Just another WordPress.com weblog

اڄ اتفاق سان 1985ع جي ڊائري کولي جو پڙهيم ته ان

۾ عوامي شاعر اسماعيل ” اداسي “ جي هيءَ تخليق اکين مان گذري، جيڪا هن انوقت سرجي هئي جڏهن هو ملڪ ۾ جمهوري راڄ جي مطالبي ڪرڻ جي پاداش ۾ جيل جي جهان ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هيو ۽ هن کي اتي جيڪي نظر آيو هيو ان کي عوامي انداز ۾ پيش ڪيو هئائين، اچو ته اول اهو پڙهون،

ظلم ضيا جو زور وٺي ويو، اونڌه ڇانئي ڪاري ٻاٽ،

ڪارا چڪر پاڳل خانا، گھمي ڏٺاسون ڦاسي گھاٽ.

قيد جي قهري ڪوٽن ۾، ڪيئن ڪونڌر قتل عام ٿيا،

بمن  ۽  بندوقن  جو  بک  ٿيا، صبح  ٿيا، ڪي  شام ٿيا.

ڪن لئه ڦاهيون، ڪن لئه ڦٽڪا، ڪن لئه بڻيا بجلي شاٽ.

آزاديءَ جي ڪاڻ اچي هت رنگ ڌٺوسون نئو روپ“

چانهه ته جهڙي چوپائي مُٽ، دال ته جهڙي ڌوتل ڌوپ،

مسڪينن لئه مار مصيبت، مفت خورن جا هت به ٺاٺ.

فوجي ڇانوڻيءَ منجهه ڏسو يار، پاپين ڪيترا پاپ ڪيا،

لٽڪايا جن لعل لکين، تن ڪٽي ڪٽي ڪواب ڪيا،

پر    پورا نه تن جا پوءِ به ٿيا، جي لڌا لٽيرن خوني خواب.

لٽڪايو يا لالچ ڏيو، پر حق جو نعرو هڻنداسين،

موت قبولي ماڳ وطن لئه مرڪي ڦاهي چڙهنداسين،

اداسي آخر واپس ٿيندا، کرن هنيا جي خوني کاٽ.

اهو سندس سادو پر خوبصورت انداز هيو جنهن مان انوقت جي حالتن جي چڱيءَ  طرح پرک ٿئي ٿي. پر جڏهن مون ان دؤر کان وٺي اڄ تائينءَ جو تجزيو ڪيو ته انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو ته اڄ به اسان لاءِ اها ڪاري رات جاري آهي ، ڦاسي گھاٽ اڄ به حق گھرندڙ انسانن سان آباد آهن، ڪيئي ڪونڌر گم ڪيا ويا آهن، ٻيو ته ٺهيو انهن جي باري ۾ ڪو اطلاع ڏيڻ به گوارا نه ٿو ڪيو وڃي ته آيا اهي زنده سلامت به آهن يا………………….؟!!!

غور ڪري ڏسبو ته اڄ به حالتون اهيئي 30 سالن واريون پراڻيون ئي آهن، ساڳيو ضيالحق جي دؤر ۾ شروع ڪيل ڪالاباغ وارو رينگٽ جاري آهي، بلوچن لاءِ حق جي گھر ڪندڙ نواب اڪبر بگٽيءَ کي جنهن نموني وڏي بيدردي ۽ بي حيائيءَ سان گولين جو بک بڻايو ويو، اهڙو مثال ته پوئين دؤر ۾ به نه ٿوملي. بي روزگاري اڳ کان به وڌي ويئي آهي، خود ڪشين جي تعداد ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي، اُن دؤر ۾ شروع ڪيل قبائلي جهيڙا هن وقت عروج تي پهتل آهن، هاڻ ته باقاعدي انهن هڪ منافع بخش ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ۽ اهڙن جهيڙن جي طفيل ڪي نالي ۾ نهال خودرو سردار اٻوجهه ۽  اڻ پڙهيل ماڻهن جي جذبن سان کيڏي، کين مختلف قبيلن جي دشمنيءَ جا ڊپ ڏيئي، انهن جا قيمتي ووٽ حاصل ڪري، قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ پهچڻ کان علاوه ضلع ناظم به ٿي ويا آهن. سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي ضيا جي وقت ۾ تباه ڪيو ويو هيو ۽ انوقت جي ڪجهه شاگرد ڌرين اڻسڌيءَ طرح فوجين جي لاڳو ڪيل پاليسن کي سنڌ دوستيءَ جي رنگ ۾ همٿايو هيو، انوقت سندن  اهوچوڻ هوندوهيو ته جيئن ته فلاڻن ادارن ۾ سندن اڪثريت آهي ان ڪري باقي ٻين شاگرد تنظيمن کي سياست ڪرڻ جو حق ناهي، سندن اهڙن پاليسين ڪري سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ خوني جهڳڙا شروع ٿي ويا هئا، هاڻ ته اهي شاگرد تنظيمون ئي نه رهيون آهن، جي آهن ته نالي ماتر، پر سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو جيڪو ٻج ان دؤر ۾ ڇٽيو ويو هو اهو هاڻ پچي راس ٿيو آهي.  ضيا جي دؤر ۾ سنڌ جي وزير اعلى هٿان جوڙايل دهشت گرد تنظيم هاڻ مچي مواڙ ٿي پئي آهي ۽ سموري سنڌ سندن مٺيءَ ۾ بند آهي، ۽ اهي سموري اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهن. ضيا جي دؤر ۾ جيل جهورائي ڌاڙيل آزاد ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر کي متعارف ڪرايو ويو هيو اهو به پنهنجي اوج تي آهي ۽ ڪي علائقا اڻ اعلانيل انهن جي هٿ وس آهن. 1985 ۾ غير جماعتي بنيادن تي ڪرايل اليڪشن ۽ اليڪشن بعد ميمبرن کي سياسي رشوت طور ڏنل ڪروڙين روپين وارو جوڙيل وهنوار اڄ به جاري آهي. ان جو مثال هن کان مٿي ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته رات وچ۾ ٺاهيل پارٽي ملڪ جي مقبول ترين ۽ ڪامياب ترين پارٽيءَ طور آندي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪلاشنڪوف ڪلچر به ان ئي خوني دؤر جي پيداوار آهي، جنهن جي نالين مان نڪتل لکين گولين هزارين مائرن جون هنجو اجاڙ ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه هيروئن جي وبا کي به ساڳي وقت ۾ ميدان تي آندو ويو هيو، سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ زنده لاشن جي شڪل ۾ گھمندڙ لکين نوجوان، ٻار توڙي ٻڍا ان جو گھمندڙ ڦرندڙ مثال آهن، سو اهو چئي سگھجي ٿو ته وقت ته تمام گھڻو وهامي چڪو آهي پر اسانکي وري به پوئتي ڌڪيو ويو آهي !.  سنڌ جي باشعور ماڻهن، سياسي پارٽين ماضيءَ ۾ ايم آر ڊي جهڙي عاليشان جدوجهد هلائي پاڻ ملهايو هو، ۽ خاموش اهي اڄ به ويٺل ناهن پر جي حقيقت پسند ٿي تجزيو ڪبو ته اهو واضع نظر ايندو ته اڄ تمام گھڻن مصيبتن ۾ گھيريل هوندي به اها ماضيءَ واري مزاحمت ڪانهي. ڪالهه پاڻ ارپڻ ۽ قربانيءَ جا جذبا اتم سمجهيا ويندا هئا، ۽ اڄ انهن کي ڪم عقلي سمجهيو پيو وڃي، اڄ مال ٺاهڻ، تعلقات رکڻ، کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو اسماعيل اداسيءَ جهڙا عوامي ۽ مزاحمتي شاعر ڳولهيندي نه ٿا لڀن. حالانڪه شاعرن جون ته خيرن سان هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ فوجون لڀي وينديون، پر بس منجهن نه ته ڪو فن نظر ٿو اچي نه فڪر ۽ نه ملڪ وطن جو ذڪر. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ظلم زيادتيءَ، خلاف اديبن، دانشورن، شاعرن، هارين ۽ مزدورن کان سواءِ سمورن سنڌ دوست پارٽين، گروهن پاران هر محاذ ۽ هر مورچي تان حق ۽ سچ جانعرا گونجڻ گھرجن، ڇو ته اڻ ٿڪ جدوجهد ۾ ئي قومن جي بقا ۽ بلنديءَ جو راز سمايل آهي……………………………………..!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!

Ag_katohar@yahoo.com

Gul5552005@hotmail.com

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud