Just another WordPress.com weblog

 ترقي يافته ملڪن ۽ سماجن جي ڳوڙهن اڀياسن مان معلوم ٿيو آهي ته سندن تيز ڪاميابين پويان ٻين سببن سان گڏ سندن پاران هڪ ٻئي سان دنياوي وهنوارن، ميل ملاپن، لڳ لاڳاپن، رشتن ناتن ۾ روا رکيل توازن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي.  اهي تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ پنهنجن روين ۾ پڻ تبديلي آڻيندا آهن. انهن جو مثال وهندڙ دريائن وارو هوندو آهي. سوچيندڙ سماج دريائن جي انهن تيز وهڪرن جيان هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر ڦٽي ڪيل گند ڪچري کي پنهنجي تيز رفتاريءَ سان لوڙهي ڇڏيندا آهن. ان جي ابتڙ جيڪي پوئتي پيل، وقت جي رفتار جو گھٽ اندازو لڳائيندڙ، ۽  پراڻن دقيانوسي خيالن کي چهٽيل سماج هوندا آهن انهن جو مثال هڪ جاءِ تي بيٺل، ڌپ ڪري ويل گندي پاڻيءَ  جي ان  دٻي وارو هوندو آهي. جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي زهريلا جراثيم پيدا ٿي ڪري بيماريون پکيڙيندا آهن. اهڙا سماج ترقي جي تيز رفتار ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن. ان ڪري جيڪي سماج ۽ فرد ترقي جي راهن تي پنهنجي وک وڌائڻ جا خواهش مند آهن انهن کي سڀ کان پهرين انهن سببن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. مثال طور اسان جي سماج جي ترقي ۾ جيڪي اڪيچار رڪاوٽون آهن انهن ۾ هڪ رڪاوٽ صنفي معاملن جي حساسيت جو صحيح ادراڪ نه هئڻ به آهي. سنڌ جي شهرن ۾ عام طرح ۽ خاص طور تي ٻهراڙين ۾ جيڪي به ريتون رسمون رائج آهن، اڪثر اٻوجھ ماڻهون انهن کي الهامي سمجھن ٿا. سندن پڪو ۽ پختو رايو آهي ته سندن وڏن جيڪي ڪيو هيو اهو سؤ سيڪڙو صحيح هيو ۽ کين به انهن ريتن، رسمن ۽ رواجن تي اکيون پوري عمل ڪرڻ گھرجي. اسان جا اڪثر سنڌي ماڻهون پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي اهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه کي ئي گناهه سمجھن ٿا.  ٻه مهينه اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مان پنهنجي ويجھن رشتي دارن ۾ ٿيل فوتگيءَ لاءِ تڏي تي ويٺو هوس ۽ ڳالهين ٻولهين هلندي مون کين التجا ڪئي ته اهي پنهنجي نياڻين کي علم جي زيور سان مالا مال ڪن.   منهنجي اها ڳالهه ٻڌي هڪ انتهائي ويجھي مائٽ سخت رد عمل ڏيکاريندي چيو ته هو مون وانگي اڃا ايترا بي غيرت ناهن ٿيا جو پنهنجن ڇُوڪِريُن کي اسڪولن ۾ موڪلين.   ٻهراڙين ۾ اڪثر وڏڙن جي واتان ٻڌو آهي ته ”عورتن کي عقل کڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ سج لٿي کان پوءِ اتان به نڪري ويندو آهي.“ ان جو مطلب اهو ٿيو ته عورتون ڄمندي ئي عقل کان وانجهيل هونديون آهن. ان ڪري ساڻن رويو به اهڙو ئي رکيو وڃي. اسان جڏهن ڳوٺ کان اسڪول پڙهڻ لاءِ سائيڪل تي سوار ٿي نڪرندا هئاسين ته رستي ويندي هڪ ماڻهون ملندو هيو جيڪو روزانو پنهنجي زال ۽ هڪ عدد گڏهه سان شهر ويندو هيو.  هو زال سان مسلسل ڳالهائيندو رهندو هيو. سندس ڳالهائڻ ۾ جھجھيون گاريون ئي هونديون هيون جيڪي هو پنهنجي گھرواريءَ کي ڏيندو رهندو هيو ۽ جڏهن پنهنجي گڏهه کي چهبڪ هڻندو هيو ته ان سان گڏ هڪ اڌ پنهنجي زال کي به وهائي ڪڍندو هيو.  پر سندس گھر واري بلڪل چپ رهندي هئي. سندس چهري تي ڪي به تاثر نه اڀرندا هيا. مون کي پنهنجي بابا ٻڌايو هيو ته اها سندس زال ڪا گونگي ۽ ٻوڙي ناهي سڀ ٻڌي ۽ سمجهي ٿي.  کيس سندس مڙس ڪٽي ماري پنهنجي گڏهه جهڙو گگدام بنائي ڇڏيو آهي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي ته هڪ پڙهيل لکيل دوست وٽان هڪ عدد ميسيج پهتو ته جنت ڇاهي؟ سندس ئي جواب هيا ته هڪ عدد بنگلو ڊفينس ۾، ٻه ٽي نوجوان ۽ حسين گرل فرينڊس،  نوڪر چاڪر، مرسڊيز گاڏي، بليڪ بيري، ايپل جو ليپ ٽاپ، جھجھو بئنڪ بئلنس ۽ هڪ عدد گونگي ۽ ٻوڙي زال؟؟؟؟ ان ميسيج مان شهري مردن جي تعصبي روش جي کلي نمائش ٿئي پئي ته اهي پڻ پنهنجن گھروارين کي پنهنجي زندگيءَ تي بار سمجھن ٿا. ساڻن گذاريل وقت کي بس زماني سازي ڪري برداشت ڪن ٿا. 

 منهنجي امڙ روزانه اسر ويل بستري کي ڇڏي جنڊ پيهي گھر جي سمورن ڀاتين لاءِ اٽو ٺاهيندي هئي. ڏاندن، مينهن، ڳئون ۽ ٻڪرين کي گاهه ڏئي سندن ڇيڻا ميڙي ڍير تي اڇلائيندي هئي. ان ڪم کان فارغ ئي نه ٿيندي هئي ته وري گھاگھر ۾ لسي مکڻ ٺاهڻ سان گڏ سمورن گھر جي ڀاتين لاءِ ماني به پچائيندي هئي. اڃا کيس ان ڪم مان پوري طرح فرصت ئي نه ملندي هئي ته گھر جو اڱڻ صاف ڪرڻ لاءِ ٻهاري هٿ ۾ کڻندي هئي. ان بعد ٿانو ٿپا ڌوئڻ جو ٽائيم ٿي ويندو هيو. ڪپڙا ڌوئڻ جو ڪم به لڳ ڀڳ هڪ نه ته ٻئي ڏينهن تي کيس ئي ڪرڻو پوندو هيو. گھر جي انهن ڪمن مان فراغت ملڻ بعد هوءَ ڍور ڍنگرن لاءَ گاهه پٺي لاءِ گھر کان ڪيئي ڪلو ميٽر پري زمين رواني ٿي ويندي هئي. جتان گاهه جون ڀريون ٻڌي مٿي ته کڻي ايندي هئي. گاهه کي ڪتر ڪري کڙ ملائي مينهن ۽ ڏاندن کي ڏيڻ، مانجھاندي، سج لٿي جي ماني ۽ ٻوڙ رڌڻ کان پوءِ سمورن گھرڀاتين جي کٽن کي اڱڻ ۾ رکي انهن تي بسترا وڇائڻ جو ڪم به کيس ئي ڪرڻو پوندو هيو. لابارا ڪرڻ، ڳاهه ڳاهڻ، رليون سبڻ، کجي جي پتن مان تڏا جوڙڻ، ڀرٿ ڀرڻ وارا ڪم اضافي هوندا هيا.  هوءَ سڀ کان اول اٿندي هئي، سڀ کان گھڻو ڪم ڪندي هئي، سڀني جي سار سنڀار لهڻ بعد ئي بستري حوالي ٿيندي هئي.  پر سندس اهي ڪم ڪنهن به ليکي چوکي ۾ ڪونه ايندا هيا.  کيس بنا ڪنهن سبب جي بابا سائينءَ جو مار موچڙو الڳ سهڻو پوندو هيو.   اسان جي معاشري ۾ عورتن پاران اقتصادي وهنوار ۾ ادا ڪيل سندن عظيم ڪردار کي انتهائي خسيس سمجھيو ويندو آهي،  کين اهو باور ڪرايو ويندو آهي ته اهي پنهنجن مڙسن کي خوش رکن، ٻارن کي پالين ۽ گھر گھاٽ لاءِ وڌ کان وڌ بنا معاوضي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين. اسان جو مرداڻو معاشرو کين گھر جي ڪم ۾ رات ڏينهن جنبيل نوڪرياڻين جي نگاهه سان ڏسندو آهي.  مون هتي پنهنجي گهر جو مثال ڏئي سمجهايو آهي جيڪي ڪجھ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پرکيو هيو پر درحقيقت ته اها ته سموري ڳوٺ ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪهاڻي هئي ۽ اڪثر جاين تي اڄ به جاري و ساري آهي.

اسان جي هن سماج ۾ عورت کي به بس هڪ وکر جيتري اهميت مليل آهي. ڪجھ وڌيڪ ڪردارن جو ذڪر ڪري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندس،  جن جو مون ذاتي طرح مشاهدو ڪيو آهي. هڪ جواڻ جماڻ ڇوڪِرِيءَ جي شادي هڪ تمام ننڍي عمر جي ڇُوڪري سان محض ان ڪري ڪرائي ويئي ڇوته ان ڇوڪري جي ماءُ جي شادي وقت اهو طئي ٿيو هيو ته ٻي ڌر هڪ سڱ کين ڏيڻ جو پابند آهي. جيستائين ڇوڪرو جوان ٿيو تيستائين سندس گھرواريءَ جي جواني ختم ٿي ويئي. ڇوڪري ٻي پنهنجي پسند جي شادي هم عمر ڇوڪريءَ سان رچائي ۽ هاڻي سندس اڳين پوڙهي زال سندس نيئن ڪنوار جي ٻانهي طور گھر ۾ ڪم ڪار ڪندي آهي. ان نموني هڪ انسان جي سڄي ڄمار اسان جي جاهل سماج جي غلط ريتن رسمن جي ور چڙهي ويئي ۽ هن زندگي جو ڪو سک نه ماڻيو.

اهڙي ئي ڏي وٺ جي شاديءَ ۾ هڪ ڌر پنهنجي لهڻي جي ٻانهن ان وقت گھري جڏهن اڃا ڇوڪريءَ جي عمر يارنهن سال مس ٿي هئي. شادي بعد کيس جلدي ئي پيٽ ٿي پيو.  ننڍي عمر، اڻ پوري کاڌ خوراڪ، حد کان وڌيڪ ڪم ڪار، علاج معالجي جي اڻهوند ڪري کيس انتهائي پيچيدهه بيماري وڪوڙي ويئي. ڊاڪٽرن چڪاس بعد ٻڌايو ته اهو ٻار ڪيرائڻو (ايبارشن) پوندو پر ان صورت ۾ اها ڇوڪري وري ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق به نه رهندي.  ٻي صورت ۾ ڇوڪري جي زندگيءَ بچي نه سگھندي. نيٺ ڇوڪري جي زندگي بچائڻ لاءِ پهرين آپشن کي قبول ڪيو ويو. هاڻي ڇوڪري جواڻ جماڻ آهي پر کيس سمورن گھر ڀاتين واتان روز ذليل ٿيڻو پوندو آهي ته ”هو نڀاڳي آهي ۽ ٻار ڄڻڻ جي لائق به ناهي“ حالانڪه ان ۾ سندس ته ڪو قصور ئي ناهي. پر هن مرداڻي سماج ۾ هر ڏوهه عورت ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي. جيڪي رشتا ناتا ٿين ٿا انهن ۾ گھڻو تڻو ڪردار گھر جي مردن جو هوندو آهي. انهن رشتن ناتن ڪري جيڪي جھيڙا جهٽا ٿين ٿا ته ان جو سڌو سنئون نشانو وري عورتون ئي بڻجنديون آهن. شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻوليون هلنديون آهن انهن ۾ ڇوڪرن کي ته ڪنهن حد تائين آزادي مليل هوندي آهي ته هو پنهنجي پسند ناپسند جواظهار ڪري سگھن پر ڇوڪرِي جي پسند ناپسند پڇڻ کي ئي بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. اهڙن رشتن ڪري ڪيئي مونجھارا پيدا ٿي پوندا آهن جيڪي اڳتي هلي خوني رتوڇاڻ جو سبب به بڻبا آهن. اهو تماشو روز اسان جي اڳيان ٿيندو آهي ته شادين مرادين تي ڳائي وڄائي خوشيون ملهائيندا آهيون پر اهي خوشيون پاڻيءَ تي ڦوٽي جيان صفا عارضي هونديون آهن. سڱاوندي ڪندڙ ڌريون سالن، مهينن ڪن صورتن ۾ ته ڪجھ هفتن بعد ئي هڪ ٻئي تي لٺيون اڀيون ڪيون بيٺا هوندا آهن. محبت، پيار، پنهنجائپ، خلوص وارا جذبا جيڪي شاديءَ جي تقريب کان اڳ يا ڪاڄ هلندي ڏٺا ويندا آهن، اهي پوءِ اڻ کٽ اختلافن، تڪرارن، جھيڙن جھٽن جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. اهڙن تڪرارن ۾ ٻنهي ڌرين جون عورتون سڀ کان وڌيڪ لوڙينديون آهن. طلاقون، مارڪٽ، طعنا طنقا سندن زندگين کي زهر بڻائي ڇڏينديون آهن.  عورتون جسماني توڙي ذهني تشدد برداشت ڪري، بي عزتيون سهي به ڏوهاري سمجھيون وينديون آهن ۽ مرد بدمعاشي ڪرڻ، جھيڙا جھٽا ڪرڻ، قتل جهڙيون سنگين وارڌاتون ڪرڻ بعد به مڙس ماڻهون سڏبا آهن. اسان جا ڳوٺ اهڙن مڙس ماڻهن سان سٿيل آهن جيڪي پنهنجي گھروارين، ڀيڻن، ڀاڄايائين جي عزت سان زندگي گذارڻ جا سمورا گس بند ڪيون ويٺا آهن.

اسان جو سماج عورت کي انسان نه پر هڪ جانور تصور ڪري ٿو. جنهن کان وڌ کان وڌ ڪم ورتو ويندو آهي، کيس بس ايترو کارايو پياريو ويندو آهي ته جيئن هوءَ زندهه رهي سگھي، ٻار ڄڻي سگھي، الله الله خير سلا. زماني جا قدر بدلجي ويا آهن يا بدلجي رهيا آهن پر پنهنجي سماج ۾ عورتن سان مت ڀيد وارو ماحول جيئن جو تيئن موجود آهي.

صنفي اڻ برابري اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ وڏو چئلينج آهي. سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن جي ڄاڻ رکڻ تمام ضروري آهي، ڇوته قومي ترقي تڏهن ٿي سگهندي جڏهن عورتن کي برابريءَ وارو رتبو ڏيئي کين قومي ترقيءَ ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق بڻايو ويندو، ۽ سندن لاءِ سماج اندر اهڙا موقعا پيدا ڪيا ويندا ته جيئين اهي هنرمند ٿي ڪري گھر ۽ وطن جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن.   عورتن سان متڀيد واري روين تي ٻڌل قانونن جي خاتمي کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.  اسان کي معاشري اندر بهادر، جفاڪش عورتن کي عزت ڏيڻي پوندي.  سماج جي سمورن وهنوارن ۾ سندن شموليت، اهم فيصلن ۾ سندن راءِ جو احترام ڪرڻو پوندو. مٿن تشدد جو خاطمو ڪري ساڻن تعصب ۽ امتيازي سلوڪ وارين روين کي پاسيرو رکي کين برابري جي بنياد تي اڳتي اچڻ جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.  ڇوته عورتن سان متڀيد وارن روين سان مجموعي طور تي معاشرو ڪمزور ٿيندو آهي. اسان جي آئين ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته ڪنهن سان به جنس جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ هاڻي اسان جي هر پڙهيل لکيل ۽ سمجھ ڀريل مرد ۽ عورت جي ايجنڊا تي هميشه سر فهرست رهڻ گھرجي. عورتن کي پڻ پنهنجو پاڻ اڳتي اچڻ ۽ قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اسان سڀني کي گھرجي ته عام گھٽ سمجھ وارن ماڻهن ۽ انتهاپسندن پاران عورت دشمن پاليسن کي رد ڪريون. ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ توجه ڏيون ته جيئن مستقبل ۾ ٿيندڙ امڪاني تباهڪارين کان به بچاءُ ٿي سگھي ته ماضي جي ڪيل غلطين جو ازالو به ٿي وڃي.   

آخر هي نڌڪ، نود معاشرو ڪو آفاقي ته ڪونهي. اهي سموريون ريتون رسمون اسان انسانن جون پنهنجون جوڙيل ۽ ٺاهيل آهن. جيئن اهي اسان ٺاهي پنهنجي پاڻ تي لاڳو ڪيون آهن بلڪل ساڳي نموني ان مان جند آجي به ڪري سگھون ٿا. مدي خارج سمورين ڳالهين کي لت وهائي، ڌوڙ جي ڍير تي اڇلائي، ڀلين روين کي اپنائي سگھون ٿا. ان ڳالهه لاءِ هرو ڀرو ڪنهن وڏي فلسفي سکڻ جي ضروت به ناهي ۽ نه ئي ڪا وڏي جنگاڻ ڪرڻي آهي يا ڪوخرچ لڳڻو آهي. بس ڏيئي وٺي پنهنجو دماغ درست ڪرڻو آهي. صنفي حساسيت کي سمجھي ان جا صحيح حل ڳولهي پنهنجي گھر اوڙي پاڙي ۽ پوري سماج تي لاڳو ڪري ان تي عمل ڪري ترقيءَ جي ڏاڪن تي چڙهڻو آهي.  اسان کي اٺ پکيءَ واري وانگر منهن واريءَ ۾ لڪائي اهو نه سمجھڻ گھرجي ته جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کي زمانو نه ٿو ڏسي يا اها بي خبر هوندي. حقيقت ۾ ته بي خبر اسين پاڻ آهيون جو زندگي سان سلهاڙيل تمام اهم ڳالهين تي اکيون پوري ٿا ڇڏيون. اها روش هڪدم مٽائي اسان کي سماج جو ذميوار فرد بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان نموني اسان هڪ عزت ڀريو، متوازن معاشرو قائم ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين.  

    

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud