Just another WordPress.com weblog

پاڻيءَ تي ليڪا

گذريل جمعي تي هن ملڪ ۾ ناموس رسالت جي نالي ۾ جنهن طريقي جو احتجاج ڪيو ويو، ان کي جنونيت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو نالو ڏجي! سئنيما هالن کي باهيون، عام ماڻهن جي ذاتي گاڏين کي ساڙڻ، پوليس وارن کي قتل ڪرڻ، بئنڪن جي ڦرلٽ، سائن بورڊ ساڙي ڇڏڻ وغيرهه. سوال ٿو پيدا ٿئي ته جن جنوني ماڻهن پياري نبي صلعم جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي، اسان جي هن نموني احتجاج ڪرڻ ڪري انهن جي طبيعت تي ڪهڙو اثر پيو ؟! جڏهن اسان پنهنجي ئي ملڪ ۽ عوام جي سوا ارب روپين جو وڏو نقصان ڪري ڏيکاريو، ته هنن جي اڪانامي ڪيترو پوئتي هلي ويئي؟ ڇا ان احتجاج سان اسان جي اندر ۾ نفرت جي ٻريل باهه تي ڪو پاڻي جو ڇنڊو پيو؟ مون کي پنهنجي هڪ پياري دوست جي فيس بوڪ اسٽيٽس  تي هڪ هندستاني دوست جو اهو تبصرو ڪيڏو نه حقيقت پسند لڳو جنهن ۾ هن چيو ته ”هندستان کي هروڀرو ڪروڙين روپيه خرچ ڪري ايٽمي ميزائيل ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.ان کي گھرجي ته چوڏهن منٽن جي ڪا فلم ٺاهي انٽر نيٽ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏين، پاڻهي پاڪستاني پنهنجي ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيندا“.

 ان سڄي طوفان جي برپا ٿيڻ کان پوءِ پرائيويٽ ٽي وي چينلن تي جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام، مسلم ليگ نون، تحريڪ انصاف، سني تحريڪ جا نمائندا ۽ اڳواڻ ان سڄي معاملي کي اهو چئي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪڍ آهن ته درحقيقت اهو احتجاج عوام جي ديرپا تڪليفن، اهنجن، اذيتن جو نتيجو آهي. اهو چئي هو ان سڄي فساد کي برپاڪرائڻ ۾ پنهنجي ڪڌي ڪردار کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هي اهي ماڻهون آهن، جن جي پوري تاريخ گواهه آهي ته هنن سدائين، سائنسي نقطئه نظر، منطق ۽ عقل جي مخالفت ڪئي آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجھ وقت اڳ تائين مذهبي پارٽين پاران ڀتين تي وي سي آر، ڊش انٽينا جي مخالفت ۾ چاڪنگون ڪيون ويون هيون جن ۾ اهو برملا اظهار ڪيو ويندو هيو ته وي سي آر، ٽي وي، ڊش انٽينا، فلمون وغيرهه نوجوان نسل جي ڪردار کي بگاڙڻ ۾ ڪليدي ڪردار پيون ادا ڪن.اهڙيون ڳالهيون ڪري اهي نوجوان نسل کي بدڪرداريءَ جي ڀنڀٽ کان بچائڻ لاءِ انهن تي پابندي وجھڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن. اسان کي پنهنجا وڏڙا اها ڳالهيون ٻڌائيندا هيا ته جڏهن لائوڊ اسپيڪر متعارف ٿيو هيو ته ان جي به ملن سخت ترين مخالفت ان بنياد تي ڪئي هئي ته پرديدار گھرن ۾ غير مرد جو آواز پهچڻ دين جي خلاف آهي. هاڻي حالت هي آهي ته مسجد پوءِ ٿي تيار ٿئي لائوڊ اسپيڪر اڳ ۾ خريد ڪيا پيا وڃن. خدا پاڪ طرفان اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ چار طرف جوڙيا ويا آهن پرمولوي حضرات اڪثرمسجدن تي اٺن کان وٺي ڏهه عدد تائين ڪن ڦاڙ آوازن وارا لائوڊ اسپيڪر رکي ڇڏيا آهن.  ان کان پوءِ جڏهن ريڊيو آيو ته جهڙوڪر قيامت برپا ٿي ويئي، ٽي وي جي ايجاد ته ٻرنديءَ تي پيٽرول جو ڪم ڪيو ۽ ان کان پوءِ جيئين جيئن سائنسي ترقي ٿيندي رهي ۽ نيون نيون ايجادون جهڙوڪر اليڪٽرانڪ ميڊيا، انٽرنيٽ، موبائيل، آئي پڊ، ليپ ٽاپ اچڻ لڳيون ته فتوائون به ان تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳيون.  هاڻي ريڊيو جي هر اسٽيشن تي، ٽي وي جي هر چينل تي مولوي حضرات پاڻ چوويهه ئي ڪلاڪ ڀلٿي هنيو ويٺا آهن.  

هي دؤر انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي جنهن دنيا جو جهڙوڪر نقشو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هن دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي ڊجيٽلي نيٽِوُ جو خطاب ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اسان جهڙا پوڙها ڊجيٽل دنيا ۾ پناهه حاصل ڪندڙ ليکيا پيا وڃون. هن وقت دنيا اندر ملڪن جي ترقي جو هڪ پيمانو اهو به آهي ته اهي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو ڪيترو مثبت استعمال ٿا ڪن. هن دؤر ۾ خاص ڪري موبائيل فون پوريءَ دنيا اندر رهندڙ انسانن کي اها سهولت ڏئي ڇڏي آهي ته بنا دير جي ڪجھ بٽڻ دٻائڻ سان اوهان پنهنجن پيارن، عزيزن، رشتيدارن، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ڀائيوارن، دڪاندارن، واپارين، پروفيسرن، سائنسدانن چوڻ جو مقصد هي آهي ته جنهن سان چاهيو ان سان ڳالهائي سگھو ٿا. موبائيل فون ڪري واپارين، عام شهرين، ڪراهڪن، استادن، شاگردن سان گڏ سڄي معاشري کي رابطي جوسؤلو سلوڻو نظام ملي ويو آهي جيڪو اڳ بس ڪجھ مخصوص ماڻهن تائين محدود هوندو هيو.  هن وقت دنيا اندر پنج ارب ماڻهون موبائيل سروس استعمال ڪن پيا ۽ ان انگ ۾ ڏينهنئؤن ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.

انٽرنيٽ هر گھر جي هر ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ جوڙي ورتي آهي، انٽرنيٽ جي سهولت کان سواءِ ڪمپيوٽر ته جهڙوڪر هڪ بي ڪار مشين کان سواءِ ڪجھ به ته نه ٿو لڳي. مان جڏهن صفا ٻاراڻي وهي ۾ هيس ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ شوقين نازو عرف ڪانگل گرامون فون خريد ڪري آيو هيو، سمورا ڳوٺ وارا ان جي چوڌاري ويهندا هيا ۽ ڪانگل ان کي چاٻي ڏئي، ڪتي ڇاپ رڪارڊ رکي ان مٿان وڏي احتياط سان سئي رکندو هيو ته ان وڏي لائوڊ اسپيڪر مان طلسمي آواز نڪرندا هيا ۽ ڳوٺ جا ماڻهون اهي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا. اهڙين شين/ايجادن جو شمار اڄ ڪلهه اينٽڪس ۾ ڪيو پيو وڃي. پراڻين شين سان پيار ڪرڻ وارا اهڙين شين کي سانڍيو پيا اچن نه ته نئين نسل کي ته اها ڳالهه ئي بنهه سمجھ ۾ نه ايندي. اڳ هر گھر ۾ ٽيپ رڪارڊر، وي سي آر، ڪيسٽون نظر اينديون هيون، هاڻي انهن جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ڪجھ وقت کان پوءِ اهي به ان نموني اينٽڪس جي زمري ۾ شمار ٿيندا جيئن اڄ ڪلهه گرامون فون کي ڪيو پيو وڃي. اها اسي واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن مان يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ۽ منهنجي رڳ رڳ ۾ سياست ائين سمايل هئي جيئن انهن ۾ رت ڊوڙندي آهي. هنوقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندڙ منهنجو من مهڻو دوست سائين نذرحسين شاهه انوقت سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پڙهندو هيو. هن جي وڏڙن جو ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجي پريس هئي. اسان فيصلو ڪيو ته هڪ پمفليٽ ٿا ڇاپيون. ان پمفليٽ جو مواد مون لکيو هيو ۽ هن يار پوري رات ان کي سيٽنگ ڪرڻ ۾ لڳائي. اهو وقت هيو جڏهن پريس ۾ ڪجھ ڇاپڻ لاءِ هر هڪ اکر کي ملائي ان جو بلاڪ ٺاهي، مشين ۾ مس لڳائي اهو ڪم سرانجام ڏنو ويندو هيو. اسر جو جڏهن سيٽنگ پوري ڪري هن ان بلاڪ کي مشين ۾ لڳائڻ لڳو ته تڪڙ ڪري ان ڪجھ اکر ٿڙي پيا ۽ وري ساڳي محنت ٻيهر ڪرڻي پئي. هاڻي اهو ساڳيو ڪم ٽيڪنالاجي اهڙو ته سولو ۽ سلوڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو اڳ تصور به گناهه هيو. هاڻي مان پنهنجا خيال، مضمون پنهنجي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ لکي اخبارن يا ميگزين ڏانهن اي ميل ڪري موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ اهي ان کي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ٽيڪنالاجي ڪم کي تمام تيز تر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ٻيو ته ان ۾ پرفيڪشن اچي ويئي آهي. هاڻي دماغ سان گڏ منهنجو آڱريون پنهنجو پاڻ ليپ ٽاپ جي ڪي بورڊ تي مختلف اکرن کي ٺڙڪ ڪري منهنجا خيال لکي ڇڏيندا آهن. هاڻي اهو وقت به اچي ويو آهي ته اوهان جا هڪ ٻوليءَ ۾ لکيل خيال ڪمپيوٽر هڪ سٽ ۾ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو به ڪري سگھندو. ان کان علاوه اوهان ڳالهائيندا وڃو ۽ ڪمپيوٽر اوهان جي ڳالهايل لفظن کي لکندو ويندو. ان کان علاوهه اليڪٽرانڪ ميڊيا تمام وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ٽي وي معنى سرڪاري پروپيگنڊهه جو يڪ طرفو اوزار هوندو هيو. هاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا حڪومتن جا وکا پدرا ڪري ڇڏيا آهن. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رونما ٿيندڙ ڪوبه واقعو گھر ويٺي سڌو سنئو ڏسي سگھون ٿا. ان نموني ڄاڻ تائين عام ماڻهن جي رسائي آسان ٿي پئي آهي. انٽرنيٽ جيڪي اڻ ڳڻيا فائدا اڄ جي انسان کي مهيا ڪري ڏنا آهن انهن جو ته ڪو ڪاٿو ئي لڳائي نه ٿو سگھجي. هاڻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا نيٽ تي موجود ناهي. شاگرد نيٽ تي پڙهايون ڪري سگھن ٿا، استاد پنهنجن شاگردن کي انٽرنيٽ تي پڙهائين پيا. ڪا معلومات حاصل ڪرڻي هجي ته ”پروفيسر گوگل“ هر وقت حاضر ۽ تيار ملندو اوهان ڪو اکر لکي کيس ان تي ٺڙڪ ڪيو ته ان عنوان سان لاڳاپيل هزارين فائيل اوهان جي ڪمپيوٽر تي کلي پوندا. يو ٽيوب  تي ڪروڙين ويڊيو فائيلس، فلمون، گانا، ڊاڪيومينٽريز، ٽي وي پروگرام، تعليمي پروگرام، ليڪچر، تقريرون ۽ گھڻو ڪجھ ملي ويندو. منهنجي ان سڄي تمهيد جو مطلب اهو آهي ته اڄ جي سائنٽيفڪ دنيا سان اسان ڪهڙي نموني قدم ملائي هلي سگھون ٿا جڏهن اسان انهن سڀني شين جي مخالفت کي پنهنجو دين ايمان ڪري ٿا پيش ڪريون. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪيستائين يوٽيوب تي پابندي لڳل رهندي؟ ۽ ٻيو ته ڇا اها پابندي ئي ان جو واحد علاج آهي؟!

 هڪ طريقو ته اهو ملن وارو آهي ته بابا سڀ ڪجھ بند ڪريو، ٽي وي به نه هجي، انٽرنيٽ تي به پاپندي لڳائجي، سائنسي تعليم گناهه عظيم آهي، ان ڪري سمورا اسڪول بند ڪري مدرسا کولي پنهنجي ٻارڙن کي ديني تعليم ڏجي. جيئن ملڪ جي اترين علائقن ۾ جتي طالبان جو اثر آهي ته انهن سمورا سرڪاري اسڪول ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جا اسڪول بمن سان اڏئي ڇڏيا آهن. ڇا ان طريقي سان اسان اولهه جي بي پناهه ٽيڪنالجيڪل ترقي ڪيل ايجادن جو مقابلو ڪري سگھنداسين. اسان کي ته اهو بنا پائلٽ وارو ڊرون جهاز نظر ئي نه پيو اچي جيڪو اسان جي نه رڳو هر چر پر تي نظر ٿو رکي پر جڏهن حملو ٿوڪري ته سندس نشانو ٺيڪ پنهنجي ٽارگٽ تي ٿو ڪري؟

 ٻيو نقطئه نظر هي آهي ته اسان کي وڻي يا نه وڻي، اسان سائنس يا سائنسي ترقيءَ کان ڀلي ته نفرت ڪيون،  پر هڪ ڳالهه طئي آهي جديد علم جي حاصلات کي نظر انداز ڪري نه ته اسان اڳتي وڌي سگھون ٿا نه ترقي ڪري سگھون ٿا ۽ نه ئي دنيا جي عيار، مڪار، دغاباز، دين دشمن، انسان دشمن ماڻهن يا گروهن سان مقابلو ڪري سگھون ٿا. اسان کي هن وقت فيصلو ڪرڻو پوندو ته نيم ملان خطرهه ايمان جهڙن ماڻهن پويان لڳي پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻوهي ۾ ڏيڻو آهي يا اسان کي دنيا جي تيز رفتار ترقيءَ سان قدم ملائي اڳتي وڌڻو آهي. اسان سمورن سائنسي ايجادن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگھون ٿا جيئن اولهه وارا ملڪ ڪن پيا. ان لاءِ اسان کي جديد ترين تعليم ڏيندڙ عظيم تعليمي درسگاهن جي اشد ضرورت آهي. اهڙن درسگاهن ۾ جتي رات ڏينهن سائنٽيفڪ ريسرچ لاءِ ليبارٽريون، لئبرريون کليل هجن، جتي منطق تي کلي دل ۽ دماغ سان بحث مباحثا ٿين. اسان هر نئين ايجاد لاءِ مغرب طرف ڏسڻ بجاءِ مقامي سطح تي اهي جوڙيون ۽ چين وانگر اهي انهن لاءِ سندن ملڪن جي مارڪيٽن ۾ پنهنجين شين جي جاءِ جوڙي ڏيکارويون. ان ڳالهين جي حاصلات کان سواءِ ترقي جو تصور بس پاڻيءَ تي ليڪا ڪڍڻ جي برابر آهي.     

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud