Just another WordPress.com weblog

تعليمي ترقي جو راز

اسان جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ ڪي استاد ۽ پروفيسر هيڊ ٽيچر، پرنسپل، وي سي ٿيڻ جا شديد خواهش مند هوندا آهن. انهن مان اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هوندي آهي جن جو مقصد يا جن جي ترجيح اها ناهي هوندي ته ادارن اندر، تعليمي سڌارا، واڌارا آڻجن يا ترقي ماڻجي. هو اها پوزيشن ان ڪري حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن ڇوته ان سان معاشري ۾ عزت ملندي، ماڻهون جو قد وڌي ويندو آهي. اداري ۾ مٿين جاءِ ملڻ ڪري سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي تي حڪم هلندو آهي ۽ ٻيو ته پڙهائڻ واري ”جھنجھٽ“ مان جان آجي ٿي پوندي آهي.  اداري جو سربراهه ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهون کي اداري جي اڪائونٽ ۾ رکيل يا ايندڙ يا ملندڙ پئسن تي دسترس حاصل ٿي ويندي آهي، ۽ اها ئي ڳالهه اهڙن ماڻهن لاءِ سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ڪشش واري هوندي آهي. هو ان پئسي کي اداري تي خرچڻ بدران پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.   سنڌ ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهون ملي ويندا جن ٻنهي هٿن سان ادارن جي مالي ڀينگ ڪئي هوندي. سکر ۾ هڪ رٽائرڊ حاجي صاحب مشهور آهي، جيڪو آمريڪي طوفان سنڊيءَ جهڙو هو، جتي رهيو اداري جي ڀينگ ڪري ويو پر رٽائر ٿيڻ بعد به سرڪار جي جان ڪونه ڇڏيائين، هنوقت به وڏي شان ۽ شوڪت سان سرڪاري اسڪول جي عمارت تي سندس قبضو برقرار آهي۽ هو ان کي پنهنجي ذاتي نالي تي منتقل ڪرائي ٺٺ سان ويٺو آهي. اهڙا عملدار ان نيڪ ڪم ۾ ڪي اڪيلو ناهن هوندا. اهي پنهنجي ان ”پاڪ“ ڪمائي مان ”جائز“ حصو پاڻ کان مٿي عملدارن وٽ به وڏي ايمانداريءَ سان پهچائيندا آهن، جڏهن ته استادن جي يونين کي راضي رکڻ جو فن به کين ايندو آهي. مون کي ذاتي تجربو آهي ته ڪاليج سطح جي استادن جي تنظيم ڪيئن نه اهڙن ڪرپٽ پرنسپلس جي حمايت ڪندي رهي آهي.  هاڻي جڏهن حالتون ان نهج کي پهتل هجن ته ”عالم جا ابا تو ٽنگون ٽيڙيون بندا ڇا ڪندا“ ته سنڌ ۾ تعليمي سڌارو ڪيئن اچي.

ان سان گڏ هڪ تمام ننڍڙو حلقو اهڙو به آهي جيڪو ايماندار آهي، اهو سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ جو دلي خواهش مند به آهي، وٽن جذبو به آهي پر اهي ڏاڍا ڏنل آهن هو سمجھن ٿا ته ان هاٽ سيٽ تي ويهي ڪهڙي نموني تعليمي لاش مان ماس روڙي کائيندڙ ڳِجھيُن ( ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن) کي رازي ڪري سگھندا جن جو دين ايمان ڍونڍ کائڻ آهي.  اهي سمجھن ٿا هو جڏهن ان حيثيت سان چارج وٺندا ته پنهنجي لاءِ نه پر انهن ڄؤرن لاءِ کين پاڻ به بي ايمان ٿيڻو پوندو. ان ڪري هو جائز نموني سمجھن تا ته اهڙي ماحول ۾ هو ڪجھ به ڪرڻ جي قابل ناهن ان ڪري اهي ڪنڊ وٺي ويهي رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.

هن ملڪ ۾قانون، انصاف، ايماندار، سچائي، وفائي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ وارو جيڪو رواج هيو اهو ڪڏهڪو دفن ٿي چڪو آهي. جت بالا آفيسر،مٿيان ويٺل ڪامورا، وزير صاحب ۽ انهن جا واٺا ان گندي گپ ۽ گيچڙ ۾ گوڏي تائين گتل هجن ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ مثبت تبديليءَ جي محض خواهش ئي ڪرڻ کي به گناهه شمار ڪيو ويندو آهي.

پر فطرت ڪڏهن به سنڍ ناهي رهي، گند ۾ به ڪنول گل ڦٽي نڪرندا آهن. معاشرو ڪيترو به ڪري پوي پر پوءِ به ڪي بهادر، سچار، ايماندار، ڪاريگر انسان بهرحال هوندا آهن جيڪي رسڪون کڻي به معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي پنهنجي ذاتي انائن، پسند ناپسند کي پاسيرو رکي، مال مڏي ميڙڻ وارن جبلي خواهشن کي ٿڏي ڪن سنهري اصولن تي عمل کي پنهنجو ايمان سمجھندا آهن. ڳولهڻ سان پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين اسان جي تعليمي شعبي ۾ اهڙا ايماندار ماڻهون ملي ويندا جن نور نچوئي ملڪ اندر يا ٻاهر ڏيهان ڏيهه مشهور ادارن مان لاڳاپيل شعبي سان ٺهڪندڙ ڊگريون ٽريننگون حاصل ڪيون آهن. جن وٽ ادارن جي اڳواڻي وارو ادراڪ به آهي ۽ اهي ان قابل آهن ته سنڌ جي تعليمي اوج کي واپس ورائي سگھن.   ڪاش ته اسان جو معاشرو  اهڙن ماڻهن کي سڃاڻي کين سندن جائز مقام ڏئي. اسان جا سياستدان ايماندار، محنتي ۽ هنرمند ماڻهن جو قدر ڪن ۽ کين اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپلس ۽ وي سي جي عهدن تي مقرر ڪن،  کين سمورا گھربل اختيار به ڏنا وڃن ته زوال ڏانهن سفر ڪندڙ سنڌ جو تعليمي نظام جيڪر وري نئين جوش ۽ جذبي سان زندهه ٿي وڃي ۽ اسان جي تعليمي ادارن جي شڪل ئي مٽجي وڃي.

Comments on: "تعليمي ترقي جو راز" (2)

  1. سائين اسان وٽ ته حال هي آهي ته جيڪڌهن حاڪمن کان ڪو ايماندار ماڻهو ڀل ۾ به ڪنهن اداري جو سربراه ٿي وڃي ٿو ته ان سان به ان جي ايمانداريءَ جي ڪري سئو جٺيون ڪن ٿا.

    • سائين سچ ٿا چئو، هونئن به ڏکيائون انهن ماڻهن يا ادارن جي اڳواڻن جي حصي ۾ اينديون آهن جيڪي ياته ايماندار هوندا آهن يا ڪو نئون ۽ ڇڱو ڪم ڪرڻ جا ّخواهشمند هوندا آهن. باقي جيڪڏهن ڪو هلندڙ وهنوار جو پرزو ٿي ڪري ڪم پيو ٽپائينو آهي ته اهو سڪون جي زندگي گذاريندو آهي. احمد علي ڇا ڪجي، خاموش ويهڻ به نه ٿو اچي ته وري جيڪڏهن ڪجھ ڇڱو ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ته ننڍڙي قد ۽ ڪاٺ وارا بونا ماڻهون جيڪي هر جاءِ تي اهم ڪرسيون سيڙايون ويٺا آهن اهي آڏو ٿا اچن…پرهاڻي جيڪڏهن پاڻ ماڻهون خاموش تماشائي ٿي ويهندا سي ته پوءِ ٻيو ڪير اچي اهڙا ڪم ڪندو. ان ڪري لک ڏکيائيون سهي پر ڪنهن نه ڪنهن نموني يا ڪهڙي به ليول تي مثبت تبديليءَ لاءِ جاکوڙ کي جاري و ساري رکڻو پوندو.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud