کي ئي سنڌ دشمن ڄاڻائي ڦٽو ڪري ڇڏڻ جهڙن معاملن تي سنڌ اندر ڪو سنجيدهه بحث ئي ناهي ٿيو. ڪنهن هڪ اڌ اليڪشن ۾ سنڌ جي دانشور نما سياستدانن حصو ته ورتو هو پر جيئن ته سندن عوام سان ڪوبه سڌو سنئون لاڳاپونه هيو ان ڪري سندن ضمانتون ئي ضبط ٿي ويون هيون. مٿان ظلم اهو ته اسان جا قومپرست سياستدان اهڙن نتيجن کي هضم نه ڪري سگھيا هيا ۽ عوام سان رابطي، سندن ڏکن سکن، سماجي ڪمن ڪارين ۾ عدم شرڪت واري عوام دشمن روين کي مٽائن بدران اسان جي سياستدانن پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ لاءِ عوام کي گارين ڏيڻ جا تحفا ڏنا ها ۽ سنڌي ماڻهن کي گھڻن ئي اڻ وڻندڙ طعنن تنڪن سان نوازيو ويو هو. هن وقت ڏسڻ ۾ اچي پيو ته سنڌ جي قومپرست سياستدانن کي ڪنهن حد تائين پارلياماني سياست ۾ نه هئڻ ڪري سنڌ جي مجموعي قومي مفاد کي پهچندڙ نقصانن جو ٿورو گھڻو احساس ٿيڻ لڳو آهي ۽ اهي ڪجھ ڪجھ سنجيدهه نموني ان مسئلي تي سوچ ويچار ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه جو احساس محترم اسماعيل راهوءَ کي اڳ ئي هيو. اسماعيل راهو اهڙي ڪنهن به ڳالهه ۾ يقين نه ٿو رکي ته عام ۽ وچين درجي وارو ڪارڪن يا قومپرست سياستدان پارليامينٽري سياست ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگھن.  سائين جن دليل طور بلوچستان جي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، عبدالوحيد بلوچ، ثناءُ بلوچ، ياسين بلوچ، ڪچڪول علي، عبدارحيم مندوخيل ۽ غوث بخش بزنجو ۽ سنڌ مان شهيد محمد فاضل راهو ۽ سائين جي ايم سيد جي خاندانن کي مثال ڪري پيش ڪيو آهي. اهي سڀ نه ته ڪي سردار يا پشتي وڏيرا هيا ۽ نه ئي کين ڪي اباڻا تڪ پنهنجي وڏڙن پاران ورسي ۾ مليل هيا پر پوءِ به اهي ڪامياب ويا ۽ اڃا تائين ڪامياب ٿيندا پيا اچن. سائين راهو صاحب سنڌي سياستدانن کي پڻ سندن طرزعمل تي هلڻ جا اشارا ڏنا آهن. اهو ڪم ڪو هڪ ڏينهن ۾ ٿيڻو ناهي پر ان لاءِ مسلسل عوام سان رابطي ۾ رهڻ جي اشد ضرورت آهي.  عام ماڻهون ان ڳالهه کي گھٽ ڏسندا ته ڪير ڪيترو سٺي تقرير ڪري ڄاڻندو آهي يا بحث مباحثي ۾ ڀڙ آهي يا اٺ ڪتابن جا پڙهيو ويٺو آهي، سندن نظرن ۾ اهو ماڻهون سٺو آهي جيڪو وقت پوڻ تي بنا ڪنهن دير جي سندن درد جو درمان بڻجي ساڻن سندن جهڙو ٿي اچي ملي.  ان قسم جي روين لاءِ لاشڪ اسانجي سياستدانن کي شهيد فاضل راهوءَ واري واٽ وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي، ڇو ته فاضل راهوءَ جي سياسي ”اثر وڌڻ جو سبب ڪو وڏيراڻو طريقونه هيو پر پيار ۽ محبت جي جذبي سان ٽمٽار هجڻ هو. پنهنجي علائقي جي اندر جيڪڏهن اڄ غريب مسڪين هاري ناري ۽ ٻيا ماڻهو شهيد فاصل کي ياد ڪن ٿا يا اان جا پوئلڳ آهن ته اهو فقط ان ڪري نه،  ته هو قومپرست  يا ترقي پسند اڳواڻ هو، پر ان جا بنيادي سبب شهيد جي ڪردار جون اهي انيڪ خوبيون آهن جن جو هو مالڪ هو“.

اسماعيل راهوءَ جي لکڻي جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو پنهنجي پوري ڳالهه ڪرڻ جو ڏانو رکي ٿو، جڏهن هو ڪنهن به يادگيري، واقعي يا شخصيت لاءَ ڪجھ لکي ٿو ته ان جي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي هڪ اڻ ميو اطمينان ٿو ملي وڃي. ٻيو ته سندس لکڻين ۾ ڪوبه ابهام ڪونهي، هو پنهنجي ڳالهه کي سڌي ۽ سادي نموني ايمانداريءَ سان بيان ٿو ڪري وڃي.  پوري لکڻيءَ ۾ هن ڪنهن جوپٽڪو ڪونه لاٿو آهي هونئن اهو لاڙو اديبن ۽ خاص ڪري سياسي دانشورن ۾ ننهن کان چوٽي تائين ڀريل ڏٺو ويو آهي.   تازوئي مون ڪجھ ٻيون به جيل جو ڊائريون پڙهيون آهن. هڪ جيل جي ڊائري جيڪا هڪ محترم سنڌي سياسي اڳواڻ جي لکيل آهي ان ۾ جنهن نموني ٻين سياسي قيدين جو ذڪر ڪيو ويو آهي گھٽ ۾ گھٽ مون جهڙي پڙهندڙ وٽ اهو ناقابل قبول آهي.   پراسماعيل راهو جي تحرير صاف سٿري آهي. جنهن ۾ ڪنهن جو به ڪو پٽڪو ناهي لاٿو ويو. بقول سندس ته  ” مون لکڻ دوران ڪوشش ڪئي ته ڪٿي به ڪنهن جي متعلق اهڙ ريمارڪ يا ڪمينٽس نه اچن جنهن سان ڪنهن جي دل آزاي ٿئي يا جنهن متعلق لکيو وڃي اهو پنهنجي گھٽتائي محسوس ڪري جيل ۾ رهندي اڪثر ڪي اهڙا معاملا ٿيندا رهندا هئا، جن کي ڊائري ۾ لکڻ سان ان ۾ وڌيڪ مزاح ۽ مرچ مصالحو شامل ٿي پي سگھيو ۽ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ دلچسپي وارو مواد ٺهي ٿي پي سگھيو، پر ان لاءِ ڪن فردن جا منفي پهلو کوٽون ۽ خاميون بيان ڪرڻيون پون ها.“  پر منهنجي خيال ۾ ته ڪجھ ڳالهين تي واضع نموني ڳالهائڻ يا لکڻ جي اشد ضروت هوندي آهي. انهن معاملن ۾ اهو ناهي ڏسبو ته ڪير راضي ٿو ٿئي يا ڪو ناراض ٿو ٿئي. اهي معاملا تاريخ هوندا آهن، ۽ تاريخي درستگي خاطر انهن تي قلم کڻڻ لازمي هوندو آهي. جيئن عوامي تحريڪ پارٽي جي تاريخ آهي. عوامي تحريڪ جهڙي پارٽيء جو سنڌ جي سياسي افق تي اڀري اچڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هو. عوامي تحريڪ سنڌ جي سياست ۾ ڪيئي ترقي پسند ۽ نوان رويا ۽ لاڙا متعارف/ رائج ڪرايا هيا.  پوءِ ڀلا ڪهڙ واءُ وريو ته شهيد فاضل جا سمورا ويجھا، ڀروسي جوڳا، اورچ ۽ قرباني جي جذبي سان پر ساٿي اها پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا؟  آخرڪار اهڙي اورچ پارٽي ڇو ۽ ڪيئن پوري ٿي ويئي ۽ ان کي سنڌ جي سياسي ماحول ۾ پ پ پ، مسلم ليگ ۽ ٻين پارٽين جو متبادل ٿي اڀرڻ کپندو هي، پر ائين ٿي نه سگھيو ۽ عوامي تحريڪ اهو ڪردار ادا  نه ڪري سگھي ته ان جي سببن تي کلي دل سان بحث مباحثو ٿيڻ گھرجي. اها ڳالهه ڪنهن فرد يا ماڻهون جي ناهي پوري هڪ تحريڪ جي آهي. ان قسم جو هلڪو بحث مون محترم شاهنواز راڄپر جي لکيل مقالي جيڪو ماهوار ”سوجھرو“ ۾ ڇپيو هيو نظرن مان گذريو هيو، باقي ڪنهن به دوست اهڙي جرئت نه ڪئي هئي. اسان جي سنڌي سماج اندر ڪنهن به ايم ڪيو ايمي ٽائيپ روين جي ضرورت نه هئڻ گھرجي ته بس هو فلاڻو ”سياسي خدا“ آهي سندس هر ڳالهه اول ۽ آخر آهي،ان تي نه ڳالهايو. اسماعيل راهو جي جيل جي ڊائري پڙهندي مون کي اهو شدت سان احساس ٿيو ته ليکڪ عوامي تحريڪ جي زوال تي لکڻ گھربو هيو. مون کي يقين آهي ته کيس ان ڳالهه جو شدت سان احساس ۽ ادراڪ به ٿيو هوندو پر تقراري موضوعن کان بچڻ لاءِ يا بقول سائين عبدلقادر جوڻيجي صاحب جي ته پنهنجو پاڻ کي   Under Statement ڪري لکڻ ڪري موصوف اهڙي موضوع کي بلڪل به ناهي ڇهيو. جيئن ته اسماعيل راهو عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڌارا ۾ رهندڙ فرد آهي ۽ هو سڀني ڳالهين جو اکين ڏٺو شاهد آهي، ان ڪري کيس تاريخ ۾ درستگيءَ خاطر اهڙن موضوعن تي لب ڪشائي ڪرڻ گھربي هئي،  جنهن سندس والد صاحب جي ورثي کي يا ته مٽائي ڇڏيو يا اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو ته شهيد فاضل راهوءَ جو اولاد به ان کان ڌار ٿي وڃي.

اسماعيل راهو پنهنجي جيل ڪٿا ۾ سادي، عام فهم ۽ مروج ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان ڪٿي به ڪنهن مونجھاري کي منهن ڏيڻو نه ٿو پوي.  ڪي لکاري پنهنجي ٻوليءَ ۾ چاشني پيدا ڪرڻ لاءِ عجيب غريب تمثيلون ڏيندا آهن. مثال طور”ان ڇوڪري وانگر جيڪا سربازار ننگي وڪامي، عيد جي رات پنهنجن زالن جي چپن چمڻ جي آزادي،  ڪنواريءَ ماءُ جي ٿڃ جو قسم،  آخري چمي، يا ائين چوڻ ته سنڌ ڪنهن الهڙ جواني وانگر انگڙائي ڀڃي جاڳي پئي وغيرهه. اهڙا مثال جيڪڏهن اولهه جي ملڪن ۾ لکاري لکن ته جيڪر فيمنسٽ کين سڱن تي کڻي ڦٽو ڪن پر هي جيئن ته سنڌ آهي جتي ناليوارن اديبن، شاعرن، لکارين، سياستدانن کي به صنفي علم ۽ ان جي حساسيت جو ادراڪ ورلي ڪو آهي. اهي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ عورت جي عظمت جو ڌڄيون اڏاريندا رهندا آهن ۽ وري غضب اهوته پاڻ کي عورتن جي حقن جو علمبردار به چوائيندا آهن. پر مون کي راهو صاحب جي پوري جيل ڪٿا ۾ ڪٿي به اهڙي ڪوشش نظر نه آئي ها البت ڪجھ جاين تي ڪي مروجه محاورا، چوڻيون ٺهڪندڙ نموني ڏنل آهن.

ٻيو ته جيڪي روٽين جا ڪم آهن، ته اڃ ڪير ڪير ساڻس ملڻ آيا، ماني ۾ ڇا کاڌو ويو، ته انهن جو تسلسل سان ورجاءُ پڙهندڙ کي تمام گھڻو بور ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. مان مڃان ٿو ته لکاري لاءِ اهي ڳالهيون تمام کڻي اهم به هجن، پر ويچاري پڙهندڙ کي اهڙن ڳالهين تي پڙهڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ڪجھ ڏکيرڙو عمل آهي. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته اهي ڳالهيون سرسري انداز ۾ هڪ دفعي ڪيون وڃن ها ۽ انهن کي وري وري لکڻ جي ضروت نه هئي.

جڏهن مون اهي تجزيا پڙهيا ته مون سوچيو ته جيڪڏهن ليڪک ساڳين موضوعن تي جيل کان ٻاهر به تواتر سان لکي ها ته سندس شمار هڪ پڙهي لکي سياسي اڳواڻ واري هجي ها. منهنجي مانواري ليڪک کي نماڻي گذارش آهي ته هاڻي هو ٻن جلدن تي ٻڌل شاندار جيل جي ڊائريءَ جو خالق آهي ۽ کيس به پنهنجين لکڻين جي اثر پذيريءَ جي پروڙ پئجي چڪي آهي ته هو هاڻي لکڻ واري تخليقي ڪم کي ڪنهن نه ڪنهن نموني جاري رکندو اچي.

 

Tag Cloud

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.