Just another WordPress.com weblog

ڪالهه رات دير تائين روهڙي جي قاضي محلي ۾ سائين علي حسين قاضيءَ جي اوطاق تي راڳ رنگ جي محفل ۾ مگن هياسين. ان محفل ۾ سائين غلام مرتضى لانگاهه،

قاضي علي حسين، استاد علي بخش شيخ، مير حسن سيال، الطاف ۽ مون (امير گل ڪٽوهر) سميت ڪجھه ٻيا دوست موجود هيا. جيئين جيئن رات پئي ٺري ته سازن ۽ سرن ۾ سرور پئي ويو وڌندو. دل ئي نه پئي چاهيو ته ان محفل جي ڪا پڄاڻي ٿئي. محفل جي وچ وچ ۾ سياست، سنڌ، موسيقي، تعليم، جي موضوعن تي به ويچار پئي ونڊيا سين. قاضي علي حسين سائين اسان جي اهڙن محفلن سجائڻ جو روح روان هوندا آهن. سائينجن ئي پنهنجي موسيقي جي استاد سائين علي بخش شيخ جن کي دعوت ڏئي گھرايو هيو جيڪي راڳ جا ڄاڻو ته آهن ئي سهي، ان سان گڏ سريلي آواز وارا ۽ موسيقي جي انسٽرومينٽ وڄائڻ جا به ماهر آهن. ساڻس گڏ مير حسن سيال (جيڪو تمام سٺو اڀرندڙ راڳي آهي) ۽ ڍولڪ تي سنگت ڪرڻ لاءِ سائين الطاف جن کي به هيا. راڳ رنگ جي وچ ۾ چانهن جا دؤر به پئي هليا. مون ان محفل کي پنهنجي موبائيل جي ڪيمرا ۾ وڊيو رڪارڊ به پئي ڪيو. جيئن ته سندس بئٽري ڊائون هئي ان ڪري وقفي وقفي سان چارج تي رکڻ ڪري ڪجھه سريلا ڪلام رهجي به ويا. جيئين ته اها سڄي رڪارڊنگ موبائيل ۾ ڪئي هئم ان ڪري ان جي تصويرن توڙي آواز جو معيار سٺو نه هيو. پر مون ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا اهي ڪم پئي ڪيا ته جيئن انهن گھڙين کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان. ڪجھه ڏينهن اڳ سائين ظهور احمد سولنگيءَ سان نيٽ تي چيٽ پئي ڪيم ۽ کيس اهڙي هڪ محفل جو احوال ڏنو هوم، سائين جن مون تي زور ڀريو هيو ته معيار پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي جيترو ٿي سگھي اهڙن محفلن، ڪچهرين، بحثن کي فلم بند، قلم بند يا آواز بند ضرور ڪرڻ گھرجي. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي هڪ اڌ اسم کي ڇڏي لڳ ڀڳ سموري محفل کي رڪارڊ ڪري ڇڏيو. رات جو ٻارهين کن جڏهن سکر گھر پهچي انهن فائيلس کي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ لڳس، انٽرنيٽ جي ڍري اسپيڊ ڪري اهو ڪم ويو اينگھجندو ۽ رات جا ساڍا ٽي ٿي ويا. بهرحال تيستائين ٽي چار اسم يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيا هئم. آذان جي آواز کان ٿورڙو اڳ وڃي بستري حوالي ٿيس. صبح جو ڇهين ساڍي ڇهين جي لڳ ڀڳ اک کلي انوقت بجلي بند هئي. جيئين ته مون واري موبائيل جي بيٽري بلڪل ڪنزيوم ٿي چڪي هئي ان ڪري ڪنهن به يار دوست سان رابطي کان محروم هيس. نيٺ دير سان بجلي آئي، موبائيل کي چارج ڪري تڙ تڪڙ ۾ تڙ ڪري وري روهڙي سائين قاضي صاحب جي اوطاق تي ترسيل سائين غلام مرتضى لانگاهه جن کي موٽر سائيڪل تي کڻي سکر آياسين. سکر ۾ فقير محمد فائونڊيشن پاران مهاڻن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ پروگرام سنڌوءَ جي پيٽ ۾ رکيو ويو هيو

جنهن ۾ انهن دريائي وڏا ٻيڙا بوڪ ڪرائي ڇڏيا هيا انهن تي لب مهراڻ کان چڙهياسين ۽ سنڌوءَ جي پيٽ ساڌ ٻيلي کان ٿورو اڳ لينسي ڊائون پل جي ڀرسان پهچي واپس ٿياسين. زبردست سين هيو. هڪ ٻيڙي ۾ مڱڻهار فقير سازن سروندن سان ڳائي وڄائي رهيا هيا، هڪ ۾ سکر جا ڪاهوڙي صحافي سنڌوءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي پنهنجي ڪيمرائن جي اکين ۾ محفوظ ڪري رهيا هيا. سنڌو جي پيٽ ۾ سيرڪندي دريا جي ٻنهي ڪنارن سان گڏ سکر ۽ روهڙي شهر جي هڪ نئين انداز جي سونهن ۽ سوڀيا کي پسيو سين. اهو حُسن دريا جي ڪنارن تان بيهي ڪنهن به صورت ۾ پسي نه ٿو سگھجي. دريا ۽ مهاڻي جو رشتو اهڙو ئي آهي جهڙو امڙ جو پنهنجي اولاد سان هوندو آهي. سکر جي مهاڻا (ملاح ۽ ميراڻي) برادريءَ کي پنهنجن سياستدانن سان سخت قسم جو شڪايتون آهن، جن جو هنن برملا اظهار پڻ ڪيو. سندن چوڻ هيو ته اهي هن ڌرتي، سنڌوءَ جا صدين کان وارث آهن پر هي ڌرتي ۽ سنڌوءَ جون ڇوليون کانئن کسڻ جو سازشون چوٽ چڙهيل آهن . اڳواڻن مرحوم فقير محمد ميراڻي جي تمام گھڻي واکاڻ پئي ڪئي جنهن پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو. جنهن جو نيڪ اولاد جهڙوڪر سرجن ڊاڪٽر شاهد حسين ميراڻي،

پنهنجي برادري سان گڏ سڀني سنڌي ماڻهن جي خدمت پيو ڪري. نوجوان پروفيسر ساجد حسين ميراڻي پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

سڀاءَ جا سلڇڻا شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ليڪچرار آهن. اڄ ڪالهه مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل پيا ڪن. يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ سندن پي ايچ ڊيءَ ۾ داخلا پڻ ٿي چڪي آهي. ان کان علاوهه هن محفل ۾ سکر جو ڄاتل سڃاتل سماجي ورڪر سائين دلبر ميراڻي، بئنڪر اشفاق ميراڻي ۽ برادريءَ سان تعلق رکندڙ سوين ننڍا توڙي وڏا موجود هيا. ان يادگار سفر مان موٽي وري ڪاليج جو رخ رکيو سين جتي سائين غلام مرتضى لانگاهه ۽ وفا شاهه صاحب جن جي ڪچهري ڪاليج جي پروفيسرس سان رکي هئم. ياد رهي ته اهي ٻئي ڄڻا سائين اسد منگي ۽ مان تازوئي آغا خان يونيورسٽيءَ مان ايم ايڊ ڪري آيا آهيون. ڪاليج اندر سائين زبير مڱريو، پروفيسر نعيم صادق، ذالفقار پنهور ۽ ٻين دوستن سان ڀرپور علمي بحث مباحثو ٿيو. ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته اسان سڀني کي پنهنجي صلاحيتن ۽ وسيلن آهر تعليمي ترقيءَ لاءِ جاکوڙڻ گھرجي. دوستو مان ان سڄي ڊيگھه مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته هنوقت ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، جلدي بستري حوالي ٿيڻ ٿو چاهيان ته جيئن ڪالهه کان ڏينهن رات وٺ وٺان مان پيدا ٿيل چور چور جسم کي ڪجھه فرحت ملي سگھي. وري ملنداسين ڪجھه نون ڳالهين، واقعن ۽ تبصرن سان گڏ…موڪلاڻي ناهي. سدائين گڏ…

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud