Just another WordPress.com weblog

                            

     ڪي ڪي خطرا اهڙا هوندا آهن، جن جو تعلق ڪنهن خاص قوم، ملڪ يا خطي سان ناهي هوندو پر اهي پوري ڪائنات جي سمورن ساهوارن لاءِ هڪ جهڙو تباه ڪن هوندا آهن. اوهان  جوڇا اهو خيال آهي ته ايٽمي هٿيارن جي موجودگي ۽ روزبروز انهن ۾ واڌارو هن ڪائنات لاءِ تمام وڏو خطرو آهي؟ ۽ اوهين اهو سوچيو ٿا ته ان سان نه رڳو نسل انساني پر باقي ساهوارا به  تهس نهس ٿي ويندا ۽ زندگيءَ جون علامتون مٽجي ختم ٿي وينديون. اها ڳالهه واقعي به وزنائتي آهي، پر جي مان چوان ته ايٽم بمن ۽ سموري گولابارود کان  به تمام وڏو خطرو اڃان ڪو ٻيو موجود آهي ته ڇا اوهان اعتبار ڪندا!  اهو هيءُ ته سرمائيدار ملڪن تيزرفتار ترقيءَ جي حاصلات لاءِ فطرت جي توازن کي ڊانوا ڊول ڪرڻ جي حماقت ڪري وڌي آهي ۽ هاڻي سال بسال اسان جي هن سهڻي من مونهڻي ڪائنات  تي جيڪو ڌرتيءَ جو ٽڪڙو آهي ان جي گرمي پڌ ۾ هرروز اضافو ٿي رهيو آهي. پهاڙن تي ڄميل گليشيرز پگھري رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن انهن جو تعداد گھٽجندو پيو وڃي، صاف سٿري قدرتي پاڻيءَ جا ذخيرا پڻ گھٽبا پيا وڃن ۽ پوري ڪائنات جي موسمي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديليون نوٽ ڪيون پيون وڃن، يا ته سالن تائين برسات نه ٿي پئي ۽ جي پوي ٿي ته تمام گھڻي ٿي پئي ۽ علائقن جا علائقا ان جي لپيٽ ۾ اچي لڙهي ٿا وڃن. سمنڊ زمين کي پائيندو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري پيو ٿئي ڇو ته قدرت پاران اسان جي ڌرتي تي جوڙيل گرين هائوس گئس واري ڇاڻيءَ ۾ ڇيد ٿيندا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي سمورن ساڃاه وند سياڻن ماڻهن ۽ سائنسدانن جو اهو گڏيل مؤقف آهي ته پوري نسل انسانيءَ سان گڏ سموري ساهواري مخلوق کي جي ڪو تمام وڏو، انتهائي خطرناڪ، ڀوائتو خطرو آهي ته اهوئي آهي.

                 ٽم فلينري آسٽريليا جو جڳ مشهور سائنسدان آهي جنهن کي آسٽريليا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز مليل آهي. کيس گرين هائوس گئس معاملي تي تمام گھڻي تشويش، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي. سندس مؤقف آهي ته هنوقت آسٽريليا تي ان جا انتهائي خطرناڪ اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. آسٽريليا جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ماڻهن جي پيئڻ لاءِ صاف شفاف پاڻيءَ جي دستيابي مسئلو بڻيل آهي جڏهن ته زرعي پيداوار لاءِ ان جي فراهمي گھٽ ٿيندي پئي وڃي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته  ملڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي انفرا اسٽرڪچر جي خراب رٿابنديءَ ڪري نه پر ان ڪري آهي ڇوته گرين هائوس پاليوشن جي ڪري ڌرتيءَ مان پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿيندا پيا وڃن. سندس چوڻ آهي ته اڄ آسٽريليا جا شهري ان مسئلي جو بدترين نموني سان شڪار بڻيل آهن پر اهو ڏينهن پري ناهي ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ سميت دنيا جا سمورا ملڪ ان جو شڪار ٿيندا. هن ڪوئلي تي بجليءَ جي پيداوار کي جاهلانه طريقو سڏيندي اهڙي طرز تي بجليءَ جي پيداوار کي بنادير بند ڪري متبادل طريقا ڳولهڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته اسان سج جي ڪرڻن، هوا جي لهرن ۽ جيو ٿرملن ذريعي به اها حاصل ڪري سگھون ٿا، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي حڪومت کي چيو آهي ته جي اها ان معاملي ۾ واقعي سنجيده آهي ته بجليءَ جي پيداوار لاءِ هڪ نئون شهر اڏي اتي ان ۾ اها ايتري پيدا ڪري سگھجي ٿي جو اها پوري ملڪ  جي سمورين ضرورتن جو هڪ صدي  تائين پورائو ڪندي رهندي. ياد رهي ته آسٽريليا اهو ملڪ آهي جت تمام عظيم ٻيلا آهن، پر هاڻ ماحول جي آلودگيءَ ڪري سندن انهن ٻيلن ۾ باهيون لڳڻ ڄڻ معمول بڻجي ويو آهي، ان تي قابو ڪرڻ لاءِ کين جيڪي پاپڙ پيلڻا پوندا آهن ان کان به وڌيڪ درد سندن لاءِ  انهن ڀڙڪندڙ باهين ڪري ماحول جو گرم ٿيڻ آهي. اديب هجن يا دانشور يا سائنسدان سڀ جو سڀ  دنيا ۾ آلودگيءَ واري اشوءَ تي ڏاڍي تشويش ۾ مبتلا آهن. ويندي هالي ووڊ جي فلم ميڪرز کي پڻ ان معاملي جي سنگينيءَ جو احساس آهي جو انهن ساڳي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار فلم ٺاهي آهي، ان جو نالو آهي،                                     

 Day after tomorrow

جنهن ۾ انهن  ڏاڍي اثرائتي نموني اهو ڏيکاريو آهي ته فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ جا ڪيڏا ڳرا نتيجا ڀوڳڻا ٿا پون. اها ساڳي ڳالهه اقوامِ متحده جي ايٽمي هٿيارن واري سابق انسپيڪٽر مسٽر برنڪس به ڪئي آهي ته ايٽمي هٿيارن کان تمام گھڻي وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه آهي زمين جي گرميءَ جو وڌڻ، هن ان سلسلي ۾ اهو به چيو ته قومن ۽ ملڪن کي ايٽمي توانائيءَجي پر امن استعمال لاءِ اها طاقت حاصل ڪرڻ جي اجازت هئڻ گھرجي جو ائين ڪرڻ سان ماحول گندو نه ٿيندو، ياد رهي ته هي يار   اقوامِ متحده پاران عراق ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڳولها لاءِ موڪليل انسپيڪٽر هيو جنهن اها رپورٽ ڏني هئي ته عراق ۾ وڏي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيار موجود نه آهن.                                                                     

              ڪيڏي نه افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي ته پياري ملڪ پاڪستان ۾ جنهن نموني ٻين مختلف اشوز تي کل هاڻپ پاليسيون پيون هلن ته ماحول جي متاثر ٿيڻ جو ته لڳي ٿو ڪنهن کي ڪو ارمان ۽ نه ڪا ڳڻتي ڳاراڻو آهي. اسان جا سمنڊ، درياءُ، وڏا شهر، ڍنڍو ڍورا گندگيءَ جو ڍير ٿيندا پيا وڃن. هاڻ جيڪڏهن ڪي ڌريون ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻيٽن تي اڏجندڙ شهرن کي اهڙي پس منظر سان ڏسن ٿا  ۽ کين مستقبل ۾ ماحول تباه برباد ٿيندي نظر ٿو اچي، ته  بجاءِ انهن جي جائز نقطن تي غور ڪرڻ جي کين ڪنهن ٻي اينگل سان ڏٺو ۽ سمجهيو پيو وڃي.                            

             ماحول جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب وڏا ڊيم به آهن، ان جي تباه ڪارين جو هلڪو عڪس ته مون پنهنجي اکين سان ان وقت ڏٺو هو جڏهن اسين سانگھڙ ضلع ۾ اڏيل چوٽياريون ڊيم کي 2003ع ۾ ڏسڻ وياهئاسين، ان جي آس پاس جون زمينون سم ۽ سيراب جي ور چڙهي ويون هيون، جهنگلي جيوت تباه ٿي ويئي هئي، بهرحال اهو چوڻ ته وڏن ڊيمن جڙڻ سان ماحول تي انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، ان ۾ ڪو ڪوڙ نه ئي ڪو وڌاءُ آهي. گھڻا ماڻهون ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا ان ڪري به مخالف آهن، ان سان هڪ طرف ته سرحد جو هڪ پورو شهر تباه ٿي ويندو ته ٻي پاسي سنڌ وارا زرعي پاڻيءَ کان هڪ طرف محروم ٿيندا پر ان کان وڏو سانحو اهو به رونما ٿي سگھي ٿو ته ان جي اڏاوت سان جي هڪ پورو درياءُ ئي مري کپي وڃي!!!!!                                                              

          اهڙي حالت ۾ نه رڳو انساني نسل مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو پر آبي جيوت جي ته نسل ڪشي ٿي ويندي. سمنڊ تيزيءَ سان زمين کي پائي ويندو، تمر جا رهيل ٻيلا به تباه ٿي ويندا ۽ نتيجي طور تي سوناميءَ جهڙيون هولناڪ تباهيون اڻٽر ٿي پونديون. اهو ساڳيو عمل ٻيٽن تي جڙندڙ عمارتسازي سان به عمل ۾ ايندو، ان ڪري به پوريءَ دنيا ۾ ماحول سان پيار ڪندڙ ڪارڪن اهڙن انسان دشمن ۽ ڪائنات دشمن رٿائن جي مخالفت ڪندا آهن. مان حڪومت پاڪستان کي اها صلاح ڏيندس ته هو ماحول دشمن اهڙن سمورن  رٿائن کي هڪدم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ کيس اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪرڻ گھرجي جنهن سان خوشگوارماحول آلوده ٿئي.                                                            

Ag_katohar@yahoo.com

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud