Just another WordPress.com weblog

منهنجي دوست امير گل جو ايس ايم ايس آيو ته “جديد سنڌ فاضل راهوءَ جهڙا جاکوڙي ڪردار گهٽ پيدا ڪيا هوندا. ٻينپارٽين کيس سياسي تعصب ڪري نظرانداز ڪيو ۽ وري “پنهنجا” کانئس ان ڪري پري ٿي ويا جو اوچي بڙ هيٺان سندن ننڍو قد نه پڌرو ٿي پوي. فاضل عمل جو ڌڻي هو. سنڌ کيس اڃا تائين سمجهڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي….!!” برابر شهيد فاضل کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. پر اسان مان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنهن ڪئي آهي؟ اڄ فاضل کي شهيد ٿئي 25 سال پورا ٿي چڪا آهن. انهي عرصي دوران ڪڏهن اسان مان ڪنهن شهيد فاضل جي ڪيس جي وارتا تي قلم کڻڻ جي همت ساري آهي؟ ڇا ڪنهن اها پڇا ڪئي آهي ته شهيد فاضل جو ڪيس جيڪو تقريبن 13 سال عدالتن اندر هلندو رهيو ته ان جي پوئواري ڪرڻ ۾ سندس پارٽي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ڪهڙا وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا ۽ پارٽي جو ان تي ڪيترو خرچ آيو؟ فاضل صاحب جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سندس پارٽي عوامي نيشنل پارٽي مرڪز توڙي سنڌ جي وحدت جو شهيد فاضل راهو ڏانهن رويو ڪهڙو هو؟ آخر ان جو ڪهڙو سبب هيو جو پنهنجي پارٽي خاص طور سنڌ ۾ پارٽي ادارن اندر هي حڪم سختي سان جاري ڪيا ته “راهوڪي جا رستا بند ڪيا وڃن!؟ آخر اهي ڪهڙا سبب هيا جن ڪري شهيد فاضل راهو جي خاندان کي پارٽي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور هئي؟ ڇا ڪڏهن پارٽي جي اندر يا ٻاهر شهيد فاضل راهو جي قتل واري سانحي تي ڪنهن گهرائي سان سوچ ويچار ٿيو، جنهن ۾ سازش جا مختلف پاسا بحث هيٺ آيا هجن؟ مٿين سوالن کان سواءِ به ڪيترائي سوال اڃا به آهن جيڪي جواب طلب آهن. پر سازشي ۽ مصلحتن جي ماريل ماڻهن جي لفظن جي جادوگري اصل حقيقتن تي ايتري دز چاڙهي ڇڏي آهي جو ان کي لاهڻ لاءِ قلم جي جاکوڙ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. آءُ عوامي تحريڪ، ان سان لاڳاپيل سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) ۽ ٻين ادارن ۾ ذميوار حيثيت ۾ رهيو آهيان. تنهن ڪري انهي عرصي دوران جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو به منهنجي سامهون آهي. انهي شروعاتي عرصي دوران پارٽي جي مالي پوزيشن ڪهڙي هئي؟ اها به اسان جي سامهون آهي. يعني ان وقت پارٽيءَ جو آمدني جو ذريعو صرف شهيد فاضل راهو ئي هيو. پر تنهن کان به پائي پائي جو حساب ورتو ويندو ۽ هُن ڪڏهن به اهڙي عمل کي برو نه سمجهيو، خوشي سان حساب ڪتاب ڏئي جان آجي ڪرائيندو هو. ان وقت 1976ع-1977ع ڌاري لطيف آباد نمبر پوڻا پنج ۾ پليجي صاحب واري گهر جڏهن آءُ ۽ سائين ڪرم ساڻس ملڻ وياسين ته پليجي صاحب اسان جي سامهون شهيد فاضل راهو کي فون ڪري چيو ته منهنجي گاڏيءَ جو ٽائر پنچر لڳو پيو آهي. تيل به ڪو نه اٿس ان جو بِلو ڪر! اسان ساڻس ڪچهري پئي ڪئي ته ٻه ننڍا ڇوڪرا اندر آيا ۽ پليجي صاحب کي ڪجهه پئسا ڏئي گاڏيءَ جو ٽائر کولي رڪشا ۾ کڻائي ويا ۽ ٿوري دير ۾ ٺهرائي گاڏي ۾ لڳائي هلڻ لڳا ته پليجي صاحب اسان کي ٻڌايو ته هي فاضل جا ڇوڪرا اسماعيل ۽ اسلم آهن!!! پليجي صاحب کان موڪلائي ٻاهر ٿياسين ته سائين ڪرم مون کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته “تو وٽ پنجاهه روپيا هيا ته به حيدرآباد نه پيو اچين هاڻ ته ڏٺئي نه ته پنهنجي ليڊر وٽ ته ٽڪو به ڪونهي، تون اجائي وڏيرپ ڇڏي ڏي” ايئن اسين پليجي صاحب جي اڻ هوند اسماعيل راهو ۽ اسلم راهو جي فرمانبرداري ۽ شهيد فاضل جي مالڪي ڪرڻ جهڙن گڻن مان ايمان تازو ڪري واپس خيرپور موٽياسين. وقت گذرندو رهيو، ڪيئي لاها چاڙها آيا ڇٽ پٽن سان اچي لڳا، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي، ڀٽو قيد ٿي ڦاسيءَ تي چاڙهي شهيد ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪو سياسي جمود طاري هيو ان کي آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪي ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ذريعي ٽوڙيو ويو، موٽ ۾ شهيد فاضل راهو پليجي صاحب سميت ڪيترائي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ خاص طور تي مِٺو مهيري، ادريس ميراڻي، گل چانگ ۽ ٻيا شامل هيا، هنن کي ڪوڙا به هنيا ويا، هلندي 1980ع ڌاري هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن وارن جو نوٽيس پليجي صاحب جي نالي نڪتو ته توهان جيڪو قرض لطيف آباد پوڻا پنج واري گهر لاءِ ورتو هو اهو هاڻي 30000 هزار روپيه ٿي چڪو آهي جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيو ويو ته اهو گهر نيلام ڪري پئسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويندا. تنهن کان پوءِ پارٽي جو حڪم پهتو هو ته “پنهنجي اڳواڻ جي سهائتا ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن اڳيان جهولي ڦهلائڻ کان نه ڪيٻايو، پليجي صاحب جو گهر بچايو!!” پوءِ توکي ته ياد هوندو گل! ڪيئن نه سائين ڪرم پاڻ ٻنهي کي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڊوڙائيندو هو ۽ پاڻ واري موٽر سائيڪل ڪچو پڪو هڪ ڪري ڏنو هو. ايئن سڄي سنڌ خاص طور حيدرآباد ٽيهه، لاڙڪاڻي مان سورنهه ۽ خيرپور مان پنج ۽ باقي ضلعن مان ٿورو ڪي گهڻو فنڊ پارٽي وٽ پهتو هو. مزي واري ڳالهه اها ٿي جو پارٽيءَ فيصلو وري اهو ڪيو ته هن فنڊ مان پندرنهه هزار پارٽي ڏيندي ۽ باقي پندرنهه هزار ساٿي “ناٿو” (شهيد فاضل راهوءَ جو پارٽي اندر نالو) ڀريندو. شهيد فاضل جيتوڻيڪ ان وقت جيل ۾ هيو پر هن پارٽي جو حڪم مڃيندي الائي به ڪٿان پئسن جو بندوبست ڪيو ۽ اهڙي طرح اسان جي قائد، رهبر استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جو گهر نيلامي کان بچي ويو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڏياريندو هلان ته لاڙڪاڻي مان جيڪي فنڊ جا سورنهه هزار گڏ ٿيا هيا سي صحبت ٻرڙو دور بيني اندر لڪائي کڻي آيو هو ته متان ڪو ڦر نه ڪري وڃي. انهيءَ کان پوءِ پارٽي اهو سوچڻ شروع ڪيو ته “پارٽي وٽ ڪجهه اهڙا وسيلا هجن جن جي آمدنيءَ مان پارٽي جو ڪار وهنوار آساني سان هلائي سگهجي” فيصلو اهو ٿيو ته بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ضلعي ٽيڪس وارا ٺيڪا پارٽي لاءِ ورتا وڃن. اهو ذمو ساٿي فاضل تي رکيو وڃي ته هو اهي ٻئي ٺيڪا پارٽي لاءِ وٺرائي ڏئي. تنهن کانپوءِ پارٽي ئي ٻه نالا تجويز ڪيا جن ۾ هڪ غلام قادر پليجو ۽ ٻيو حمزو پليجو! هتي تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ٻئي پليجا پارٽي جي ويجهو به ڪو نه هيا!! ٽيون فيصلو اهو ٿيو ته پارٽيءَ جا انتهائي ايماندار ڪارڪن ٺيڪن جو انتظام سنڀاليندا ته جيئن پارٽي کي صحيح لاڀ ملي سگهي. انهي لاءِ ٻه پارٽي ڪارڪن چونڊيا ويا هڪ اسماعيل سولنگي جيڪو يوسف نانگي جي نالي سان مشهور هو ۽ پوءِ سيٺ يوسف سڏجڻ لڳو ۽ ٻيو هو ادريس ميراڻي جن جي ديانت ۽ سچائي تي پارٽي کي پورو يقين هو. شهيد فاضل راهو پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ ٺيڪا پارٽيءَ کي مليا، ٺٽو حمزو پليجو ۽ بدين غلام قادر پليجو کي مليا. يوسف نانگو ‎ٺٽو سنڀالڻ لڳو ته ادريس ميراڻي غلام قادر جو سهارو بڻيو. ٺيڪن جو ڪم شروع ٿيو ته همراهن جا رويا ئي تبديل ٿي ويا. جنهن جو آخر نتيجو اهو نڪتو ته پارٽي جا ڪم ڪار ته ڌوڙ ٿي ويا پر پليجا اقتداري ايوانن تائين ضرور پهتا. پارٽي جي حساب ڪتاب ۽ آڊٽ ڪرڻ واروکاتو به بند ڪيو ويو. هنن کان ڪا به پڇا نه ٿي ته ساليانو آمدني ڪيتري ٿئي ٿي ۽ ان مان پارٽي کي ڇا ٿي مليو. پارٽيءَ جي ٻنهي ڪارڪنن جي سچائي ۽ انتهائي ايمانداري دولت جي وهندڙ گنگا ۾ لڙهي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي وئي. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن شهيد فاضل راهو اڪيلو پارٽي جا مالي وسيلا پورا ڪندو هو ته انهي کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو هو. پر جڏهن پئسن جي گنگا وهڻ شروع ڪيو ته پارٽي مالي وسيلن جو حساب ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو! انهي جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڇا ان وقت جي انهي پارٽي گروپ جنهن کي پارٽي يعني پليجي صاحب جا تارا مسيح چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو تن منجهه ايتري اخلاقي جرئت آهي جو هو انهي مامري جي سنڌ جي نوجوان نسل اڳيان حقيقت پيش ڪن!؟ يقينن شهيد فاضل پارٽي جي اهڙي روئي تي تنقيد به ڪئي هئي ته احتجاج به ڪيو هو، اها ته سندس نيڪ نيتي هئي جو هن ڪڏهن به اهڙن ناروا طريقن جو سهارو وٺندي پارٽيءَ ۾ ڪا گروپ بندي نه ڪئي. انهي عرصي دوران ايم آر ڊي واري جهدوجهد شروع ٿي چڪي هئي سڄي سنڌ رڻ گجيو راڙو ٿيو، وارو منظر پيش ڪري رهي هئي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو انهي جهدوجهد ۾ پيپلز پارٽي کانپوءِ ٻيو نمبر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو تعداد پنجونجاهه هيو. جيل اندر اسٽڊي سرڪل هلائڻ ۽ ڪارڪنن جي سار سنڀال ۽ نظم ضبط رکڻ لاءِ پارٽي جي منظوري سان هڪ سيل به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ آءُ، حمزو هاري ڊاڪٽر ولي عباسي ۽ سراج سيال شامل هياسين. 1984ع ڌاري اسان جي سيل کي پارٽي طرفان هدايت نامو مليو جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ هڪ اها ڳالهه به چئي وئي هئي ته “دشمن اسان جي صفن ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. آمريڪي قونصل جنرل ۽ نويد قمر (جيڪو ان وقت تازو ئي آمريڪا مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وريو هو ۽ هن وقت وفاقي وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي) سان گڏجي ‎ٺٽي بدين ۽ حيدرآباد جا دورا ڪري چڪو آهي. هر جاءِ تي سندن اهو سوال آهي ته عوامي تحريڪ جي ڪم ڪرڻ جو طريقئه ڪار ڪيئن آهي ۽ سندن مرڪز ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي؟ تنهن ڪري پنهنجي صفن کي مضبوط رکو ۽ ڪو به اهڙو عمل ۽ حرڪت اوهان کي سرزد نه ٿئي جنهن سان دشمن کي فائدو ملي….!” انهي جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن جيل اندر تشدد وسيلي اوهان کان پارٽيءَ متعلق ڪو پچاڻو ٿئي ته مڙسي سان انهي کي برداشت ڪري وڃجي، پر پارٽي متعلق دشمن کي ڪا به ڄاڻ نه ڏجي. اسين جيل اندر سڀ ساٿي ذهني طور تي ايترا پڪا پختا ٿياسين ته ڀلي اسان کي چيري چچري ماريو وڃي پر اسين ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍنداسين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وارن جي وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران هڪ پمفليٽ ورهايو ويو جيڪو جيل اندر سندن دوستن وٽ به پهتو… پمفليٽ جو عنوان هيو “سنڌ جي مزدورن، هارين جي جمهوريت پسند جهدوجهد سان پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي غداري..!” سموري پمفليٽ ۾ ٻه ئي دليل ڏنل هيا ته “پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي گهر جو ٽيلي فون بحال ٿيڻ (ياد رهي ته جتوئي صاحب انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نظر بند ٿيل هو) ٻيو دليل هيو ته عوامي تحريڪ جي سيڪريٽري جنرل رسول بخش پليجي کي ڪوٽ لکپت جيل مان ميو اسپتال منتقل ڪرڻ، جتي پنجاب جي گورنر جنرل جيلاني طرفان خير سگالي طور تي گلدستا پڻ موڪليا ويا آهن…!!” پمفليٽ پهچڻ شرط سياسي قيدين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي همراهن ۾ تمام گهڻو تيش ڦهلجي ويو. حالت اها وڃي ٿي جو حالتن کي سنڀالڻ اسان جي وس کان ٻاهر ٿي پيو تنهن ڪري اسان پنهنجي ٻن دوستن عوامي تحريڪ جي راهب جت ۽ پيپلز پارٽي جي لاڙڪاڻي واسي مساواتي (هن تي هي نالو شهيد ڀٽي جو رکيل هو) کي هڪ کوليءَ ۾ سڄو ڏينهن بند رکڻو پيو ڇو ته اهي ٻئي دوست ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ئي نه ٿي آيا، شام جو پيپلز پارٽي جا اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ مير هزار خان بجاراڻي آيا جن پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي دوستن سان گڏجاڻي ڪري معاملو ٿڏو ڪرايو. وقفي وقفي سان ايم آر ڊي جا اسير به آزاد ٿيندا رهيا. سال 1986ع هلندي عوامي تحريڪ، اين ڊي پي جنهن جو سربراهه خان عبدالولي خان هو ۽ ڪجهه ٻين گروپن کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي نيشنل پارٽي (ANP) ٺاهي جنهن جو پهريون تاسيسي اجلاس مرحوم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪراچي واري گهر تي ٿيو هو. پاڪستان اندر اهڙي قسم جي برجستي کاٻي ڌر جي پارٽي ٺهڻ تي افغانستان جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر نجيب الله پارٽي صدر خان عبدالولي خان کي پنهنجي پارٽي وفد سميت افغانستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي اي اين پي جي مرڪزي ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته محمد فاضل راهوءَ (جيڪو پارٽي جو سينئر نائب صدر هيو) جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد موڪليو ويندو جنهن ۾ بيگم نسيم ولي خان سميت ٻيا اڳواڻ به شامل هيا، افغانستان جي ويزا وفد جي ٻين مڙني ميمبرن کي ته ملي وئي جيڪي ڊسمبر 1986ع ڌاري افغانستان جي دوري تي وڃڻا هيا، پر فاصل صاحب کي سرڪار ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي وچ ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪنهن سڄڻ ماڻهوءَ کي اها کڙڪ پئي ته فاضل جي زندگيءَ کي خطرو آهي، سو ان پليجي صاحب کي اهڙو اطلاع ڪرايو، موٽ ۾ پليجي (E-11) اليون اِي محمّد علي سوسائٽي واري بنگلي تي هڪ دونهاندار پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سرڪار کي خبردار ڪندي چيو ته توهان جا باوردي ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون وغيره …! پوءِ ستت ئي پليجو صاحب علاج واسطي لنڊن روانو ٿي ويو، جتي به کيس خرچ پکي جي ضرورت هئي، جنهن واسطي فاضل سميت پارٽي جي سمورن دوستن سڄي سنڌ مان چندو گڏ ڪري لنڊن موڪليو هو. نومبر ڊسمبر 1986ع ۾ فاضل صاحب سنڌ جو دورو ڪيو هيو. گڏجاڻين ۾ سندس تقرير جو اڪثر موضوع ئي اهو هو ته “موت کان ڇو ڊڄجي! مرڻو ته اڳي پوءِ ضرور آهي. تنهن ڪري ڪجهه ڪري مرجي ته بهتر!” اڄ به جڏهن رڪارڊ ڪيل سندس تقريرون آءُ ٻڌندو آهيان ته مونکي لڳندو آهي ته فاضل صاحب کي واضح طور ٻڌايو ويو هو ته “اسان سان ٺاهه ڪر نه ته ٻي صورت ۾ مرڻ لاءِ تيار ٿي..!!” ۽ پوءِ 17 جنوري 1987ع تي پاڻ کي ته رات جو 8 وڳي بي بي سي ريڊيو تان ئي اطلاع مليو ته “توهان جو ڀنڀور لٽجي چڪو آهي، اوهان جو فاضل راهو قتل ٿي چڪو آهي” پليجي صاحب جي لنڊن واپسي کانپوءِ مون کي پڪ ڏياري وئي ته پارٽي شهيد فاضل راهو جي پلاند لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندي! ڇو ته 18 ڊسمبر 1987 جي رات مون ۽ جمعي نوحاڻيءَ راهوڪي ۾ شهيد فاضل جي قبر جي پاسي ۾ ويهي ڳوڙهن ڳاڙڻ بدران اها رٿابندي پئي ڪئي ته وڌ ۾ وڌ هفتي جي اندر اندر پلاند ٿيڻ گهرجي، اسين اهڙي رٿا جي مختلف پاسن تي سوچي رهيا هياسين ته هڪ پارٽي ساٿي اچي چوڻ لڳو ته توهان کي پارٽي جا ساٿي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو چئي رهيا آهن. تنهن تي اسان ان کي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽي ۽ هو هليو ته ويو پر ٿوري دير ۾ عالم شاهه ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي اچي نڪتا، جن پارٽي ضابطن ۽ پارٽي لائن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان ٻنهي کي اها پڪ ڏياري ته پليجي صاحب کي رڳو پهچڻ ڏيو…….!! ڊسمبر 87 ۾ حسين بخش ناريجي جي پٽن جا طهر ٿي رهيا هيا ته پارٽي طرفان اسان کي اطلاع مليو ته “اپر سنڌ جي مک ساٿين جي گڏجاڻي نئين ديري ۾ حسين بخش جي گهر ٿيندي ان لاءِ اوهان ٻن ساٿين ڪرم وساڻ ۽ شاهنواز راڄپر کي اتي پهچڻو آهي، مونکي سرهائي ٿي ته پليجي صاحب جي موجودگيءَ ۾ اها پهرين گڏجاڻي ٿي رهي آهي يقينن شهيد فاضل جي پلاند ڪرڻ لاءِ ضرور پلاننگ ڪئي ويندي، سو مون مختلف رٿون جوڙي ورتيون ته جيئن گڏجاڻيءَ ۾ ڀرپور انداز ۾ رکي سگهان. نئين ديري ۾ سکر، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جا ٻه ٻه ساٿي پهتل هياسين. رات جي ماني کان پوءِ گڏجاڻي شروع ٿي جنهن ۾ شروعاتي طور عالم شاهه ڳالهايو. سندس سموري رپورٽ يوسف نانگي (اهو پارٽي ساٿي جيڪو ايماندار طور حمزي پليجي کي ڏنو ويو هو) متعلق ڳالهايو جنهن جو تت اهو ٿو بيهي ته “نانگو سپلاير آهي ۽ شهيد فاضل جي پٽ اسماعيل راهوءَ جو اصل خانو خراب ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ جنهن جي ڪري اسماعيل راهو پارٽي کان پري ٿي چڪو آهي وغيره…!! مون رپورٽ به ٻڌي پئي ۽ اسماعيل راهو لاءِ ڪاوڙ واري انداز ۾ سوچي به رهيو هيس ته اسماعيل راهو ٿيندو ڪير آهي جو شهيد فاضل راهو جي پارٽي کان پري ٿيندو پيو وڃي، مون دل ۾ اهو پڪو پهه ڪيو ته سج اڀرڻ سان ڳوٺ وڃڻ بجاءِ لاڙڪاڻي کان سڌو حيدرآباد ويندس ۽ ادي شهناز راهو (شهيد فاضل راهو جي وڏي نياڻي) کي ساڻ ڪري اسماعيل راهو جي چڱي نموني خبر وٺندس. ان وقت منهنجي حالت اها هئي جو گڏجاڻي ۾ ڄڻ آءُ موجود ئي نه هيس، ڇو ته مون خيالن ئي خيالن ۾ اسماعيل راهو سان جهيڙو ٿي ڪيو. گڏجاڻي ۾ منهنجي اها حالت ٻئي ته ڪنهن محسوس نه ڪئي صرف ڀر ۾ ويٺل علي حسن ٻپڙ جيڪو منهنجو هم خيال هو ۽ اسان ٻئي گهاٽا دوست به آهيون، تنهن منهنجي اها حالت ڏسي ورتي ته هي ڪنهن ٻئي جهان ۾ آهي. تنهن مونکي ٺونٺ هڻي واپس گڏجاڻي ۾ آندو ۽ اک جي اشاري سان پڇائين ته ڇاهي؟ مون جلدي چٽ تي لکي ڏنس ته اسماعيل راهو سان جهيڙو. خير عالم شاهه جي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ پليجو صاحب کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو ته اسين سڀ همه تن گوش سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ تازا ٿي پياسين پليجي جيڪا تقرير ڪئي اها وري شهيد فاضل راهوءَ متعلق ۽ انهن ڄٽ پارٽي ساٿين لاءِ هئي جيڪي پلاند ڪرڻ لاءِ آتا هيا! سندس چوڻ هيو ته ڄٽن جي پارٽي اندر هاڻي ڪا به گنجائش ناهي، فاضل به ڄٽڪيون ڪندو هو، منجهس وڏيرڪيون خوبيون هيون ۽ هو هميشھ بيوقوفيون ئي ڪندو هو…!! اهو ٻڌي آءُ سوچڻ لڳس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مون پاسي کان ويٺل سائين ڪرم وساڻ کي ٺونٺ وهائي ڪڍي ته هي ڇا آهي؟ تنهن هٿ جي هلڪي اشاري سان چپ رهڻ لاءِ چيو. آءُ سوچيندو ئي رهيس ته اڃا فاضل جو ڪفن ميرو ته پري جي ڳالهه آ پر سندس خون جا نشان به ڪفن تان ڌنڌلا نه ٿيا آهن ۽ پارٽي قيادت طرفان مٿس ذاتي قسم جي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي آخر ڇو؟ سياسي لائن ۽ سوچ تي تنقيد پارٽي ادارن ۾ ٿيندي رهي آهي، پر هتي هڪ اهڙي پارٽي اڳواڻ تي ذاتي تنقيد ٿي رهي هئي يا اهڙا الزام ٿي لڳا جن جو مون ڪڏهن تصور به ڪو نه ڪيو هو، ڇو ته پارٽي جي مختلف ادارن ۾ مٿس ڪڏهن به اهڙن الزامن متعلق تنقيد نه ٿي هئي، حالانڪه شهيد فاضل ۾ سخت کان سخت تنقيدي جملا برداشت ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، پوءِ سندس زندگيءَ ۾ ڇو نه مٿس اها تنقيد ڪئي وئي، ان رات مون کي ننڊ ڪا نه آئي، باقي رات ڪاڪي ارباب آگاڻي سان ٻاهر مچ ٻاري ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته آخر هي ماجرا ڇا آهي؟ ايتري ۾ علي حسن ٻپڙ ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته سمهين نه ٿو، مون چيومانس ننڊ نه ٿي اچي! چيائين هي گڏجاڻي ۾ ڇا هيو جو هڪ اسماعيل راهو تي ڳالهايو ۽ ٻئي شهيد فاضل تي!؟ چيم اهو ئي ته سوچيان ويٺو جنهن جي ڪري ننڊ نه ٿي اچيم. ڪنهن کان به موڪلائڻ کان سواءِ فجر مهل سڀني کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي، صرف ڪاڪي ارباب کان ئي موڪلايم جنهن دعائون ڪندي روانو ڪيو، ويگن ۾ چڙهي سکر هليو آيس. هاڻي مسئلو اهو سامهون آيو ته سنڌ مان پارٽي ڪنهن کي ٿي موڪلي يا ڪنهن جو نالو ٿي ڏئي. اي اين پي جي سينئر نائب صدر لاءِ، انهي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ گهڻن دوستن جو اهو رايو هو ته اسماعيل راهوءَ کي سينئر نائب صدر ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن هو سياسي طور پرائي سگهي، ڪجهه ٿورن دوستن جو خيال هو ته هي انقلابي پارٽي آهي جنهن ۾ موروثيت ۽ ذاتيات جو تصور نٿو ڪري سگهجي. پوءِ واري حالت کان ته هر پارٽي جو دوست واقف آهي، هر ضلعي ۾ هيٺين سطح جي يونين تائين “موروثيت هڪ غلط لاڙو” جي عنوان سان هدايت ناما پڙهايا ويا، هر سطح تي بحث ٿيڻ لڳا. نيٺ عالم شاهه پارٽيءَ جو نائب صدر ٿيو ۽ ڄڻ ته سنڌ جو ڪو وڏو مسئلو حل ٿي ويو. سوال اهو ناهي ته اسماعيل راهوءَ کي موقعو ڇو نه ڏنو ويو؟ اصل ڳالهه روين جي آهي، احساس محروميءَ وارا رويا ئي ماڻهو کي خسيس بڻائيندا آهن. شهيد فاضل جو قتل ڪيس جلد ئي قاتل ڌر طرفان بدين کان ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪرايو ويو. شهيد فاضل جو وڪيل عبدالسلام انصاري هو جيڪو حيدرآباد جو تمام ماهر وڪيل رهيو آهي.اهو به سرڪار پاران ئي اسان تي رحم کائيندي ڏنو ويو هو ته ڇا ياد ڪندا، ان (قتل ڪيس) متعلق اسان جي پارٽي ۽ قائد جا ڪهڙا ويچار هيا؟ پارٽي قتل ڪيس جو ڪراچي ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ ان جي پوئواري ۽ مالڪي مان ڇو هٿ ڪڍي وئي؟ آخر ان جا سبب ڪهڙا هيا؟ ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ اکين ڏٺن شاهدن جمن سولنگي، جعفر جاکرو ۽ حسن لوهار کي گولاڙچي شهر ۾ ڌمڪيون ملنديون رهيون ته “خبردار جيڪڏهن توهان فاضل راهو جي حق ۾ ۽ اسان جي خلاف شاهديون ڏنيون ته اوهان جو حشر به اهو ٿيندو جيڪو فاضل راهو جو ٿيو آهي” ان صورتحال کان پوءِ فاضل جي پارٽي دشمن جي ڌمڪائڻ واري عمل تي ڪهڙو رد عمل ڏيکاريو ۽ ڪهڙي رٿابندي ڪئي ته جيئن ڪيس جي شاهدن جيڪي به پارٽي جا ڪارڪن هيا انهن جو تحفط ڪري سگهجي؟ پر ڪنهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي به تڪليف ڪا نه ڪئي نتيجي ۾ پارٽي کان ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجڻ لڳي. خود گولاڙچي سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر لطيف کهڙو جيڪو چانڊڪا ڪاليج جي زماني کان منهنجو دوست رهيو آهي جڏهن اهو ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ مون سان مليو ۽ ڪيس متعلق مون کي ٻڌايائين ته “مون تي گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته حاضرين تي به پيش ٿي، تون جيئن چوندين ايئن ٿيندو ٻي صورت ۾ تو لاءِ سٺو نه ٿيندو يعني ان کي ڌمڪائڻ ۽ لالچون ڏيڻ جو ڪم دشمن طرفان ٿي رهيو هو. مون جڏهن ڊاڪٽر لطيف کي چيو ته “يار پرواهه نه ڪر اهڙي ڳالهه ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ توکي ڪجهه نه ٿيندو، تنهن تي مون کي چيائين ته “منهنجو فڪر ڇڏيو، پنهنجي شاهدن جو بچاءُ ڪريو جيڪي ڪيس تي به ڪو نه ٿا اچن. اها هئي شهيد فاضل جي پارٽي جي حالت، ٻيو ته ڇڏيو پر ڪيس هلڻ دوران ته محترم رسول بخش پليجي جا اهي لفظ ته “چانگ (يعني شهيد فاضل جا قاتل) بيوقوف آهن مون کي وڪيل ڪن ها ته آءُ کين ماڻهو جلدي ۾ ئي ڇڏرائي ڏيکاريان هان…..!!” انهي عمل ۽ رويي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن 12 مئي 1990ع ۾ ڪيس جي فتويٰ آئي پئي ته پليجي صاحب کي چيو ويو ته “سائين اڄ شهيد فاضل راهو جي ڪيس جي فتويٰ آهي هلو ته ڪورٽ ۾ هلون!” تنهن تي به سندس جواب اهو ئي هيو ته “ڇا مون کي ٻيا اهم ڪم ڪونهن؟ ڇا هي دنيا جو ايڏو وڏو ڪيس آهي جنهن کي آءُ ٻڌڻ هلان!!” پليجي صاحب سان اها آخري حجت جنهن به ڪئي اسان ان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ کپي ته زندهه فاضل کان شهيد فاضل وڌيڪ چڀندڙ ۽ اک جو ڪنڊو آهي..!! هينئر ويب سائيٽس تي ڏيکاريو پيو وڃي ته “عوامي تحريڪ کي پليجو خاندان ۽ بلوچ فيملي ئي منظم ڪري هلايو! ته پوءِ ٻيا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڪيڏانهن ويا!؟ آخري ڳالهه پڇندس ته 1980ع ۾ اسان جي پارٽي وٽ ٽيهه هزار ڪونه هيا، پر اٺن سالن بعد جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون، ٿيون هيون تڏهن پليجي صاحب جو چونڊن وارو خرچ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ جي وڃي بيٺو هو. اهي پئسا ڪٿان کان آيا؟ ٻيو ته اليڪشن دوران جڏهن سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڳالهايو ويو ۽ شهيد محترمه بينظير اسماعيل راهو واري صوبائي سيٽ ڏئي رهي هئي ته اها ڇو نه ورتي وئي. محترمه بينظير ڀٽو جو اهو چوڻ هيو ته شهيد فاضل راهوءَ جون جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن تنهن ڪري اها سيٽ سندس قربانين ۽ خدمتن جي مڃتا طور سندس پٽ کي ڏئي رهيا آهيون. پر شهيد فاضل جون جمهوريت، عوام جي خوشحالي، پورهيت انقلاب لاءِ ڏنل قربانيون سندس ئي دوست کي قبول ڪو نه هيون…. آخر ڇو؟ مون کي اڃا به ڪيترائي سوال پڇڻا آهن. انهي سڄي کوجنا ۽ واقعن جي تسلسل ۾ مون کي اهو ئي جواب مليو آهي ته … “تير لڳڻ کان پوءِ جڏهن مون پوئتي نهاريو ته، توسان ئي ملاقات ٿي وئي..!! (پندرنهن وار “افيئر” ۾ شايع ٿيل)

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud