Just another WordPress.com weblog

اروڙ جو سير

       


مون کي جڏهن به ڪو يار دوست گهمڻ ڦرڻ يا سير  تفريح لاء چوندو   آهي ته پوء سڀ ڪم ڪار هڪ پاسي رکي ان دوست سان نڪري    پوندو آهيان ۽ نومبر  جي 24 تاريخ جڏهن سکر جي هڪ خوبصورت مکڙي ۽  ان ظاهري صورت کان وڌيڪ سيرت ۽ سڀاء واري سائين ستار زنگيجي اروڙ    جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي گهمڻ جي دعوت ڏني هئي ته سکر کان خاشو ڏور گهوٽڪي   کان به ڪجهه پرڀرو سنڌ جي يگاني صوفي شاعر حضورڻ سائين جي پهرين ورسي جي مناسبت سان لڳل ميلي ۾ پرين پياري فقير نذير سان گڏگهمندي ۽ نوجوان گادي نشين ۽ ڀلوڙ راڳي سخاوت سائين جي محبتي محفل مان مزو ماڻيندي به سويل سکر پهچي اروڙ اسهڻ جي اڻتڻ جهڙوڪر سمهڻ ئي نه پئي ڏنو۽ پوءِ پرهه ڦٽيءَ جو اٿي کڻي کُڙيءَ تي زور رکيو هوم ۽ اسان اروڙ ڏانهن  ٻن موٽر سائيڪلن تي روانا ٿيا هئاسين ستار سان گڏ هڪ ٻيو باشعور نوجوان شبير سومرو به ساڻ هيو، اهو ڏينهن ڪجهه ٿڌيرڙو هيو ڪجهه ڪڪر به آسمان جي وسعتن ۾ لغڙن جيان اڏامي رهيا هئا. حقيقت ۾ اهو مون لاءِ هڪ قسم جو مطالعاتي دؤرو هيو. جن کي سنڌ جي تاريخ سان ٿورڙي به دلچسپي هوندي اهي ڄاڻن ٿا ته اروڙ ڪنهن دؤر ۾ سر سبز، شادباد ، سونهن واري سنڌ جي راڄڌاني هئي، جتي وڏي مان ۽ مريادا وارا راجا ۽ مهاراجا رهندا هئا. جتي علم هيو جتي امن هيو جتي فن هيو ۽ فنڪارن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکيو ويندو هيو، ان کان علاوه اتي خوشيون ۽ خريد به هئي ان ڏيهه جا رهواسي خوش ۽ خوشحال هيا. ميرمحمد معصومي پنهنجي لاجواب تاريخي ڪتاب تاريخ معصومي ۾ اروڙ جو احوال اجهو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛ (الور مهراڻ نديءَ جي  ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون، مضبوط محلاتون،ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواهه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي. انهيءَ طرف جي ملڪ ۽ شهرن جو مالڪ مختيار ۽ صاحب اقتدار سيهرس  راءِ پٽ ساهسي هو. جيئن ته سيهرس راء نيڪوڪار ۽ عدالت پسند هو، ۽ عام خلق جون گردنون سندس قسمين قسمين مهربانين ۽ طرحين طرحين  احسانن جي بار هيٺان سدائين جهڪيل هونديون هيون، تنهنڪري عام  ۽ خاص ماڻهن جا ٽولا سندس فرمانبرداري دل و جان سان ڪندا هئا، ۽ سندس ملڪ جون حدون اڀرندي طرف کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي طرف کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر جو هاڻي لاهري بندر جي نالي سان مشهور آهي، ڏکڻ طرف کان سورت بندر ۽  ديو بندر ۽ اتر طرف کان قنڌار، سيستان، ڪوهه ـ سليمان، ڪردارن ۽ ڪي ڪانان جي سرحدن تائين هيون. هُن، هِن ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائي ، هرهڪ حصو هڪڙي حاڪم جي سنڀال هيٺ ڏيئي الور جي شهر کي  پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو.؛ )   تاريخ جي بدقسمتي ڏسو ته اها خوشحالي  ئي اسان جي غلاميءَ جو ڪارڻ بڻي، ڏوراهن ڏيهن کان ڪيئي هلاڪو ۽ چنگيز جهڙا سفاڪ قاتل  مختلف بهانا ڳولهي هتي آيا،جِن هن ملڪ جي شريف، نفيس ۽ پرامن ماڻهن جو وڏي بيدردي سان قتلام ڪيو،   شهر مسمار ڪيا ويا ڪتبخانا ساڙيا ويا، دوستو   26نومبر 2006 واري ڏينهن تي اسان ان قسم جا احساس رکي ان طرف اسهيا هئا سين. اروڙ سنڌ جو هڪ عظيم تاريخي ماڳ آهي. هتي هڪ خاشو وڏو قلعو تعمير ٿيل هو جنهن کي ڊاهي بکر جو قلعو تعمير ڪيو ويو هيو. هي اهو علائقو هيو جتي سنڌ جي ماڻهن ڌارين حملي آورن سان مهاڏو اٽڪايو هيو. اتي ئي هڪڙي ڊٿل مسجد آهي جنهن لاء ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها محمد بن قاسم سنڌ جي فتح بعد جوڙائي هئي، وري ڪجهه ٻين جو خيال آهي ته اها محمد بن قاسم جي جوڙايل نه ٿي لڳي ڇو ته ان جي اڏاوت مغل طرز تي ٿيل  آهي بهرحال اهو فيصلو ته آثارـ قديمه جي ماهرن کي ڪرڻو آهي ته اصل حقيقت آهي ڇا؟ پر هتي اهو ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي نه رهندو ته ان مسجد کي محمد بن قاسم سان منسوب ڪري هڪ  جڙتو مذهبي تنظيم  ملڪ جي هڪ فوجي آمر کان لکين روپيا ان جي ٻيهر اڏاوت لاء وصول ڪيا هئا ۽ انهن ان مسجد ۽ محمد بن قاسم جي نالي کي پنهجي ذاتي مقصدن ۽ مفادن لاء خوب استعمال ڪيو هيو ڏسو ته ڪيئن نه دنيا وارن نه رڳو سياست پر مذهب کي پڻ هڪ منافع بخش ڪاروبار  ۾ تبديل ڪري  ڇڏيو آهي. اسان جڏهن ان ڏينهن اتي پهتا هئاسين ته انوقت ٻه عدد باقي بچيل ڀتيون بيٺيون هيون، ۽ اهو نظر اچي رهيو هيو ته اهي به بس هڪ ٻن برساتن بعد نيست  نابود ٿي وينديون. ان مسجد ڀرسان هڪ قديمي کوهه به آهي. اهو پورو علائقو ان ڪوٽ ۾ آهي جنهن جا ته هاڻ آثار به گم ٿي رهيا آهن ۽ پوء اسان ڳچ وقت ان تباهه و برباد ٿيل قلعي جي آثارن تي بيهي تصور پچايا هئا ننڍڙين ننڍڙين  پٿرين کي هٿ ۾ جهلي مستقبل ۾ سونهن واري سنڌ  جي سينڌ سنوارڻ جا وچن ۽ وعدا پڻ ڪيا هئا. دوستو هيءَ اهائي اروڙ جي وستي آهي جنهن جي سڳند ڀري مٽي مان سنڌ جو يگانو، بي باڪ ۽ بهادر قلمڪار سائين رشيد ڀٽي به جنم ورتو هيو  اروڙ کي هن وقت به رشيد ڀٽي صاحب جا مائٽ آباد ڪيون ويٺا آهن   انهن مان ئي شهمير فقير۽ نثار ڀٽيءَ جڏهن اسان کي ائين اٻاڻڪو ۽ اتاولو ڏٺو ته کائن رهيو نه ٿيو ۽ اهي اسان کي وڏي اڪير ۽ اتساهه سان   پنهجي اوطاق تي وٺي آيا ۽  خوب تواضع   ڪيو هيائون سندن اسرار هيو ته اسان سندن تڏي تي مانجهاندو ڪيون هنن جي پيار ۽ خلوص مان ڏاڍا متاثر ٿيا هئاسين پر اسان کي ته اڃان ڪجهه اڳتي وڃڻو هيو  سندن ٿورا  بجا آڻي اسان وري پنڌ کي ڇڪيو،  چُن جي  جبلن جو نظارو ڪندا اڳتي پئي وياسين ته انهن پنهجي نسل ڪشيءَ جون جهڙوڪر اسان کي دانهون ڏنيون، تنهن وقت به ڪيئي ماڻهون  بيلچن، ٽيڪمن سان  انهن جو  ماس روڙي رهيا هئا، روهڙي کان ڪوٽ ڏجي تائين اهي جبل علائقي جي سونهن بڻيل آهن، ڪاروباري ذهنيت رکڻ  وارا سندن  خوبصورت وجود  کي ڌرتي تان گم ڪندا پيا وتن، ڪيڏا نه ويران، بدصورت ۽ بيابان لڳندا اهي علائقا انهن جبلن کان سواءِ، ان قسم جو محض تصور ئي ڏڪائي ٿو ڇڏي،  شايد سندن  انهن آهن جو اثر هو ته اسان انهن سان گڏجي ڦوٽو شوٽ ڪيا. اڃا انهن انومانن ۾ غلطان هئا سي ته،  اتي ئي هڪ جهنگلي وڻ به منهجي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي جنهن ۾ڪجهه پرڀرو کان نظر نه ايندڙ گؤنچن سان گڏ خوبصورت گل ڏسندي اندر ئي ٺري پيو هيو ڀلا اهڙي من مونهڻي خوبصورتي کي ڪيئن ٿي نظر انداز ڪري سگهياسين، ٻه عدد ان جون تصويرون وٺي ئي اڳتي وڌيا هئاسين، ٻنهي طرفن کان جبل وچ۾ چاري نمان روڊ، هيڪڙ ٻيڪڙ ٽريفڪ نه ته مڪمل سانت، ۽ اهڙي پرسڪون لمحن ۾ انهيءَ روڊ تي اسان جون ڊورندڙ موٽر سائڪلون ائين پئي محسوس ٿيو جهڙوڪڙ تاريخ پوئتي موٽ کاڌي هئي ۽ اسين ڌرتيءَ جي حفاظت لاء گهوڙا ڊوڙائي رهيا هئاسين، ڀلا ڪڏهن ته انهن ئي رستن، جبلن جي لاهين ۽ چاڙهين، ميدانن تي سنڌ جا ڪوپا جوان ڪڏيا هوندا، انهن جو مقدس رت پنهجي ڀونءِ جي حفاظت ڪندي وهيو هوندو، بس اهڙيون سوچون ئي اسان لاء آٿت جو سبب هيون، ۽ سکر کان ايندي ۽ پوءِ موٽندي اسان جي سموري ڳالهه ٻولهه به اها ئي هلندي رهي. ان بعد اسان جو ٽن ڄڻن ۽ ٻن موٽر سائيڪلن تي مشتمل قافلو ڪالڪا ديوي جي مندر ۽ ان جي بلڪل سامهون جڙيل مسجد ۽ مدرسي طرف روان دوان هو، مسجد جي زيارت ۽ مندر جو درشن ڪري مندر مٿان جبل تي چڙهي سامهون نظر وڌي سين ته روڊ نانگ وانگر وڪڙ کاڌل چارو پئي محسوس ٿيو، جڏهن ته اتان روهڙي ۽ سکر جون جايون به نظريون پئي. اتي به ڪجهه ڦوٽو ورتاسي۽ بعد ۾ وري جبل جو رستو هيو ۽ اسين هئاسين۽ ائين هلندي هلندي اوچتو جبل کٽي پيو هيو ۽ اتان چوٽي تان بيهي جڏهن هيٺ نظر ڊوڙائي هئي سين  جت پري پري تائين کجين جي باغن، وڻن ٽڻن ۽ سرسبز نظاري ته جهڙوڪر پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هئو، اکين کي آسيس ڏيندڙ ان خوبصورتي کي ڏسندي دل ئي نه پي ڍاپي، اهو ٽپهري جو وقت هيو،جڏهن ته سج اڀرڻ وقت ان جو منظر اڃان ڪجهه ٻيو هوندو آهي، اها ڳالهه مسٽر شبير سومري ٻڌائي ته سندس ڪجهه مائٽ ڪراچي کان گهمڻ آيا هئا ۽ کين وٺي اهي صبح جو  اتي آيا هئا ڪراچي واسي ڏاڍا متاثر ٿيا هئا. اتي ئي جبل ٽڪي پيٽ پاليندڙ ٻرڙي سان دعا سلام بعد اسان وڃي نينهن جبل تي ساهي پٽي هئي. اها ٽڪري به عجب آهي، جيئن برگر کي چئن ٽڪرن ۾ ورهائبو آهي بلڪل ساڳي نموني هي جبل به ورهايل آهي ۽ چـڱو خاشو مٿي پڻ آهي ان تي چڙهڻ هرڪنهن جو ڪم نه آهي، ڪجهه سال اڳ ڪاليج جي دوستن سان جڏهن ٽوئر ڪندي اتي آيا هئاسين ته دلبر دوست قدير انصاري ۽ مان پوري ڀريل بس مان ٻه ڄڻا ئي هياسين جن ان جي چوٽي سر ڪئي هئي، ان جبل لاءِ به عجب ڏند ڪٿائون مشهور آهن، انهن مطابق ته  اهو حضرت علي جو ڪارنامون آهي. اڳئين دفعي جڏهن اتي آيا هئاسين  ته ڏاڍي رازداري واري انداز ۾ قدير سائين ٻڌايو هيو ته پرين هتي جيڪو به پنهجي محبوب ماڻڻ جي دعا گهرندو اها ضرور قبول پوندي، خبر ناهي قدير اها دعا گهري هئي الائي نه باقي مون کي ته منهجي دعائن جي اثر جي خبر آهي! ان خوبصورتي کي اکين ۾ پينٽ ڪري موٽي نارا واهه جي ڪناري هڪ ڳوٺاڻي اسٽائيل ۾ جڙيل هوٽل تي چانهه جا چسڪا وٺندي دڪان هلائيندڙ ۽ گورمينٽ ڊگري ڪاليج سکر جي شاگرد، جنهن جي ذات ٻانگو هئي، سان حال احوال اوريندي اندر صفا ڦسي پيو هيو جڏهن هن هڪ نوجوان ڇوڪري سان زيادتي بعد قتل جي ڳالهه ٻڌائي هئي، جيڪو سندس عزيز هيو، ان قصي اسان جي چانهه جو ذائقو ئي کسي ورتو هو، بعد ۾ نارا ڪينال جو دلپذير ڪنارو وٺي پنهجي آخري منزل ڏهاڳڻ، سهاڳڻ جي قبرن تي آيا سين، صديون اڳ جڙيل انهن قبرن مٿان جوڙايل عمارتن جي عظمت ته اڄ به سلامت آهي پر ڪا مستند تاريخ نه ٿي ملي ته انهن جي اصلي حقيقت آهي ڪهڙي بس اتي به اوهان کي ڏند ڪٿائن جو سهارو وٺڻو پوندو.

      سنڌ سڄي سونهن سان سٿي پئي آهي بس جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته اها آهي سهولتن جي اڻهوند، امن امان ۽ انهن جي ڏينهان ڏيهه مشهوري، منهجي سڄي سنڌ واسين کي اها دعوت آهي ته اهي هنن تاريخي ماڳن ۽ خوبصورتين جو نظارو ضرور ڪن،

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud