Just another WordPress.com weblog

جيل هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي قيدي پنهنجي زندگيءَ جا ڏهاڙا هڪ مخصوص ماحول ۾ گذارڻ تي مجبور ڪيا ويندا آهن. انهن مان ڪي ڪي باشعور، پڙهيل لکيل باندي،  رونما ٿيندڙ واقعن کي قلم بند ڪندا رهندا آهن، جيڪي پوءِ ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي اسان جي هٿن تائين اچي پهچندا آهن، جن کي اسان جيل جون ڊائريون چوندا آهيون. حقيقت ۾ جيل ڊائريون سوانح عمريون آهن.  جيل ڊائرين جي شڪل ۾ قلم بند ڪيل ادبي صنف کي پوري دنيا ۾ وڏي مڃتا مليل آهي. ”آءُ سمجھان ٿو ته دنيا جي ادب جو هڪ وڏو حصو، ان قسم جي ادب تي مشتمل رهيو آهي. خاص ڪري جيلن، انڌار پورن، ٽارچر سيلن، تشددي ڪيمپن ۽ سوري جي پاڇن ۾ سرجيل ادب پوءِ اهو شاعريءَ، جيل جي ڊائريءَ، خطن، تاثرن يا زندگي جي يادگيرين، واقعن يا سياسي مواد جي صورت ۾ موجود آهي پڙهندڙن جي ذهنن کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.“  تاج جويو محترم عبدالواحد آريسر جي جيل ڊائري ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو.

”اسماعيل راهو جو سياسي سفر انقلابي ۽ عوامي سياست کان هلندو ملڪ جي دستوري سياست تي اچي پهتو جنهن جي منزل مقصود اقتدار جو حصول ئي هوندو آهي.“ محترم شوڪت حسين شورو جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون جي پهرين جلد جي مهاڳ ۾ لکيو. پر اقتدار جي حصول بعد يا ان جي حاصلات لاءِ روان سفر به ڪو سؤلو سلوڻو ناهي ڪيئي جيل ۽ نيب جا ٿاڻا ڪراس ڪرڻا ٿا پون. ”ڪتا گاڏي“ تي بيهي سفر ڪري ڪورٽ جون اڻ ڳڻيون حاضريون ڀرڻيون ٿيون پون.  جج صاحبان چيمبر ۾ ويهي چانهه جي ڪپ تي جيستائين پنهنجن ميمن جي مذيدار ڳالهين کي هڪ ٻئي سان شيعر ڪري ٽهڪ ڏين تيستائين سندن انتظار جو عذاب الڳ ڪاٽڻو ٿو پوي ۽ جيستائين ڪو سؤلو واءُ وري انهن ڪنڊن ڀريل رستن تي هلڻو ٿو پوي. مٿي بيان ڪيل ڳالهيون مون پنهنجي سر پاڻ ناهن لکيون پر اهي سڀ حوالا زير نظر ڪتاب تان ورتل آهن. منهنجو خيال آهي ته ليڪک اهي ڳالهيون ان ڪري نه لکيون آهن ته پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري پڙهندڙن جون همدرديون حاصل ڪري جيئن ”هيستائين اسان وٽ سنڌي زبان ۾ جيڪي قيد و بند جون ڊائريون ڇپيون آهن انهن مان اڪثر ڊائريون Over Statement  جو شڪار آهن. انهن ڊائرين کي پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ همراهه ايلي ويزل Elie Wiesel)) وانگر هٽلر جي عقوبت خانن يا گئس چيمبر مان بچي نڪتو هجي.“ عبدلقادر جوڻيجو جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون جي ٻي جلد جي مهاڳ۾  لکي ٿو.  پر انهن ڳالهين جي ابتڙ ”اسماعيل راهو ڪٿي به اهو لکاءُ نه ٿو ڏئي ته پاڻ ڪو ذهني اذيت جو به شڪار رهيو آهي.“  (غ ق جوڻيجو)  ويتر هو پنهنجي کوليءَ کي برسات جي مند ۾ ساون گلن ٻوٽن ۽ ڪيارين ڪري مريءَ ۾ ٺهيل هٽ سان ڀيٽ ٿو ڏئي. ڪٿي ڪراچيءَ جو سينٽرل جيل ۽ ڪٿي ڪوهه مري….ها اهڙي جرئت شهيد فاضل، ان جا ساٿي ۽ سندس پٽ ڪري سگھو ٿو.

”جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون“  ۾ ليڪک جيل جي جهان اندر پيش ايندڙ واقعن کي ڏاڍي ايمانداريءَ، گهري مشاهدي ۽ سليقي سان قلم بند ڪيو آهي.  ڊائري ۾ هڪ طرف ته ڀرپور سياسي تجزيا نگاري ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان، بلوچستان کان علاوه انٽرنيشنل سياست جي داءُ پيچ تي تبصرو ڪيو ويو آهي ته ساڳي وقت جيل گھاريندڙ لاتعداد جيئرن جاڳندن بي گناهه، بي وس، بي پهچ ماڻهن جي حالت زار جو تذڪرو به ملي ٿو. جنهن هن ڪتاب کي هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ”وسطو مينگھواڙ جيڪو احتساب عدالت جي قانون جو شڪار بنيل آهي، ان غريب جي عمر اسي سال آهي. پاڻ هلڻ کان لاچار آهي ۽ نه ئي کيس اها پهچ آهي ته وڪيل ڪري سگھي. پويان ڪوبه اوهي واهي ڪونهيس سواءِ بيمار زال جي، جنهن وٽ نه علاج لاءِ ڪو پئسو آهي، نه ڀاڙو جو اچي هن جي ملاقات ڪري وڃي.“ رڳو وسطو مينگھواڙ ئي نه پر نصير مري ۽ اهڙن ٻين غربب قيدين تي روا قهر جا قصا پڙهندي محسوس ٿو ٿئي جهڙوڪر ڪو ناول پيو پڙهجي. هونئن به ناولن ۽ جيل جي ڊائرين جو هڪ ٻئي سان هڪ مظبوط رشتو آهي. جيئن ايمرسن جو چوڻ آهي ته ”اهي ناول درجي بدرجي دلپزير ڊائريون ٿيندا ويندا، بشرطيڪه ڪوئي پنهنجي محسوسات مان اهي احساس چونڊي سگھي، جي واقعي هن جا هجن ۽ هو سچ سچائيءَ سان لکي سگھي.“ جي مون کي اجازت هجي ته مان ان جملي کان هن نموني بيان ڪيان ته ” اهي جيل جون ڊائريون درجي بدرجي دلپزير ناول ٿيندا ويندا آهن بشرطيڪه ڪوئي پنهنجي محسوسات مان اهي احساس چونڊي سگھي، جي واقعي هن جا هجن ۽ هو سچ سچائيءَ سان لکي سگھي.“ ان ڳالهه کي سامهون رکي جڏهن اسان جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون کي پرکيون ٿا ته اهو هڪ دلپزير ناول جو درجو به رکي ٿو. ڪٿ ڪٿ لفظن ذريعي پوري ماحول جي اهڙي ته شاندار چٽسالي ٿيل آهي جو لڳي ئي نه ٿو ته هي ڪو نئون لکاري آهي يا هي اها لکڻي آهي جيڪا هن پنهنجي جيل ياد گيرين لاءِ لکي آهي. جنهن نموني منظر نگاري بيان ڪئي ويئي آهي پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪي تصويرون آهن جن کي اکين سان پيو ڏسجي. هڪ ڪامياب ناول نگار ائين ئي ڪندو آهي.  سندس هي جملا پڙهي ڏسو؛ ”وارڊ جي ديوار سان ڪياري ٺهيل آهي،جنهن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا ۽ سايون وليون لڳل آهن، جن پوري ڀت کي ڀري سائو ڪري ڇڏيو آهي.“ اڄ هلڪي بوند به پئي وٺي. اڄ اسان جو وارڊ بلڪل هڪ هٽ يا ڪاٽيج وانگر لڳي رهيو آهي. جيڪڏهن موسم جھڙالي ۽ بوندا باندي واري هجي ته وارڊ ۾ گھڻي ساوڪ سبب ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهون مريءَ جي ڪنهن هٽ ۾ ويٺو هجي.“

ٿاڻا گھاڻا هوندا آهن، جت ساهه کڻڻ جي اجازت به ناهي هوندي. ٿاڻن اندر جيڪي ڏوهه اسان جا عملدار ڪندا آهن انهن جو ڪو ڪاٿو ئي لڳائي نه ٿو سگھي. ٿاڻن  اندر ئي بي گناهه ماڻهن تي ايڏو ته تشدد ڪيو ويندو رهيو آهي جو ماڻهون بي گناهه هوندي به سنگين ڏوهن جا قبولدار ٿي ان عذاب مان ڇوٽڪاري کي عافيت سمجھندا آهن. اهي ٿاڻا وري اسپيشل نيب پاران جوڙيل هجن ته انهن جو  رنگ ئي ڪجھ اؤر هوندو آهي. ڪتاب جي مصنف مشرف دؤر اندر جوڙيل اهڙن ٿاڻن جي هن نموني تصوير ڪشي ڪئي آهي؛ ”نيب ٿاڻي جي ان سيل ۾ وقت جو ڪوبه اندازو ڪونه ٿيندو هو، سواءِ هڪ فوٽ جي روشندان جي، جنهن مان سج لهڻ ۽ اڀرڻ جو اندازو ٿيندو هو.“

 بجہا جو روزن زنداں تو دل یہ سمجھا ہے،                                                                             کہ تیری مانگ ستاروں سے بھر گئی ہوگی،                                                                               چمک اٹھے ہیں سلاسل تو ہم نے جانا ہے،                                                                                             کہ اب سحر ترے رخ پر بکھر گئی ہوگی۔ {فیض احمد فیض}

 ”…وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڊيوٽيءَ تي موجود سپاهيءَ جو احسانمند ٿيڻو پوندو هو…اتي ڪنهن سان به ڳالهائڻ تي مڪمل پابندي آهي…اتي قرآن پاڪ کان سواءِ ڪنهن به ڪتاب جي اجازت نه آهي. ڪابه اخبار، ڪاغذ، پين وغيره پاڻ سان رکي نٿي سگھجي…ڪوشش اها ڪئي ويندي هئي ته قيديءَ جي سامهون وارو سيل خالي رکيو وڃي ته جيئن انهن جي هڪ ٻئي تي نظر نه پوي.  اتي قيدين کي ٻڌايو ويندو هيو ته ”توهان ڏينهن ۾هڪ ڀيرو وهنجي سگھو ٿا، ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪپڙا تبديل ڪري سگھو ٿا، شيو هفتي ۾ فقط ٻه ڀيرا ڪري سگھو ٿا“  ساڳي ٿاڻي جا ڪجهه ٻيا قانون جيڪي ڊيوٽي تي موجود سپاهي ليڪک کي باور ڪرايا هيا  ته ”…ننڍو آئينو توهان کي آڻي ٿو ڏيان، هڪدم شيو ڪري مون کي واپس ڪندا جو توهان کي شيو جي سامان سان گڏ آئينو يا آفٽر شيو لوشن جي شيشي رکڻ جي اجازت به ناهي. “ انهن ٿاڻن جي قصن کي پڙهندي ٻي مهاڀاري لڙائي وقت هٽلر پاران جوڙيل نازي ڪيمپن اندر قيدين سان روا سلوڪ وارا نظارا منهنجي ذهن جي اسڪرين تي اڀري آيا.   اسماعيل راهو صاحب ان معاملي ۾ خوش نصيب هو ته کيس نازي ڪيمپ جهڙي عقوبت خاني، نيب جي ٿاڻي ۾ بس ٽي ڏينهن ئي گذارڻا پيا هيا،  جو جج پهرين حاضري ۾ ئي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هيو. اهڙن ادارن ۾ اذيت پسند Sadist)) عملدار مقرر ٿيل هوندا آهن جيڪي قيدين تي جبر ڪري، کين جسماني ۽ ذهني اذيتون ڏئي دلي سڪون محسوس ڪندا آهن. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن قيديءَ کي ٿورڙو ئي حق پلئه پوندو آهي ۽ اهي عملدار ڪنهن مخصوص قيديءَ تي پنهنجي جبر جي طبع آزمائي واري وهنوار کان رهجي ويندا آهن ته کين سخت دلي صدمو رسندو آهي. اهڙن ئي خصلتن وارو حاجي قدير به هيو جنهن کي انوقت نيب ٿاڻي جي عملداري سونپي ويئي هئي جيڪو اسماعيل راهو صاحب کي جيل موڪلڻ واري حڪم تي بخيل ٿي ويو هيو ۽ بقول اسماعيل راهوءَ جي ته  ”سندس چهري تي بي وسي ۽ چڙ جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هيا“ .

 جيل اندر سياسي قيدين لاءِ وقت ڪاٽڻ وڏو مسئلو هوندو آهي ۽ اهي وقت جي رفتار کي پر هڻڻ لاءِ لوڊو، رمي، چوباز جون بازيون لڳائي دل وندرائيندا آهن ۽ وقت پاس ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ اسماعيل راهوءَ جو چوڻ آهي ته ”…جيڪو نڀاڳ ۾ مزو آهي اهو چڱي ڪم ۾ ڪٿي؟ تاش ۾ جيترو آساني ۽ مزي ۾ ٽائيم پاس ٿو ٿئي، اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪٿي ٿو ٿئي.“   پر ڪي ڪي باشعور قيدي ان وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪتابن پڙهڻ سان گڏ جيل اندر هلندڙ وهنوارن، احساسن، جذبن، واقعن کي قلمبند به ڪندا رهندا آهن.  ”هاڻي صبح جا ڏهه ٿيا آهن ۽ مون اٽڪل27 (ستاويهه) ڪلاڪ ساندهه لکيو آهي“.  شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ لکي ٿو. اسماعيل راهو جي ڊائري ۾ جابجا ”نڀاڳ واري ڪم“ يعني پتي راند کيڏڻ جو تذڪرو ته آهي پر”جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون“ جا ٻه جلد ان ڳالهه جوچٽو ثبوت آهن ته محمد اسماعيل راهوءَ انهن لمحن کي اجايوناهي وڃايو.

جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون جو ليڪک محترم محمد اسماعيل راهوشهيد فاضل جي گھر ۾ پيدا ٿيوهو،  جتي کيس ٻاروتڻ ۾ ئي سياسي ۽ ادبي ماحول ورثي ۾ مليو هو. شهيد محمد فاضل راهو حق، سچ جي سياست جو هڪ سچو سپاهي هو.  اهڙن ماڻهن لاءِ پياري پاڪستان ۾ ٻه گھر آهن. هڪ اباڻو اجھو ٻيو جيل وارو جهان! شهيد فاضل کي مختلف حڪمرانن پنهنجي پنهنجي دؤري حڪمراني ۾ جيل جون ياترائون ڪرايون هيون ۽ شهيد کي لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورن جيلن اندر ”مهمان“ ڪري رهايو ويو هيو.  ضياء جي آمرانه دؤر ۾ ته کيس بلوچستان جي مچ جيل جو سير به ڪرايو ويوهو. محمد صديق راهو جي شهادت بعد سمورن رابطن، ملاقاتن جو بار محمد اسماعيل راهوءَ تي پيل هوندو هيو ۽ موصوف پنهنجي سرويچ پيءُ سان ميل ملاقات لاءِ  ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، سکر کان وٺي مچ جيل تائين سفرڪندو رهندو هو. ان نموني  کيس جيل جي عملي ياترا کان اڳ ئي قيد و بند ۾ هلندڙ وهنوار جي گھڻي واقفيت هئي. پر ليڪک انهن سمورن سياسي چڪرن، تضادن، عذابن، احساسن، پابندين تي قلم ان وقت کنيو جڏهن کيس پنهنجو پاڻ جيل جي هوا کائڻي پيئي. هڪ سچي ليڪک جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته هو ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي مدار رکڻ بدران عملي مشاهدي بعد ئي ڪجھ لکندو آهي.

ڪتاب  ۾ مخلتف وقتن تي رونما ٿيندڙ واقعن جي بنياد تي ليڪک پنهنجي خاندان جي سياسي جدوجهد، قربانين جو مفصل ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري شهيد عوام محمد فاضل راهو جي سياسي جدوجهدن، ڪارنامن، محبتن، قربانين، ارڏاين، دليرين، دلربائين جو جابجا ذڪر ملي ٿو. شهيد محمد فاضل راهو پنهنجي ذات ۾ واقع به هڪ انجمن هو. شهيد فاضل پنهنجي خلوص، سچائي، نهٺائي، محبت، ايمانداري جهڙن گڻن سان هرجاءِ تي چاهيندڙن جو هڪ وسيع حلقو پيدا ڪري ڇڏيندو هيو. جيل جي سپاهين کان وٺي عام قيدين تائين ڪيئي ڪردار محمد اسماعيل راهوءَ سان شهيد فاضل سان گھاريل گھڙين جي حوالي سان مليا، انهن جو ذڪر ڪري اسماعيل راهوءَ اسان جهڙن شهيد فاضل راهو جي عقيدت مندن تي وڏو ٿورو ڪيو آهي. محمد صديق راهو سنڌ جي سياسي افق تي اڀري آيل هڪ بي حد سچو، ايماندار، اورچ سپوت ۽ سياسي ڪارڪن هو.صديق راهو اهڙي مکڙي مثل هيو، جنهن جي ٽڙڻ ۽ ٽڙي پکڙي خوشبوءِ ڦهلائڻ جي مند هئي ۽ اهوئي وقت ئي جڏهن ان گل کي چيڀاڙي، چيٿاڙي شهيد ڪيو ويو هو. جيل جي ڊائريءَ ۾ شهيد محمد صديق راهوءَ جي لازوال جدوجهد جي داستان جا ڪجھ واقعا رقم ڪيل آهن، جيڪي پڙهندڙن کي سندس تعارف ڪرائين ٿا. ضياءَالحق جيڪي ڪارا قانون زبردستي ملڪ اندر مڙهيا هيا ان ۾ صحافت جي آزاديءَ تي راتاهو پڻ هو. اخبارون پرنٽ ڪرڻ کان اڳ مقرر فوجين جي ٽيبل تي پهچايون وينديون هيون، جتي صحافت جي دنيا جي الف بي کان اڻ واقف اهي فوجي انهن اخبارن کي سنسر ڪندا ها ته ڪهڙي خبر قابل اشاعت آهي ڪهڙي نه!!! صحافين ان انياءُ خلاف رضاڪاراڻه گرفتارين ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو ۾ جنهن عوامي تحريڪ جي انوقت جي هاري ونگ ”سنڌي هاري ڪميٽي“  به ڀرپور عملي شرڪت ڪئي هئي. ان تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ ڪري صديق راهو به پابند سلاسل ڪيو ويو هو. گرفتار شهيد صديق راهوءَ تي تشدد جو انوکو قسم آزمايو آهي ته کيس ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ جيئري زمين اندر پوري ڇڏيو ويو هو سواءِ سندس سسيءَ جي ته جيئن هو ڪجھ ساهه کڻي سگهي. اهڙي تشدد ڪري هو دائمي بيمارين جي ور چڙهي ويو هو ۽ اٺاويهن سالن جي ڦوهه جواني ۾ سندس موت واقع ٿيو هو.

جيل ڊائري ۾ ساڳي وقت پنهنجي ويڳي امڙ لال ٻائي جي ذڪر سان سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد جي تاريخ رقم ڪئي ويئي آهي. لاشڪ سنڌياڻي تحريڪ عملي طرح سان وجود ۾ ئي نه اچي ها جيڪڏهن ان ۾ شهيد فاضل راهو جي گھراڻي جون ڀينرون حصو نه وٺن ها. ڪڙيو ڳنهور اندر ضياءَ جي زماني ۾ ڪرايل هاري ڪانفرنس انهن يادگار جدوجهدن مان هڪ آهي جنهن ان گھٽ ٻوسٽ واري وايو منڊل ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي ۽ سنڌ جي ماٺاريل سياسي ماحول ۾ سرگرمي پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڊائريءَ ۾ ان جو تفصيلي ذڪر پڙهي سگھجي ٿو.  

ان سان گڏ ملڪي سياست جي تاريخ، بين الاقوامي سياست ۽ ان جا اسان جي سياست تي اثر ۽ ان سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان اندر قومپرست ۽ ترقي پسند سياست تي سير حاصل بحث پڻ ڪيو آهي. سندس تجزيا حقيقتن جي گھڻو ويجهو آهن. موصوف ملڪي سياست تي هڪ ڀرپور تبصرو ڪيو آهي جيڪو ملڪ جي آزادي کان وٺي سندس جيل ياترا تائين ڦهليل آهي. ان تجزئي ۾ ملڪي سياست جي لاهين چاڙهين، ڪردارن، سازشن، شڪستن، ڪاميابين جو ذڪري ڏاڍي سيبتي نموني ڪيو ويو آهي. تاريخي واقعن کي تسلسل سان پيش ڪرڻ جي ڏانو کي ڏسندي چئي سگھجي ٿو ته ليڪک هوا ۾ فائر ناهن ڪيا پر کيس ملڪي سياست جي پيچيدگين، لاهين چاڙهين جو چڱو خاصو ادراڪ آهي ۽ سندس انهن مامرن تي مطالعو ٿيل آهي.  ملڪي سياست جي پيچيدگين سان گڏ سندس گھري نظر ڏيهان ڏيهه هلندڙ سياست تي به آهي. دنيا جي داداگير ملڪن جي اڳواڻن جوبين الاقوامي سياست ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، سندن پاليسن جا اسان جي گھريلو سياست تي ڪهڙا اثر ٿا پون، انهن سان هيڻن ملڪن جي سربراهن جا لاڳاپا ڪهڙي نوعيت جا هوندا آهن.  بين الاقوامي سياست جي لاهين چاڙهين ۾ آمرانه  ۽ جمهوري سوچ رکندڙ مقامي قيادت جي پاليسن ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.  انهن ڳالهين تي بحث سان گڏ مون کي سندس سنڌ ۽ بلوچستان جي سياست جو تقابلي جائزو به بي حد وڻيو.  ليڪک سنڌ اندر قومپرست ڌرين پاران پارلياماني سياست ۾ پير پختا نه ڪري سگھڻ واري سياست تي عام فهم ٻوليءَ ۾ جاندار بحث کي ڇيڙيو آهي.  ليڪک جي راءِ آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي گھراڻن کان سواءِ ڪنهن به قومپرست اڳواڻ جو ڪو اليڪشني حلقو ناهي جڙي سگھيو. ان جو سبب اهو آهي ته اسان جا قومپرست۽ کاٻي ڌر وارا عوام کان بنهه ڪٽيل رهيا آهن.   ”بلوچستان سان تعلق رکندڙ کاٻي ڌر۽ قومپرست سان تعلق رکندڙ وچولي ڪلاس جا ڪارڪن اڳتي نڪري پارلياماني سياست يا Power Politics جو حصو بڻيا پر سنڌ اندر ائين نه ٿيو“. اها حقيقت آهي ته بلوچستان اندر وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ڪيئي قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻ اڀري آيا جيڪي صوبائي توڙي قومي اسمبليءَ ۽ سينيٽ جا ميمبر بڻيا ۽ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. جڏهن نه ته اهي سردار هيا ۽ نه ئي هنن لاءِ اهي تڪ سندن وڏڙن ورثي ۾ ڇڏيا هيا.

منهنجي خيال ۾ سنڌ جي سياست ۾ قومپرستن پاران پارليامينٽري سياست ۾ حصو نه وٺڻ يا ٿورو گھڻو حصو وٺي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ان سياست کي ئي سنڌ دشمن ڄاڻائي ڦٽو ڪري ڇڏڻ جهڙن معاملن تي سنڌ اندر ڪو سنجيدهه بحث ئي ناهي ٿيو. ڪنهن هڪ اڌ اليڪشن ۾ سنڌ جي دانشور نما سياستدانن حصو ته ورتو هو پر جيئن ته سندن عوام سان ڪوبه سڌو سنئون لاڳاپونه هيو ان ڪري سندن ضمانتون ئي ضبط ٿي ويون هيون. مٿان ظلم اهو ته اسان جا قومپرست سياستدان اهڙن نتيجن کي هضم نه ڪري سگھيا هيا ۽ عوام سان رابطي، سندن ڏکن سکن، سماجي ڪمن ڪارين ۾ عدم شرڪت واري عوام دشمن روين کي مٽائن بدران اسان جي سياستدانن پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ لاءِ عوام کي گارين ڏيڻ جا تحفا ڏنا ها ۽ سنڌي ماڻهن کي گھڻن ئي اڻ وڻندڙ طعنن تنڪن سان نوازيو ويو هو. هن وقت ڏسڻ ۾ اچي پيو ته سنڌ جي قومپرست سياستدانن کي ڪنهن حد تائين پارلياماني سياست ۾ نه هئڻ ڪري سنڌ جي مجموعي قومي مفاد کي پهچندڙ نقصانن جو ٿورو گھڻو احساس ٿيڻ لڳو آهي ۽ اهي ڪجھ ڪجھ سنجيدهه نموني ان مسئلي تي سوچ ويچار ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه جو احساس محترم اسماعيل راهوءَ کي اڳ ئي هيو. اسماعيل راهو اهڙي ڪنهن به ڳالهه ۾ يقين نه ٿو رکي ته عام ۽ وچين درجي وارو ڪارڪن يا قومپرست سياستدان پارليامينٽري سياست ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگھن.  سائين جن دليل طور بلوچستان جي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، عبدالوحيد بلوچ، ثناءُ بلوچ، ياسين بلوچ، ڪچڪول علي، عبدارحيم مندوخيل ۽ غوث بخش بزنجو ۽ سنڌ مان شهيد محمد فاضل راهو ۽ سائين جي ايم سيد جي خاندانن کي مثال ڪري پيش ڪيو آهي. اهي سڀ نه ته ڪي سردار يا پشتي وڏيرا هيا ۽ نه ئي کين ڪي اباڻا تڪ پنهنجي وڏڙن پاران ورسي ۾ مليل هيا پر پوءِ به اهي ڪامياب ويا ۽ اڃا تائين ڪامياب ٿيندا پيا اچن. سائين راهو صاحب سنڌي سياستدانن کي پڻ سندن طرزعمل تي هلڻ جا اشارا ڏنا آهن. اهو ڪم ڪو هڪ ڏينهن ۾ ٿيڻو ناهي پر ان لاءِ مسلسل عوام سان رابطي ۾ رهڻ جي اشد ضرورت آهي.  عام ماڻهون ان ڳالهه کي گھٽ ڏسندا ته ڪير ڪيترو سٺي تقرير ڪري ڄاڻندو آهي يا بحث مباحثي ۾ ڀڙ آهي يا اٺ ڪتابن جا پڙهيو ويٺو آهي، سندن نظرن ۾ اهو ماڻهون سٺو آهي جيڪو وقت پوڻ تي بنا ڪنهن دير جي سندن درد جو درمان بڻجي ساڻن سندن جهڙو ٿي اچي ملي.  ان قسم جي روين لاءِ لاشڪ اسانجي سياستدانن کي شهيد فاضل راهوءَ واري واٽ وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي، ڇو ته فاضل راهوءَ جي سياسي ”اثر وڌڻ جو سبب ڪو وڏيراڻو طريقونه هيو پر پيار ۽ محبت جي جذبي سان ٽمٽار هجڻ هو. پنهنجي علائقي جي اندر جيڪڏهن اڄ غريب مسڪين هاري ناري ۽ ٻيا ماڻهو شهيد فاصل کي ياد ڪن ٿا يا اان جا پوئلڳ آهن ته اهو فقط ان ڪري نه،  ته هو قومپرست  يا ترقي پسند اڳواڻ هو، پر ان جا بنيادي سبب شهيد جي ڪردار جون اهي انيڪ خوبيون آهن جن جو هو مالڪ هو“.

اسماعيل راهوءَ جي لکڻي جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو پنهنجي پوري ڳالهه ڪرڻ جو ڏانو رکي ٿو، جڏهن هو ڪنهن به يادگيري، واقعي يا شخصيت لاءَ ڪجھ لکي ٿو ته ان جي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي هڪ اڻ ميو اطمينان ٿو ملي وڃي. ٻيو ته سندس لکڻين ۾ ڪوبه ابهام ڪونهي، هو پنهنجي ڳالهه کي سڌي ۽ سادي نموني ايمانداريءَ سان بيان ٿو ڪري وڃي.  پوري لکڻيءَ ۾ هن ڪنهن جوپٽڪو ڪونه لاٿو آهي هونئن اهو لاڙو اديبن ۽ خاص ڪري سياسي دانشورن ۾ ننهن کان چوٽي تائين ڀريل ڏٺو ويو آهي.   تازوئي مون ڪجھ ٻيون به جيل جو ڊائريون پڙهيون آهن. هڪ جيل جي ڊائري جيڪا هڪ محترم سنڌي سياسي اڳواڻ جي لکيل آهي ان ۾ جنهن نموني ٻين سياسي قيدين جو ذڪر ڪيو ويو آهي گھٽ ۾ گھٽ مون جهڙي پڙهندڙ وٽ اهو ناقابل قبول آهي.   پراسماعيل راهو جي تحرير صاف سٿري آهي. جنهن ۾ ڪنهن جو به ڪو پٽڪو ناهي لاٿو ويو. بقول سندس ته  ” مون لکڻ دوران ڪوشش ڪئي ته ڪٿي به ڪنهن جي متعلق اهڙ ريمارڪ يا ڪمينٽس نه اچن جنهن سان ڪنهن جي دل آزاي ٿئي يا جنهن متعلق لکيو وڃي اهو پنهنجي گھٽتائي محسوس ڪري جيل ۾ رهندي اڪثر ڪي اهڙا معاملا ٿيندا رهندا هئا، جن کي ڊائري ۾ لکڻ سان ان ۾ وڌيڪ مزاح ۽ مرچ مصالحو شامل ٿي پي سگھيو ۽ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ دلچسپي وارو مواد ٺهي ٿي پي سگھيو، پر ان لاءِ ڪن فردن جا منفي پهلو کوٽون ۽ خاميون بيان ڪرڻيون پون ها.“  پر منهنجي خيال ۾ ته ڪجھ ڳالهين تي واضع نموني ڳالهائڻ يا لکڻ جي اشد ضروت هوندي آهي. انهن معاملن ۾ اهو ناهي ڏسبو ته ڪير راضي ٿو ٿئي يا ڪو ناراض ٿو ٿئي. اهي معاملا تاريخ هوندا آهن، ۽ تاريخي درستگي خاطر انهن تي قلم کڻڻ لازمي هوندو آهي. جيئن عوامي تحريڪ پارٽي جي تاريخ آهي. عوامي تحريڪ جهڙي پارٽيء جو سنڌ جي سياسي افق تي اڀري اچڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هو. عوامي تحريڪ سنڌ جي سياست ۾ ڪيئي ترقي پسند ۽ نوان رويا ۽ لاڙا متعارف/ رائج ڪرايا هيا.  پوءِ ڀلا ڪهڙ واءُ وريو ته شهيد فاضل جا سمورا ويجھا، ڀروسي جوڳا، اورچ ۽ قرباني جي جذبي سان پر ساٿي اها پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا؟  آخرڪار اهڙي اورچ پارٽي ڇو ۽ ڪيئن پوري ٿي ويئي ۽ ان کي سنڌ جي سياسي ماحول ۾ پ پ پ، مسلم ليگ ۽ ٻين پارٽين جو متبادل ٿي اڀرڻ کپندو هي، پر ائين ٿي نه سگھيو ۽ عوامي تحريڪ اهو ڪردار ادا  نه ڪري سگھي ته ان جي سببن تي کلي دل سان بحث مباحثو ٿيڻ گھرجي. اها ڳالهه ڪنهن فرد يا ماڻهون جي ناهي پوري هڪ تحريڪ جي آهي. ان قسم جو هلڪو بحث مون محترم شاهنواز راڄپر جي لکيل مقالي جيڪو ماهوار ”سوجھرو“ ۾ ڇپيو هيو نظرن مان گذريو هيو، باقي ڪنهن به دوست اهڙي جرئت نه ڪئي هئي. اسان جي سنڌي سماج اندر ڪنهن به ايم ڪيو ايمي ٽائيپ روين جي ضرورت نه هئڻ گھرجي ته بس هو فلاڻو ”سياسي خدا“ آهي سندس هر ڳالهه اول ۽ آخر آهي،ان تي نه ڳالهايو. اسماعيل راهو جي جيل جي ڊائري پڙهندي مون کي اهو شدت سان احساس ٿيو ته ليکڪ عوامي تحريڪ جي زوال تي لکڻ گھربو هيو. مون کي يقين آهي ته کيس ان ڳالهه جو شدت سان احساس ۽ ادراڪ به ٿيو هوندو پر تقراري موضوعن کان بچڻ لاءِ يا بقول سائين عبدلقادر جوڻيجي صاحب جي ته پنهنجو پاڻ کي   Under Statement ڪري لکڻ ڪري موصوف اهڙي موضوع کي بلڪل به ناهي ڇهيو. جيئن ته اسماعيل راهو عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڌارا ۾ رهندڙ فرد آهي ۽ هو سڀني ڳالهين جو اکين ڏٺو شاهد آهي، ان ڪري کيس تاريخ ۾ درستگيءَ خاطر اهڙن موضوعن تي لب ڪشائي ڪرڻ گھربي هئي،  جنهن سندس والد صاحب جي ورثي کي يا ته مٽائي ڇڏيو يا اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو ته شهيد فاضل راهوءَ جو اولاد به ان کان ڌار ٿي وڃي.

اسماعيل راهو پنهنجي جيل ڪٿا ۾ سادي، عام فهم ۽ مروج ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان ڪٿي به ڪنهن مونجھاري کي منهن ڏيڻو نه ٿو پوي.  ڪي لکاري پنهنجي ٻوليءَ ۾ چاشني پيدا ڪرڻ لاءِ عجيب غريب تمثيلون ڏيندا آهن. مثال طور”ان ڇوڪري وانگر جيڪا سربازار ننگي وڪامي، عيد جي رات پنهنجن زالن جي چپن چمڻ جي آزادي،  ڪنواريءَ ماءُ جي ٿڃ جو قسم،  آخري چمي، يا ائين چوڻ ته سنڌ ڪنهن الهڙ جواني وانگر انگڙائي ڀڃي جاڳي پئي وغيرهه. اهڙا مثال جيڪڏهن اولهه جي ملڪن ۾ لکاري لکن ته جيڪر فيمنسٽ کين سڱن تي کڻي ڦٽو ڪن پر هي جيئن ته سنڌ آهي جتي ناليوارن اديبن، شاعرن، لکارين، سياستدانن کي به صنفي علم ۽ ان جي حساسيت جو ادراڪ ورلي ڪو آهي. اهي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ عورت جي عظمت جو ڌڄيون اڏاريندا رهندا آهن ۽ وري غضب اهوته پاڻ کي عورتن جي حقن جو علمبردار به چوائيندا آهن. پر مون کي راهو صاحب جي پوري جيل ڪٿا ۾ ڪٿي به اهڙي ڪوشش نظر نه آئي ها البت ڪجھ جاين تي ڪي مروجه محاورا، چوڻيون ٺهڪندڙ نموني ڏنل آهن.

ٻيو ته جيڪي روٽين جا ڪم آهن، ته اڃ ڪير ڪير ساڻس ملڻ آيا، ماني ۾ ڇا کاڌو ويو، ته انهن جو تسلسل سان ورجاءُ پڙهندڙ کي تمام گھڻو بور ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. مان مڃان ٿو ته لکاري لاءِ اهي ڳالهيون تمام کڻي اهم به هجن، پر ويچاري پڙهندڙ کي اهڙن ڳالهين تي پڙهڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ڪجھ ڏکيرڙو عمل آهي. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته اهي ڳالهيون سرسري انداز ۾ هڪ دفعي ڪيون وڃن ها ۽ انهن کي وري وري لکڻ جي ضروت نه هئي.

جڏهن مون اهي تجزيا پڙهيا ته مون سوچيو ته جيڪڏهن ليڪک ساڳين موضوعن تي جيل کان ٻاهر به تواتر سان لکي ها ته سندس شمار هڪ پڙهي لکي سياسي اڳواڻ واري هجي ها. منهنجي مانواري ليڪک کي نماڻي گذارش آهي ته هاڻي هو ٻن جلدن تي ٻڌل شاندار جيل جي ڊائريءَ جو خالق آهي ۽ کيس به پنهنجين لکڻين جي اثر پذيريءَ جي پروڙ پئجي چڪي آهي ته هو هاڻي لکڻ واري تخليقي ڪم کي ڪنهن نه ڪنهن نموني جاري رکندو اچي.

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud