Just another WordPress.com weblog

منهنجو هڪ انتهائي ويجھو دوست آهي، جنهن  پنهنجي عمر عزيز جا ستيتاليهه سال سرڪاري نوڪري جي ڳولها ۾ ڳاري ڇڏيا. اقتصاديات جي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس ڊگري رکندڙ دوست جي سرڪاري نوڪري لاءِ جاکوڙ اڄ به جاري آهي. هن ڪڏهن ڀلجي ڪري به،  اهو نه سوچيو ته سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ به ڪيئي ڪم آهن جن جي ڪرڻ سان انسان خوشحال ۽ عزت واري زندگي گذاري سگھي ٿو. کيس پنهنجي زمين تي کجيءَ جو باغ به آهي پر هو باغ جي پاڻ سنڀار ڪرڻ بدران ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽  سندس انهن باغن جي ٺيڪيدارن ان مان لکين روپيا ڪمايا آهن. افسوس ته هن  ڪڏهن به باغ کي واپاري مقصدن لاءِ ڪم آڻي، جھجھو منافعو ڪمائي پنهنجي گھر ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ استعمال ناهي ڪيو، کيس ته بس سرڪاري نوڪري کپي!!!!  اسان ٻنهي جو هڪ ٻيو مشترڪ دوست آهي، جنهن جي تعليم  ته بس اکر شناس جيتري آهي، پر سندس طبيعت ۾ تمام وڏي خود اعتمادي آهي جيڪا کيس پنهنجي ترقي پسند سياسي دوستن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري حاصل ٿي آهي. هو هڪ ڪڙمي آهي جيڪو پنهنجيون زمينون پاڻ پوکيندو آهي ۽ ان سان گڏ کجين جي باغن جا ٺيڪا پڻ کڻندو آهي. سندس اهڙي مثبت سوچ ۽ عمل کيس معاشي طرح انتهائي سگھارو بڻائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي ٺيڪيداري جي منافع مان پنجويهه ٽيهه لکن جوگھر جوڙائڻ سان گڏ چاليهه ۽ پنهجاهه لکن تائين زمين به خريد ڪئي آهي.  

 اسان جي معاشري ۾ جيڪي پڙهيل لکيل نوجوان آهي اهي جاگيرداراڻه ۽ وڏيرڪي سوچ  جي اثرن ۾ ڦاسي ڪري ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ کان ائين لنوائيندا آهن جيئن ڪانو وڃي ڪمان کان. چوندا ته ڀلا پڙهيا ان لاءِ ٿوروئي هئاسين ته پڙهڻ بعد دڪان کوليون، اهو ڪم ته اسان پڙهڻ کان سواءِ به ڪري سگھياسين پئي، پوءِ پڙهڻ جو فائدو؟!

هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته مسئلو سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪرڻ يا ان جي مخالفت هرگز ناهي،  پر هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ دانشمندي نه چئبي. جيستائين نوڪري نه ملي تيستائين هٿ هٿ تي رکي ويهي رهڻ، ڪوبه ڪم نه ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. اڪثر مشاهيو ڪيو ويو آهي ته اسان جي نوجوانن کي نوڪري به سرڪاري کپي. منهنجي خيال ۾ ته اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي، ان کي وائکو ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي زهريلي اثرن کان پاڻ بچائڻ گھرجي.  پاڻ جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ سرڪاري نوڪرين ورهائن وارا سرڪاري ڪرسين تي ويٺل چونيڊل/ٿاڦيل نام نهاد عوامي نمائندا ۽ ڪٺوردل ڪامورا آهن.  وٽن نوڪرين ورهائڻ جو طور طريقو بلڪل الڳ آهي. هو اهو ناهن ڏسندا ته هي اقتصاديات جي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس جي ڊگري رکندڙ هڪ اهڙو اميدوار آهي جنهن کي پنهنجي شعبي تي دسترس حاصل آهي، پر سندن ترجيحات ۾ اهو هوندو آهي ته اميدوار منهنجو ذاتي ماڻهون آهي يانه!!  اهي ميرٽ کي سؤ طلاقون ڏئي جاهل ۽ ڄٽن جي لوڌن کي سرڪاري شعبي ۾ ڀرتي ڪرائيندا رهيا آهن. ان ڪري هن وقت جيڪا حالت سرڪاري شعبي جي ادارن جي آهي اها اسان سڀني جي سامهون آهي.

 

مٿي بيان ڪيل ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ اسان کي جاگيرداراڻه سوچ کي سمجھڻو پوندو. ڌپ ڪري ويل جاگيرداراڻي سماج اندر عام ماڻهن جي سوچ ۽ سمجهه کي ڄاڻي واڻي تمام سطحي رکيو ويندو آهي.  ماڻهون پنهنجي هنر، عمل، عقل ۽ جدوجهد جي ٻل تي ڪي منفرد ڪم ڪري نالو ڪمائڻ بدران  پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي تي فخر ڪندا آهن. پنهنجي وڏڙن جي جوڙيل ريتن ۽ رسمن کي صحيفو سمجھي سمجھي پوڄيندا آهن،  ڀلي ته اهڙين روائتن جي پاسداريءَ ۾ سندن جهڳو ئي جھڻ ڇونه ٿي وڃي. سائنسي سوچ رکڻ بدران ماڻهون ملن مولوين، ڀوپن، پيرن، فقيرن، وڏيرن، سردارن جي درن تي ڌڪا کائڻ واري غلامداري سوچ تي فخر ڪندا آهن.  ڪم نه ڪرڻ ۽ واندو ويهڻ کي ڪو عيب ناهي سمجھيو ويندو. اهي هر وقت معجزن جي انتظار ۾ رهندا آهن. سماج اندر هٿرادو پيدا ڪيل فسادن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪندي مال ميڙيندڙ راڄ ڀاڳ جا وارث بڻجيل هوندا آهن. پوليس ۽ روينيو کاتي جي عملدارن جي چاپلوسي ۽ جاسوسي ڪري ناجائز نموني مال ڦٻائيندڙ زماني ساز ۽ ڪامياب انسان ليکيا ويندا آهن. داداگير، بدمعاش، چور ۽ ڌاڙيل مڙس ماڻهون ليکيا ويندا آهن. اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ زهريلن جراثيمن جو ڦهلاءُ پوري معاشري ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ذهنن تي حملي آور ٿي انهن کي گندو ڪرڻ جو ڪم جاري رکندو آهي. انهن ئي اثرن هيٺ عام ماڻهون جي مثبت سوچ ذري گھٽ زيرو هوندي آهي. وڏيرڪو سماج ماڻهن کي پاڻ سوچڻ، پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ، پنهنجو ذهن استعمال ڪندي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ بدران وڏيرن تي ڀاڙڻ سيکاريندو آهي.  هنن پنهنجي لاءِ ڏاڍا ڀلا لفظ چونڊي رکيا آهن جهڙوڪر ”وڏيرو، چڱو، ڏاهو، مکي، پٽيل“ وغيره ڄڻ ته هنن کان سواءَ باقي سڄي معاشري اندر ڀينگ آهي. هو ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته وڏيري جي عزت ڪرڻ، سندس هر جائز ناجائز ڳالهه سان متفق ٿيڻ، ان تي عمل ڪرڻ ۾ ئي عوام جي ڀلائي آهي. اهي ان ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪندا رهندا آهن ته ”ادا اسان جون معاشرو ان ڪري پوئتي رهجي ويو آهي ته چڱي مَٺي، ننڍي وڏي جي شناس ئي نه رهي آهي“. اهي باور ڪرائيندا آهن ته معاشري اندر اهي چند ماڻهون ئي عقل ڪل آهن.  هي جيڪو وٽن ڌن، دولت، عزت، جائيداد ۽ مليڪت آهي ته اها مٿن خدا پاڪ جي مهرباني آهي ۽ جيڪي ماڻهون غريب، بي وس، لاچار، زندگيءَ جي سمورين سهولتن کان ڪوهين پري آهن ته ان ۾ سندن ته ڪو ڏوهه ناهي اهو سمورو وهنوار ته آفاقي آهي. ڀلا جي غريب امير طبقا نه هجن ها ۽ سڀ امير هجن ها ته پوءِ ڪم ڪير ڪري ها. غريب ماڻهون جيڪو پستين ۾ رهي ٿو، ذلتون سهي ٿو، در در ڌڪا ڌوڻا کائي ٿو، عذاب واري زندگي گذاري ٿو ته اهو سندس مقدر آهي. اهڙيون ڳالهيون وڏيرن، جاگيردارن، ملن مولوين، ڀوپن اسان جي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ پڻ ويهاري ڇڏيون آهن.  عام ماڻهون ڀل ۾ به ان جي ابتڙ نه ٿو سوچي ته اهو سڀ ڪجھ آسمان واري ناهي لکيو، اها ڪارگذاري زمين تي رهندڙ ڪجھ عيار، مڪار، حرفتي ۽ ظالم ماڻهن ۽ طبقن جي آهي.  ان قسم جو سماج وڏيرن لاءِ هڪ بهترين منافع ڏيندڙ ڌنڌو آهي.  اهي ڪوبه ڪم ڪرڻ بنا سڄي ملڪيت جا مالڪ هوندا آهن، معتبري الڳ هوندي اٿن. سندن هرممڪن ڪوشش هوندي آهي ته سندن اهو دٻدٻي وارو ماحول برقرار رهي. ان ڪري اهي تعليم کي عام ڪرڻ، ان جي مثبت اثرن کي عوام جي وسيع حلقن تائين پهچائڻ ۾ وڏيون رڪاوٽون وجھي ڇڏيندا آهن. اهي ماڻهن جي آزادانه نموني ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ واري عمل کي به پسند ناهن ڪندا ڇوته ان سان اهڙا ماڻهون سندن حلقي اثر مان نڪري ويندا آهن ۽ ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندا رهندا آهن ۽ کين سندن درن تي مٽيون ڀرڻ يا سلامي ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي رهندي. اهوئي سبب آهي ته جاگيرداراڻي سماج اندر وڻج واپار ڪندڙن کي هٽ واڻيو جهڙن طنزيه جملن سان ننديون ويندو آهي.   

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻي. اسان جي ماڻهن کي غلاميءَ جون سموريون زنجيرون ٽوڙڻ لاءِ هاڻي ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪرڻ واري مثبت سوچ طرف مُڙڻ گهرجي.  پنهنجي گھر ۽ خاندان جي آزادانه نموني عزت سان زندگي گذارڻ جو بس اهو هڪ ئي طريقو ناهي ته سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪجي. ڪمائڻ لاءِ بي شمار طريقا آهن، اسان کي انهن کي به آزمائڻ گھرجي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته بهشت تري تي ڄمي ناهي ڄمندو، خوشحال ۽ ڪامياب زندگي طرف هلندڙ رستو ڊگھو به آهي ته ڏکيو پڻ، ان لاءِ تڪيلفن، اهنجاين، پيچيدگين کان گھٻرائڻ بدران انهن سان مڙس ماڻهون تي مقابلو ڪجي، انهن مان سکيا حاصل ڪجي. غلطين مان سبق پرائڻ گھرجن ته جيئن اسان آئيندهه اهڙي غلطي وري نه ورجايون.  ڌنڌو جيڪو هڪ جاءِ تي بيٺل يا جامد آهي اهو بيڪار آهي. ڌنڌو اهڙو ڪجي جيڪو ڏينهون ڏينهن ڪجھ نه ڪجھ وڌندو رهي. ائين اسان ڪک مان لک جوڙڻ جهڙا ٿي سگھون ٿا. مثال طور جيڪڏهن ڪو درزڪو ڪم ڪار ٿو ڪرڻ چاهي ته سڀ کان پهرين کيس اهو هنر سکڻو پوندو. ان هنر سکڻ لاءِ جذبو، پنهنجي ڪم سان لڳاءُ ۽ پنهنجي سموري سوچ کي ان طرف راغب ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. هڪ دفعو ڪوبه ماڻهون اهو درزڪو ڪم بمع ڪٽائي سکي وڃي ته کيس پوءِ ان ڪم کي پهرين آزادانه نموني ڪرڻ گھرجي. يعني ته هڪلو ڦلڪو ئي سهي پر پنهنجو الڳ دڪان هجي جنهن ۾ ڀلي منڍ ۾ اهو اڪيلو ئي سڀ ڪم سرانجام ڏئي. پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي کيس وري ٻيا درزي ويهارڻ گھرجن. ائين سندس ڪمائي ۾ اضافو ٿيندو. کيس ماڻهن جي ذوق شوق، بدليل فيشن، ماڻهن جي آمدني کي ذهن ۾ رکي ڪم کي اڳتي وڌائڻ گھرجي. منڍ ۾ هو جيڪڏهن هٿ سان هلائڻ واري مشين سان ڪم ڪندو هيو ته هاڻي کيس بجلي تي هلندڙ مشين خريد ڪري پنهنجي ڪم ۾ نواڻ، صفائي ۽ تيزي آڻڻ گھرجي.  

 وڻج واپار، ڌنڌو داڙي ته ڪير به ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو پڙهيل آهي ته اهو تمام سٺو پر جي پورو سارو پڙهيل آهي يا اڻ پڙهيل آهي تڏهن به اهو ڪامياب ٿي سگھي ٿو. پر ان لاءِ ڪجھ ڳالهين کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو ٻين کي ڏسي ۽ انهن جي ڌنڌي جي ڪمائيءَ کان متاثر ٿي ڪري اکيون ٻوٽي ڪو ڪم ڪندو ته نتيجا هاڃيڪار به ٿي سگھن ٿا. ڌنڌي لاءِ ڪراهڪ کپن، سرمايو کپي، ڪم جو تجربو گھرجي، ڌنڌي لاءِ مناسب جڳهه جي چونڊ انتهائي ضروري عمل آهن. (جيڪڏهن ڪنهن يا ڪن دوستن کي ڌنڌو ڌاڙي، وڻج واپار شروع ڪرڻ، چونڊ ڪرڻ، ۽ ان ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻ ۾ ڪي دشواريون درپيش آهن ته اهي واپاري ڪم ڪار جي سلسلي ۾ سکيا ڏيندر اسان جي ڪنهن به ٽرينر سان رابطو ڪري مفت مشورو ۽ مدد حاصل ڪري سگھن ٿا. ) جيڪڏهن اهي بنيادي ڳالهيون ۽ مهارتون ماڻهون دماغ ۾ رکي ڪوبه ڪم سرانجام ڏيندو ته يقينن ڪاميابي ماڻيندو. پر منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين ته اسان کي سنڌ جي نوجوانن ۽ ماڻهن کي ان طرف راغب ڪرڻو آهي ته پنهنجي ڪاروبارڪرڻ ۾ جيڪو منافعو ۽ مزو آهي اهو شايد سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ۾ ورلي هجي. اچو ته جاگيرداراڻه سماج جي بدبودار، غلام معاشري مان نڪرڻ واري جاکوڙ ڪريون ۽ واپاري دنيا ۾ داخل ٿيون. جيترا گراهڪ گھڻا هوندا اوتروئي منافع وڌيڪ حاصل ٿيندو، ان ڪري ڪوشش ڪري پنهنجو ڪاروبار شهرن ۾ ڪريون ۽ جيترا شهر وڏا اوترو جلدي ترقي ڪرڻ جا امڪان گھڻا، ان سلسلي ۾ ڪراچي پهرين نمبر تي، حيدرآباد، سکر ۽  ٻيا ننڍا وڏا شهر ترتيب وار سمجھڻ گهرجن.

katohar@gmail.com

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud