Just another WordPress.com weblog

اسان تعليم جي مد ۾ ڪيترو پوئتي پيل آهيون ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ اندر چاليهه هزار پرائمري اسڪولن مان صرف ڏهه هزار اسڪول تعليم لاءِ ٿورو گھڻو کلندا آهن، ٻه سؤ اوڻيتاليهه گورمنٽ جا ڪاليج  سنڌ اندر رجسٽر ٿيل آهن جن مان هڪ سؤ ارڙهن ته صرف ڪراچي ۾ آهن باقي پوري سنڌ لاءِ آهن. ڪراچي کي ڇڏي ڪري جيڪي به اسڪول ۽ ڪاليج آهن انهن ۾ خاص ڪري سائنس جي استادن جي تمام گھڻي اڻاٺ آهي. صورتحال جي بگاڙ جو گھڻو تڻو بار ته رياست ۽ مختلف وقتن تي حڪمراني ڪندڙ جاهل وڏيري طبقي ڏانهن وڃي ٿو پر ٿورو گھڻو قصور وار سڀ ڪو آهي جنهن ۾ اسان جا استاد، هيڊ ٽيچر، پرنسپل به آهن. ان کان سواءِ استادن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون جهڙوڪر پ ٽ الف، گسٽا، سپلا کي به ان جرم کان آجو قرار نه ٿو ڏئي سگھجي جو انهن جو سمورو ڌيان محض حقن جي حاصلات تائين محدود رهيو آهي. انهن ڪڏهن ڀلجي ڪري به ڪا تعليمي سرگرمي نه ڪئي هوندي. مون کي ڪاليج سائيڊ کي جوائن ڪندي ٻاويهه سال ٿي ويا آهن، مون کي پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ سپلا پاران ڪا هڪ به تعليمي سرگرمي ڏسڻ نصيب ٿي نه سگھي آهي. هي منهنجي زندگيءَ جي پهرين تعليمي سرگرمي هئي جيڪا سپلا سکر جي تبديلي پسند نوجوان قيادت جي ڪاوش هئي. ياد رهي ته سندن ان گروپ گذريل سپلا جي اليڪشن ۾ روائتي اڳواڻن کي پهريون دفعو اليڪشن ۾ مات ڏني هئي. مون کي اميد آهي ته ٻين ضلعن اندر به سپلا جا اڳواڻ سندن پيروي ڪندي ان قسم جون سرگرميون شروع ڪندا جنهن سان اسان سڀني جي نه رڳو روزي روٽي جو بندوبست ٿيندو آهي پر اسان جو سمورو وقار ۽ عزت جو دارو مدار ئي شاگردن کي سٺي ۽ معياري تعليم جو انتظام ۾ لڪل آهي….شل اسان جي نود بڻجي ويل استادن کي ڪا ڳالهه سمجھ ۾ اچي……

Comments on: "سنڌ جي تباهه حال تعليم ۽ نود بڻجي ويل استاد صاحبان" (2)

  1. sain, ahtisab khud paan khan shurooat kaje ta behtar theeendo.

    • بلڪل صحيح پيا چئو، منهنجي مثيين ڳالهين ۾ ان جي هلڪي جھلڪ اوهان کي ملندي. مان ان ڳالهه جوقائل آهيان ته اسان استادن جي عزت، وقار، ۽ عظمت ان ڳالهه ۾ ناهي ته اسان جو پگهارون آسمان سان ڳالهيون ڪن، لاتعداد سهولتون هجن، ۽ اسان ڪم ڪريون يا نه ڪريون ان جو اختيار به اسان کي هجي ۽ ٻيو ڪوبه اسان کي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ نه چئي….مان ان ڳالهه تي زور ٿو ڏيان ته اسان سڀ پنهنجي قوم، سماج، نوجوان نسل، سندن آئندي کي سنوارڻ جا نمائيندا ۽ ذميوار آهيون، اسان پنهنجو پاڻ کان ۽ سماج اسان کان پڇاڻي جو حق رکي ٿو.

Leave a reply to kagamoon Cancel reply