Just another WordPress.com weblog

 

 

 

سنڌ ڌرتي واقعي به مردم خيز آهي جنهن ۾ ڪيئي مڻيادار ماڻهون پيدا ٿيا آهن. ان زرخيزي جي خبر اسان کي تمام ٿورڙي آهي ڇاڪاڻ حقيقي طرح وڏا ماڻهون ناٽڪي سياستدانن وانگر فلمي پوسٽر ڇپائي پنهنجي مشهوريءَ کي گناهه ڪبيرا سمجھندا آهن، اهي اهڙي ڪوڙي ۽ ناٽڪي پروپيگنڊهه ذريعي مشتهر ٿيڻ کان گمنام رهڻ کي وڌيڪ ترجيهه ڏيندا آهن. حاسد ماڻهون وري ڄاڻي واڻي انهن کي نظر انداز ڪندا آهن. ان نموني اسان سنڌ وارا انهن موتي داڻن جهڙن ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ انتهائي دير ڪري ڇڏيندا آهيون. منهنجا ڪجھ اهڙا گمنام دوست آهن، جيڪي وڏي علم، عقل،  دانش ۽ ڏاهپ وارا آهن پر کين اڃا سڃاتو ئي نه ويو آهي. شاهه عبدلطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو استاد پروفيسر برڪت بلوچ به انهن مان هڪ آهي.

اها منهنجي تڪيل طوريل ذاتي راءِ آهي، ان سان ڪو متفق ٿئي ٿو ته تمام سٺو پر جيڪڏهن ڪو دوست اهو ٿو سمجھي ته مون اها ڳالهه پنهنجي ڪوتاهه نظري، يا ياري باشي نڀائڻ خاطر لکي آهي ته اهڙن دوستن جي راءِ جو به احترام ڪندس.

جيستائين مان سمجھي سگھيو آهيان ته پروفيسر برڪت بلوچ کي پنهنجي يونيورسٽي ۾ ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي يا ائين کڻي چئجي ته سندس صلاحتين مان جيڪو فائدو وٺڻ گھربو هيو اهو نه ورتو ويو آهي. جيڪي ادارا علم ۽ دانش کي صحيح مقام ڏيندا آهن صرف اهي ئي جڳ جهان ۾ سرخرو ٿيندا آهن ۽ سندن پوري دنيا اندر ناماچاري ٿيندي آهي. پر اهي ادارا جيڪي عالمن، اڪابرن، ڏاهن ۽ دلوارن کي ڌڪاريندا آهن ته انهن جو ڳاڻاٽو تمام پوئتي رهجي ويل ادارن ۾ ٿيندو آهي. اهو ساڳيو حال اتر سنڌ جي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو به آهي. مان سمجھان ٿو ته محترم برڪت بلوچ يونيورسٽي جي گروپ بندين ۽ خوشامند ڪلچر کان ڪوهين ڏور هئڻ ڪري پوئتي ڌڪيو ويو آهي. ڪاش اسان عالم انسانن جو قدر ڪري ڄاڻو، کين اهو گھربل ماحول مهيا ڪري ڏيون جنهن ۾ اهي ڄاڻ کي پيدا ڪرڻ، اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن…ڪاش ته ائين هجي ها پر پاڻ وٽ ته هر شاخ تي الُو ويٺو آهي.  بقول دلي جذبن جي عظيم شاعر مرشد ڀٽائي جي ته

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،

انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،

وطن ٿي وري ڪوڙن ڪانئرن جو.

اهي ڪانئر نه ته پاڻ ٿا ڪو چڱو ڪم ڪن نه ئي ٻين لاءِ موقعا پيدا ڪن ته اهي چڱو ڪم ڪري سگھن. منهنجي اها دلي خواهش آهي ته سنڌ جي اهڙن سچن پچن هيرن کي عزت ان نموني سان ڏجي ته سندن علم ۽ فضل، سندن زندگي جي پورهئي کي عام ڪجي، دنيا اندر ڦهلائجي، پنهنجي معاشري جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪتب آڻجي. ان لاءِ ساڃوندهن کي پنهنجي صفن اندر انهن اهڙن آدرشي انسانن لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گھرجي، نه ته هي حياتي صرف هڪڙو ڀيرو ملندي آهي ۽ هر انسان جي هڪ فطري عمر هوندي آهي. جيڪڏهن انسان جي حياتي اندر اسان سندن فڪر، فلسفي، آدرشن، کان اڻ واقف ئي رهياسين ته اهو سمورو علم، عقل، هنر، فهم فراست، ڏاهپ ان ماڻهون سان گڏ مٽي ۾ دفن ٿي ويندا ۽ ڪجھ عرصي بعد اهي معاشري کان به وسري ويندا.

 نفسيات، فلسفي، ريسرچ سان گڏ نثر ۽ شاعريءَ جي وڏي ڄاڻ رکندڙ سائين سان جڏهن به ملندو آهيان ته ڪچهري هلندي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهندو آهي، دل چاهيندي آهي ته ساڻن گذرندڙ پل سمنڊ جي ڇولين جيان سدائين موجزن رهن، وقت پنڊ پاهڻ ٿي وڃي، پوري دنيا خاموش ۽ سانت ۾ اچي وڃي بس اسان هجون، جام هجن، محفل هجي، دنيا جهان جي علم جون ڳالهيون هجن ۽ بس…. برڪت بلوچ صاحب جن منهنجي انهن دوستن مان هڪ آهن. سائين جن گل جهڙا معصوم، ماءُ جي سڀاءُ وانگر ٻاجھارا، پيءُ وانگر شفيق، آسمان جي وسعت وانگر ڄاڻو، بادلن جهڙا هلڪا، جبل جيڏا ڳرا ۽ ٻار وانگي معصوم ۽ بي ضرر آهن. جڏهن به سندس ڪال ايندي آهي ته  سائين جن چوندا آهن ته ”گل سائين بس ڪو ڪم ڪار ناهي، ڪال پنهنجي ۽ اوهان جي زندهه هئڻ جي تصديق لاءِ ڪئي هئم“. زندگي جي هڪ تمام وڏي حقيقت سائين ائين تمام آساني سان بيان ڪري ويندا آهن. خبر ناهي سهاني سفر جي ڪڏهن ۽ ڪٿ منزل مڪي وڃي، سڀ پيچرا کٽي پون، جام خالي ٿي وڃن، احساس پٿرائجي وڃن، ذهن ڪنهن ڪم جو نه رهي ۽ پوءِ رهجي وڃن سکڻيون يادون، اداس پل، زخمي احساس….ته ان کان اڳ دوستن کي هڪ ٻئي سان ملڻ گھرجي، حال احوال ڪرڻ گھرجن،  ڏک سک ورهائڻ گھرجن پنهنجي ۽ پنهنجن دوستن کي پنهنجي زنده هئڻ جو احساس ڏيارڻ گھرجي سائين برڪت بلوچ سان ملي پنهنجو پاڻ سان ملڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي. جڏهن کيس اڪيرلڳندي آهي ته سکر اچي محبتي ميڙو مچائي پيار ۽ پريت ڀرين ڳالهين جي مئي پياريندو آهي ۽ جڏهن منهنجو من به ماندو ٿيڻ لڳندو آهي ته وٽس شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور هليو ويندو آهيان.  جتي گوپانگ جي موڙن واري هوٽل تي ويهي رات لڙي تائين ڪچهريون ڪندا آهيون.  اسان جن اهڙن محفلن ۾ ڪيئي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي ڳالهيون به ريشمي  ڪپڙي جي ٿهن وانگر کلي پونديون آهن.  اسان اهڙين روح رهاڻين ۾ کلي دل ۽ پوري آزاديءَ سان دنيا جي سمورن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهيون. مان سندس پرذوق طبيعت جو سدا ديوانو آهيان، ڇوته ڪنهن حد تائين شاهه عبدللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي تمام ڀلوڙ سالڪ شاعرن ۽ اديبن ۾ هي مستانو ئي ته آهي. ان ڪري سندس ديواني طبيعت ۽ ڳالهين تي مون کي ڪابه حيراني ناهي ٿيندي. “ديوانون ڪي سي نا بات ڪرين تو اؤر ڪرين ديواني ڪيا”. ان جو سبب شايد هي به هجي ته ٿوري گھڻي منهنجي طبيعت به اهڙي ئي آهي.  سڌريل دنيا اندر ڄاڻ کي سڀ کان اتم ۽ افضل سمجھيو ويندو آهي. ڄاڻ رکندڙ ماڻهون ئي معاشري ۾ عزت ۽ توقير جي لائق سمجهيا ويندا آهن. محض ان ڪري ته وٽن طوريل تڪيل معاشرتي اصولن بجاءَ دنيا کي ڏسڻ پرکڻ ۽ تجزئي ڪرڻ لاءِ پنهنجي نرالي اک هوندي آهي. اڄ تائين پوري دنيا اندر جيڪڏهن ڪي اٿلون پٿلون آيون آهن ته اهي اهڙن انسانن ڪري آيون آهن جن رائج، عام، مڃيل ۽ معاشري اندر قبول پيل ريتن، رسمن، خيالن خوابن، نظرين، فلسفن جي جند ڇڏي زماني جي وهنوارن کي پنهنجي الڳ نرالي اک سان پرکي ڪي نوان خيال ڏنل هوندا آهن.  سڌريل معاشرا عالم انسان جو قدر ڪري ڄاڻن شايد ان ڪري ئي ته اهي سڌريل آهن. ان جي ابتڙ پوئتي پيل معاشرن ۾ عتاب ئي ڏاهن ماڻهن تي نازل ٿيندو آهي.  علم، هنر، سهڻو سڀاءُ رکندڙن انسانن کي اونداهين جا رکوال هڪ سيڪنڊ لئه به برداشت ناهن ڪندا.

 

 …شايد اهڙن دلوارن لاءِ ئي حسن جي شاعر حسن درس چيو هيو ته

”زندگي سٺي اهڙي ٽڪ تي رلهي جهڙي،

مان وڇايان تون نه ويهين، ڇونه ويڙهي ڇڏيان.“

ان ڪري مان پنهنجي زندگي جي رلهي ويڙهجڻ کان اڳ چاهيندس ته وڌ کان وڌ پل مان پنهنجي هن دوست سان گذاري سگھان. منهنجو سائين برڪت بلوچ سان ملڻ جو مقصد محض وقت ڪٽڻ ناهي هوندو، جيئن اسان جا اڪثر سنڌي پيارا ڪندا آهن ته وقت کي پنهنجي وڏڙن جي جاگيرسمجھي ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪندا آهن. پر ان جي برعڪس مان جڏهن به سائين جن سان ملندو آهيان ته موٽ تي منهنجي ذهن ۾ جوڙيل ڄاڻ واري حصي ۾ ڪيئي املهه موتي جوڙ ٿي ويندا آهن، مان اهي نقطا ۽ اهي سکيل پيچيده فلسفيانه ڳالهيون جڏهن يارن دوستن جي محفل ۾ ڪندو آهيان ته دوست مون کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ مون کي منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ تي داد ڏيندا آهن، تڏهن مان من ئي من ۾ مرڪي برڪت بلوچ صاحب جو شڪريو ادا ڪندو آهيان.  ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته سؤ ڪتاب پڙهڻ به سٺو عمل آهي پر ان کان به وڌيڪ چڱو ڪم آهي ته ڪنهن اهڙي عالم سان ڪچهري ڪجي جيڪو اهڙا هزارين ڪتاب اڳ ئي پڙهيو ويٺو آهي. ڇوته هو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان اوهان کي انهن ڪتابن ۾ سمجهايل، سلجهايل پيچدهه نقطن، فلسفن کي تمام آسانيءَ سان سمجھائي ڇڏيندو.

مونکي تمام دير سان اها خبر پئي هئي ته سائين برڪت بلوچ ڀلوڙ شاعر به آهن. دير سان خبر پوڻ ۾ سندس ان ساڳي ديواني طبيعت جو عمل دخل آهي ته هو انهن شاعرن ۾ ناهي جيڪي پنهنجي شاعري سدائين ڳنڍ ۾ ٻڌي ٻڌندڙن جي ڳولها ۾ سدا سرگردان رهندا آهن.  ان معلومات مان اها خبر پئي ته سندس تخليقي پاڙون ڪيڏيون نه پختيون آهن. حقيقت به اها آهي ته برڪت بلوچ صاحب کي علمي، ادبي ماحول سندس والد صاحب پاران ورثي ۾ مليل آهي.  مون کي شاعريءَ جي علم جي ايتري به ڄاڻ ناهي ته ڪافئي ۽ رديف ۾ فرق ٻڌائي سگھان، ها البت شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪا جان هوندي آهي، ان ۾ ڪو پڪو ۽ پختو نياپو مليل هوندو آهي ۽ لفظ تسبيح جي داڻن وانگر پوئيل هوندا آهن ته اهڙي شاعري کي مان سٺي شاعري جي دائري ۾ شمار ڪندو آهيان.

سائين برڪت بلوچ جي شاعري مان هڪ چونڊ غزل جي ڪجھ بند اجھو هي آهن؛

مرڪيم، ڪرڪيم، ڪونه ڏٺئي،

هاءِ بيٺم، ڏٺم، ڪونه ڏٺئي.

 اس ۾ بڻجي مان آس جو پيرون،

بس، پڪتم، ڇڻيم، ڪونه ڏٺئي.

منهنجيون اکيون، منهنجا ڳوڙها،

 ڳاڙيم، اگھيم، ڪونه ڏٺئي.

ٻارن جيان، چنبڙيم توکي،

رهڙيم، گھليم، ڪونه ڏٺئي.

سامهون تنهنجي تو جهڙو گيت،

لکيم، ڦاڙيم، ڪونه ڏٺئي.

مان سمجھان ٿو ته اهڙي قسم جي شاعري ڄاڻي واڻي نه ٿي ڪري سگھجي. لفظن جي جوڙجڪ، تمثيلون، تجنيس حرفي جي لحاظ کان اهو هڪ شاندار غزل آهي. هن غزل ۾ جهڙي نموني احساسن جي اپٽار ڪيل آهي اهي ”نزول” واري ڪيفت جا ٿا لڳن. جڏهن لفظ گلن جو روپ ڌاري خوشبوءَ سان ماحول کي مهڪائيندا آهن ۽ لفظ پوپٽن جي صورت ۾ ٽلندا نظر ايندا آهن.

برڪت بلوچ صاحب جي شخصيت هڪ سمنڊ مثل آهي جنهن جي دامن ۾ هڪ طلسمي دنيا آباد آهي، جتي هيرا به آهن جواهر به آهن، ڄاڻ جا خزانا به آهن. اسان سڀني تي فرض ٿو عائد ٿئي ته هن عالم انسان جي علم، فهم و فراست جو قدر ڪيون ۽ سندس مددڪريون ته جيئن هو اهو سمورو علم ڪنهن نه ڪنهن نموني ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪري سگھي. منهنجي خيال ۾ ان نموني اسان کيس خراج تحصين پيش ڪري سگھون ٿا. شل اسان جو هي ديوانو دوست سدا سکي رهي، شاعري ڪندو رهي، گھمندو ڦرندو رهي، پنهنجي مٺڙي سڀاءَ سان محفلن کي مچائيندو رهي.

katohar@gmail.com

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud