Just another WordPress.com weblog

هن وقت ملڪ جي جيڪا اقتصادي، سياسي صورتحال آهي اها ڪا سٺي ناهي ۽ طرز حڪمراني ۽ حڪمت عملين تي مختلف فورمن تي جيڪي تنقيدون ٿين پيون، انهن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي ان ڳالهه جي توقع ڪرڻ ته سڀ ڪم سنئين لڱين ٿيندا اهو ته ممڪن ئي ناهي. هن ملڪ ۾ رهندڙ جيڪي ڪروڙ پتي، زميندار، سرمائيدار، طاقتور ۽ پئسي وارا ماڻهون آهن،   اڪثر مشاهدو ڪيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ اهي ئي بکيا، حرصي، لالچي ۽ بي ايمان آهن. پياري پاڪستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ سرمائيدار، جاگيردار، ڊنگ ڪامورا، جنرل، پير، مير،وڏيرا، خان، چوڌري ۽ سردارئي ته آهن،  جن هن ملڪ ۾ ڪنهن به چڱي، عام ڀلائي واري پروگرام کي پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ  ئي نه ڏنو ۽ اهي ئي ملڪ جي غريب عوام جي پنهنجن پيرن تي بيهڻ، ترقي ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. سندن دلي منشا هوندي آهي ته هن ملڪ ۾  جيڪو مال خزانو يا ملڪيت آهي سڀ ڪجھ اهي ئي هڙپ ڪن. رياستي طاقت ۽ حق حڪمراني ته جهڙوڪر اهي آسمان کان لکرائي کڻي آيا آهن.  سندن خلق خدا سان جنهن قسم جو رويو آهي ان جو اندازو ته 2010 جي مها ٻوڏ ۽ 2011 جي مها برساتين جي بربادين بعد اسان سڀني کي ٿي ويو هيو، جڏهن قدرتي آفتن جي گھيري ۾ آيل ماڻهن لاءِ ٻاهرين دنيا جي سخي ماڻهن ۽ ادارن پاران موڪليل/ پهتل امداد کي هنن جنهن نموني ڪيڪ پيسن وانگر ڪٽي ڪوري ورهائي کاڌو ۽  لٽيو هيو.

مٿي بيان ڪيل ڳالهيون حقيقت تي مبني آهن پر پوءِ به ڪي اهڙا پروگرام يا پراجيڪٽ موجودهه حڪومت پاران متعارف ڪرايل آهن جن کي اسين ڪنهن حد تائين لاڀائتو ۽ عوام دوست چئي سگهون ٿا.  اسان کي سرڪار جي بداعمالين تي تنقيد ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي، حقيقت ۾ هڪ صحيح جمهوريت جي اها ئي ته خوبصورتي هوندي آهي. پر افسوس ته پياري پاڪستان ۾ تنقيد جي معنى محض دوربين ۽ خوردبين رکي بس اوڻاين کي ظاهر ڪرڻ کي سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته تنقيد تڏهن مربوط ۽ مڪمل چئبي جڏهن اسان کي اڌ ڀريل گلاس به نظر اچي ۽ اسين پنهنجي تنقيد ۾ ان جو ذڪر به ڪريون. هڪ طرفي تنقيد جي ڪري حقيقتن مٿان هڪ ڌنڌلي چادر اچي ويندي آهي جنهن مان عام ماڻهن کي انهن ڪمن جو صرف منفي پهلو ئي نظر ايندو آهي. وقت جي اهم تقاضا آهي ته جيڪا ڳالهه، شيءِ يا لقاءُ يا عمل جنهن نموني جو آهي، ان کي سمورين چڱاين ۽ لڱاين سان بيان ڪجي.

 هي هيڏي ساري تمهيد شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت بيواهه عورتن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ”وسيلئه حق“ پروگرام جي چڱاين کي بيان ڪرڻ خاطر ڪئي ويئي آهي. هي هڪ مربوط پروگرام آهي جنهن جو مقصد غريب، مستحق ۽ بيواهه عورتن کي سندن من پسند ڪاروبار ڪرائڻ لاءِ کين ٽيڪنيڪل ۽ معاشي مدد ڏيئي انهن کي غربت جي هيٺائين لڪير کان مٿي کڻي اچڻ آهي.  شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات 2008 ۾ ٿي هئي، منڍ ۾ ڪروڙين روپين جا فنڍ چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ رکيا ويا هيا ته اهي مسحق عورتن ۾ هڪ هڪ هزار روپيه ورهائين.  ان پروگرام تحت جيڪي بداعنوانيون ٿيون هيون سي ڪنهن کان به لڪل ناهن.  ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته غريبن جي عزت نفس جو جنازو ڪڍيو ويو هيو. انهن کي هر مهيني چونڊيل نمائندن جي درن تي ڌڪا کائڻ ۽ سندن واٺن هٿان بي عزتو ٿيڻ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ويو هيو. ان نموني پنندڙ ماڻهن جي هڪ لوڌ تيار ڪئي ويئي هئي. پر وسيله حق پروگرام ان کان بلڪل منفرد ۽ الڳ آهي. هن پروگرام تحت مڇي تري کارائڻ بدران ماڻهون کي مڇي پڪڙڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي،  ته جيئن آئندهه اهو مڇي لاءِ ڪنهن جو به محتاج نه رهي. هن پروگرام جي شروعات ۾ هڪ پيمانو جوڙي ساک وارن ادارن کان هڪ سروي ڪرائي ويئي هئي ته ڪير ڪير ان پروگرام تحت فائدو حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. پوءِ انهن جا نالا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيا ويا هيا ۽ پوري ملڪ مان انهن ڳولهيل ست لک جي لڳ ڀڳ عورتن جي نالن مان وقت به وقت ڪمپيوٽرائيزڊ ڪڻا ڪڍيا ويندا آهن.   جن جو نالو ڪڻي ۾ نڪرندو ته پوءِ انهن کي ڳولهي هٿ ڪيو ويندو آهي. ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊن جي مدد سان ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ويندي آهي ته هي اها ساڳي آهي جنهن جو نالو ڪڻي ۾ نڪتو آهي. گھڻو تڻو اهي عورتون اڻ پڙهيل ۽ بي هنر هونديون آهن. ان ڪري ڪڻي مان نالو نڪرڻ بعد هڪدم روڪڙا پئسه سندن حوالي ڪرڻ جي ٻي معنى اها ٿيندي ته اهي پئسه پاڻي ۾ ڦٽي ڪرڻ. ان ڳالهه کي سامهون رکندي ان ڳالهه جو اهتمام ڪيو ويو آهي ته انهن عورتن کي پئسن ڏيڻ کان اڳ ڪاروباري سکيا ڏني وڃي، کين سمجھايو وڃي ته انهن پئسن کي ڪهڙي ڪاروبار ۾ ڪيئن سيڙائي ان مان منافعو ڪمائي اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن ٿيون ۽ غربت جي لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿيون.  جيئن ته اسان جو هي مرداڻو سماج آهي جتي ڌنڌي ڌاڙي وارا سموراڪم مرد حضرات سرانجام ڏيندا آهن ۽ عورتن کي گھر جي ٻهاري هٿ ۾ ڏيئي پيا ڪنهن جانور وانگر وهائيندا آهن. اسان جو سماج اڃا ان نهج تي ناهي پهتو جتي اها عورتن کي برابري جي بنيادن تي ڪوبه ڪم ڪار يا ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ جو حق ڏئي، ۽ انهن بهادر، باهمٿ عورتن کي شاباش ڏي جيڪي همٿ ڪري ڪي ڪاروباري سرگرميون سرانجام ڏين ٿيون. هونئن ته اسان جو عورتون سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ڪرڻ ۾ رڌل هونديون آهن جنهن جو کين ڪوبه معاوضو ته نه ملندو آهي پر ويتر انهن کي ڪو ڪم ئي ناهي سمجهيو ويندو. مثال طور گھر جي صفائي سٿرائي، رڌپچاءُ، ڪپڙي لٽي جي ڌلائي، ٻارڙن جو پالڻ، مال لاءِ گاهه پٺو ڪرڻ وغيره ها البت  اسان پنهنجي سنڌي سماج اندر عورتن کي گھر جي چوديواري اندر، ڪجھ ڪاروباري سرگرميون ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهيون جيئن ڀرت ڀرڻ يا ڪجھ گھريليون شيون جهڙوڪر رلهي، ٽوپي، ڇنا، تڏا وغيرهه ٺاهڻ. اهڙي صورتحال کي سمجھندي ته اهي جيڪي پئسه انهن مسحق عورتن کي ملندا ته وري به ڪاروباري سرگرميون سندن گھر جا مرد ئي سرانجام ڏيندا، ان ڪري جيڪڏهن ڪاروباري سکيا مسحق عورت کي ڏني وڃي ۽ اهو ساڳيو ڪم وري سرانجام ڏئي ان گھر جو ڪو مرد ته ڳالهه وچڙي پوندي ۽ گھربل مثبت نتيجه ملڻ جا امڪان گھٽجي ويندا. ان مجبوريءَ کي سمجھندي انهن عورتن کي اها اجازت ڏني ويئي آهي ته جيڪڏهن هو ٻڌايل ڪاوربار پاڻ سرانجام ڏينديون ته اهي پاڻ سکيا حاصل ڪن پر جيڪڏهن اهو ممڪن ناهي ته اُهي پنهنجي مڙس، پٽ، پيءُ يا تمام ويجھي گھر جي اهڙي مرد ڀاتي کي مقرر ڪري سگھن ٿيون جيڪو قرض ملڻ بعد اهو ٻڌايل ڪاروبار عملي طرح سرانجام ڏيندو.  سندن اهڙي سکيا سندن ضلع جي حدن اندر ڪنهن سٺي هوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ ڪئي ويندي آهي، جتي کين رهائش، کاڌي پيتي جون سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وينديون آهن. سکيا ڏيندڙ ادارا هرقسم جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين ڪاروباري ڪمن ڪارين، لاهين چاڙهين، حساب ڪتاب، مارڪيٽنگ، جا سمورا گُر عملي طرح سيکاريا وڃن. اهڙي ٽريننگ کان پوءِ سندن ڪاروباري منصوبو تيار ڪري حتمي منظوري لاءِ اسلام آباد موڪليو ويندو آهي. جيئن ئي اهو منظور ٿي ويندو آهي ته کين پئسن جي پهرين قسط ڏيڍ لک روپيه ڏنا ويندا آهن.  انهن پئسن مان ڪاروبار جي شروعات بعد وري سندن جاچ جوچ ڪئي ويندي آهي ته ٻڌايل منصوبي مطابق اهي ساڳيو ڪم ڪن پيا يا نه، جيڪڏهن سندن ڪم مطمئين ڪندڙ هوندو ته ان کان پوءِ کين سندن رهيل اڌ  پئسه يعني وڌيڪ ڏيڍ لک روپيه مهيا ڪيا ويندا آهن. هي پئسه کين امداد طور تي نه پر بنا وياج جي قرض جي صورت ۾ ڏنا پيا وڃن، جيڪي کانئن ڪاروباري سرگرمين جي شروعات کان هڪ سال پوءِ تمام آسان قسطن ۾پندرهن سالن تائين وصول ڪيا ويندا. جيئن ته پهرين قسط ملڻ کان پوءِ ٻي ڏيڍ لک جي رقم کي ٻڌايل ڪامياب ڪاروبار جي عملي شروعات سان سلهاڙيل آهي جنهن جو هنن ڪاروباري منصوبو جوڙي جمع ڪرايل هوندو آهي ته ان نموني ان ڪاروباري وهنوار کي جاري رکڻ لاءِ هڪ قسم جو لڀائيندڙ موقعو ميسر ڪيو ويو آهي ۽ ڪوبيوقوف هوندو جيڪو ڏيڍ لک روپين جي هيڏي وڏي رقم کي حاصل ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃائيندو. ٻي هن پروگرام جي خاص ڳالهه هي آهي ته هن کي ڊگھي عرصي تائين جاري رهڻ جوڳو بنايوويو آهي. هن پروگرام ۾ اربين روپيه سيڙايا پيا وڃن ۽ ڪابه حڪومت ان کي ختم ڪرڻ جو سوچي به نه سگھندي ڇوته جيڪي ماڻهون ڪاروباري سرگرميون شروع ڪندا ۽ پئسن جي واپيسي ٿيندي ته ڪو احمق حڪمران ئي ائين ڪري سگھي ٿو، ها البت مستقبل ۾ موجودهه پارٽي سرڪار جي جاءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي حڪومت به جڙي ته اها وڌ کان وڌ هن پروگرام جو نالو مٽائي سگھي ٿي.  

هي هڪ اهڙو مربوط منصوبو آهي جيڪو ڪنهن حد تائين معاشري اندر رهندڙ ڪجھ غريب ۽ بيواهه عورتن جي بي رنگ دنيا ۾ زندگيءَ جا ڪجهه انڊ لٺي رنگ ڀري سگھي ٿو ۽ ان نموني اهي پنهنجي پيرن تي بيهي،  غربت جي خوفناڪ لوڙهي کي لتاڙي عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جي لائق ٿي سگھن ٿيون. منهنجي خيال ۾ ته حڪومت وقت پاران شروع ڪيل هي هڪ انتهائي قابل تعريف ڪم آهي. اميد ته هي پروگرام ڊگھي عرصي تائين هلندو رهندو جنهن مان لکين غريب عورتون فيضياب ٿينديون ۽ مڇي ماني ڪمائڻ لائق ٿي ذلت جي زندگي گذارڻ واري جهنم مان نڪري عزت ۽ وقار سان پنهنجو ڪاروبار ڪري گھر کي سکي بنائي سگھنديون.  

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud