Just another WordPress.com weblog

قوم جي تعليم ۽ تربيت ئي حقيقي سياست آهي

 

تمام گھڻو وقت ٿي ويو آهي ته مون سياست تي ناهي لکيو. مون اخبارون، رسالا به پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. منهنجي اهڙي طبيعت ڇو جڙي؟ شايد صحيح نموني مان پاڻ به ٻڌائي نه سگھان، پر يقين اٿم ته ان فيلڊ ۾ جيتري بي ايماني، ڪوڙ، منافقت، قوم ۽ عوام دشمني جا جراثيم موجود آهن ته اهڙن ڳالهين ڪري مان ان پاسي کان پاسيرو ٿيندو ويم.جڏهن اوهان کي ڪابه ڳالهه سمجھ ۾ نه اچي يا سٺي نه لڳي ۽ اوهين محسوس ڪريو ته ڳالهه اوهان جي وس کان چڙهيل آهي ته پاسيرو رهڻ ۾ ئي چڱائي آهي.  اسان جا اڪثر سياسي ڪالم نگار جيڪي ڪجھ لکن ٿا، اهو لکيل مواد سندن ذات لاءِ ته  ان نموني لاڀائتو هجي ٿو ته اهي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي هلڪا ڦلڪا ٿي وڃن ٿا ۽ سندن اندر ۾ اٿلي آيل اڌمن کي آواز ملي وڃيٿو.  ڪجھ لکڻ وري ان کي پاڻ ئي پڙهڻ ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي داد ڏيڻ ۽ پڙهندڙن جي بظاهر سرد مهريءَ تي دل ئي دل ۾ ڏک ڪرڻ سان لکاري جو من هلڪو هلڪو ٿي پوندو آهي. مون سان به اڪثر ائين ئي ٿيندو هيو. مون کي خبر ناهي ته منهنجيون لکڻيون ڪيتريون پڙهيون وينديون هيون يا پڙهيو وينديون آهن پر جڏهن مان پاڻ انهن کي پڙهندو آهيان ته اندر ۾ اطمينان جي لهر اڀري ايندي آهي. هونئن اڪثر مشاهدو ڪيو ويو آهي ته ڌرين جي منفي روين تي تي لکيو ويندو  رهيو آهي ته انهن کي اهڙين لکڻين کي پڙهڻ جو نه ته ڪو شوق آهي نه ئي وٽن ايترو فضول وقت هوندو آهي ته اهي مال ميڙڻ واري ڪم کان ٿورو پاسيرو رهي مون جهڙي ڪنهن ڪنگال جو ڪالم پڙهن.  ڪاموراشاهي، سياستدان، سرمائيدار، جاگيردار، خان،  وڏيرا، سردار، چوڌري وغيره ڪجھ اهڙا مثال آهن جن جي صحت تي اهڙين لکڻين جو ٽڪو به اثر ڪونه پوندو آهي،  ڀلي ته کڻي انهن لکڻين کي دنيا جي عظيم ادب ۾ به شمار ڇو ڪونه ڪيو وڃي. پاڪستان جي پوري تاريخ کي ڏسجي ۽ ڪالم نگارن پاران لکيل ڪروڙين لفظن جي ذخيري جو اندازو لڳائجي ته اهو ڏسي حيرت ئي ٿيندي ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ جي مصداق جن تي تنقيدون ٿينديون رهيون آهن يا جن کي سڌارڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ چيو ويو آهي ته انهن جي منفي روين ۾ اضافو ئي ڏٺو ويو آهي.  انهن کي جيئن سمجھ ۾ آيو آهي يا ايندو آهي اهو ئي ڪندا آهن. رشوت، بدعنواني، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي مليا ميٽ، ڏاڍ، ظلم، بيداد، بدمعاشي، بي شرمي، بي حيائي وغيره جا جيڪي رويا وٽن موجود هيا انهن ۾ اضافو ئي ٿيو آهي.

پر رڪارڊ جو ٻيو پاسو به آهي. اهڙيون لکڻيون صرف انهن جي پڙهڻ لاءِ ته ناهن هونديون. لکاريءَ جو مقصد اهو به هوندو آهي ته سماج جي انهن مهانڊن کي وائکو ڪري جن تي شرافت، مهذب پڻي جا ماسڪ چڙهيل آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ميڊيا جي عام ٿيڻ، سوشل ميڊيا جي ميدان ۾ اچڻ بعد عام ماڻهن جي سمجھ ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو آهي ۽ کين سياست، مذهب، حب الوطني، سماجي ڪمن جي حوالي سان ٿيندڙ انيائن جي ڀلي ڀت پروڙ سو پئجي ويئي آهي. هاڻ ستن پردن اندر ٿيندڙ بدمعاشين جهڙا واقعا به منظر عام تي اچي وڃن ٿا. جيئن ڪجھ وقت اڳ سنڌ جي سياست تي ناجائز قبضو ڪيل هڪ خاندان جي عورت پاران غريب هاريءَ  جي تذليل ڪئي ويئي هئي ۽ سندس ۽ سندس  والد کي سندن امڙ جي سامهون منهن تي ڪاروڪيو ويو هيو ته ان سڄي منظر جي وڊيو منظر عام ٿيڻ ڪري اهڙي خاندان جي بظاهر مهذب هئڻ جو ڀانڊو کلي پيو هيو. هاڻي جيڪڏهن سنڌ جا ويڪائو وڏيرا اقتدار جي حاصلات لاءِ  سنڌ جو سستو سودو سنڌ اسمبليءَ جي ايوان ۾ ڪن ٿا ته لکين لعنتن جا  ايس ايم ايس هر موبائيل جي ان باڪس ۾ پهچن ٿا جيڪي وري ٻين لکن ماڻن ڏانهن روانا ڪيا وڃن ٿا. پر اڃا تائين عوام جي ان ڄاڻ تائين رسائيءَ کي سگھ ۾ تبديل ڪري ان کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانو ناهي آيو.  

حڪمران طبقي وٽ پئسوهئڻ سان گڏ کين رياست جي طاقت (پوليس، فوج، عدليه، جيل، ٿاڻا، ملان مولوي) به ميسر آهن ته اهي ان طاقت جي ڏڍ تي عوام جي ڄاڻ واري عمل کي سماج ۾ لاڳو ڪرائڻ واري مثبت پاسي کي به بند ڏيئي بيٺا آهن.  شايد اهڙن ڳالهين جي ڪري مون سياسي ادب سرجڻ واري ڪم کي وقتي بريڪ هڻي ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي اها منهنجي ڀاڙيائپ آهي، سمجھوتو آهي، يا غلطي آهي ته انهن ڳالهين کي مان تسليم ٿو ڪريان ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪجھ نه ڪجھ ته منهنجي من ۾ هوندو. مان هڪ عام انسان آهيان، ٻچڙيوال آهيان، نوڪري پيشه آهيان ته ظاهر آ، خوف ۽ انديشه ته منهنجي من ۾ به آهن جيڪي مون کي پورو پورو سچ لکڻ جي اجازت ڪونه ٿا ڏين ۽ اتي مان پوئتي هٽي سمجھوتو ٿو ڪريان. ٿي سگھي ٿو ته اها منهنجي غلطي به هجي! پر منهنجي هميشه ڪوشش رهي آهي ته ڪڏهن به ڄاڻي واڻي غلط بياني کان ڪم نه وٺان، جي ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا ڳري آهي، ۽ ان کي ڪرڻ جي سگھ منهنجي بزدل دل ۾ ناهي ته پوءِ مان ان کي لفظن جي هير ڦير سان ڪندو آهيان يا جيڪڏهن بيان نه ڪندو آهيان تڏهن به ڪڏهن ڀلجي غلط مؤقف جي حمايت ناهيان ڪندو.  جڏهن مون کي ڪجھ ماڻهن جا رويا ڀانءِ ناهن پوندا ۽ منهنجي ڳالهين جو انهن جي طبيعت يا مزاج شريف تي به ڪو مثبت اثر ظاهر ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي هوندو ته مان اهڙن ماڻهن کان پاسيرو ٿي ويندو آهيان. ها البت اهڙن دوستن جي همت افزائي ڪرڻ کي پنهنجو فرض شمار ڪندو آهيان جيڪي سکڻ، سيکارڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ، يا صحيح ڳالهه کي مڃڻ جي سگھ رکندا آهن ته انهن سان وڌي چڙهي ميل ملاپ ڪندو آهيان. ڪجھ سالن کان مون کي اها ڳالهه به سمجھ ۾ آئي آهي ته جيستائين اسان وٽ تعليم ۽ تربيت جو ڪو جوڳو نظام يا سرشتو قائم نه ٿو ٿئي تيستائين مثبت تبديليءَ جي خواهش ته ڪري سگھجي ٿي پر زميني حالتن ۾ ڦير ڦار جو گھٽ امڪان ٿو رهي. ان معاملي جيڪي رڪاوٽون آهن اهي به ڪي لڪل ناهن. اسان جي حڪمران طبقن جو مفاد ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اڪثريت عوام کي علم، عقل، ڏاهپ، هنر، سوچ ۽ سمجھ واري رستن کان تمام پري رکيو وڃي. هو اهو ڪم وڏي ڪاميابيءَ سان  سرانجام ڏيندا رهيا آهن. هتي تعليم اندر به تمام وڏو طبقاتي نظام قائم ڪيو ويو آهي. پئسي وارن لاءِ خانگي شعبو آهي جيڪو تمام گھڻو مؤٿر آهي پر اهو ايترو ته مهانگو آهي جو  عام ماڻهون پنهنجي ٻارن  کي اهڙن ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ جي سوچ به ڌاري نه ٿا سگھن.  ٻئي پاسي عام ماڻهون جي اولاد  لاءِ محض سرڪاري تعليمي  ادارا آهن، جتي تعليم کان سواءِ سموريون برايون موجود آهن.

  هاڻي سڌارو اچي ته ڪيئن اچي، منهنجي پنهنجي خيال مطابق ته سرڪاري ادارن ۾ تمام سٺا محنتي، جذبي وارا، ايماندار ۽ پنهنجي ڪم کي مذهبي فرض سمجھي سرانجام ڏيڻ وارا به موجود آهن ته اهڙن دوستن کي ڳولهي هٿ ڪجي، انهن جي وچ ۾ ڪو رابطي جو جهان جوڙجي، کين مدد ڏجي، همٿائجي  ۽ سندن عقل ۽ علم ۽ هنر کان پرائجي ته ان نموني ڪجھ نه ڪجھ مثبت تبديليءَ جا آثار پيدا ڪري سگھجن ٿا. اهڙي ڳالهه کي مسجهندي ۽ مڃيندي مون پنهنجو سمورو ڌيان سنڌ جي تعليم ۽ ترقيءَ ڏانهن مرڪوز ڪري رکيو آهي. تمام وڏي ڪم جي شروعات هميشهه ننڍڙن ڪمن سان ٿيندي آهي. بيٺل پاڻيءَ ۾ ننڍڙو ڀٿر حرڪت پيدا ڪري وجھندو آهي سو مان اهو ڀٿر هڻڻ ٿو چاهيان. منهنجي دلي خواهش آهي ته قوم جي تعمير ۾ تعليم ۽ تربيت واري شعبن کي وسيع ڪجي، ايترو وسيع ته جيئن هر عام خاص ان مان بنا ڪنهن رڪاوٽ يا دير جي لاڀ حاصل ڪري سگھي. ان سلسلي ۾ مون جيڪي ننڍڙيون ڪوششون ڪيون آهن انهن ۾ تعليم ۽ تربيت جي واڌاري لاءِ مضمون لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائڻ، اهڙن سمورن لکيل مضمونن کي تمام گھڻن دوستن تائين پهچائڻ لاءِ وري سوشل ميڊيا کي ان سان سلهاڙڻ ۽ اهڙيون لکڻيو پنهنجي بلاگ (www.ameergul.wordpress.com)   تي اپ لوڊ ڪري فيس بوڪ تي ان جي لنڪ ڏيڻ شامل آهي. اهوئي نه پر مان ڪوشش ڪندو آهيان ته جيڪي ٻيا دوست تعليم ۽ تربيت سان سلهاڙيل ڪنهن به قسم جو مواد لکڻي يا تصويرن، ڪارٽونن جي شڪل ۾ فيس بوڪ تي اپ لوڊ ڪندا آهن ته انهن کي وڌ کان وڌ دوستن تائين پهچائڻ کي به پنهنجو فرض منصبي سمجھندو آهيان. سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ فيس بوڪ تي هڪ پيج

(EDUCATE SINDH-SAVE SINDH)  به جوڙي رکيو اٿم جنهن ۾  هنوقت 371 ميمبر آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ ٻيو تعليمي مواد ونڊيندا رهندا آهن. سنڌ جي تعليم جي سڌري ويئي ته پوءِ اسان کي سياسي پيچيد گين کي سمجھي ان مد ۾ صحيح رخ ۾ هلڻ لاءِ روشن واٽ ملي ويندي ۽ ڪوبه اونداهي جو رکوالو يا ترقي جو دشمن پنهنجي مذموم حرڪتن  وسيلي اسان کي ان راهه تان هٽائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگھندو.   ان ڪري منهنجو ايمان آهي ته تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪيل ڪم به حقيقي قوم دوست سياست جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي.  تعليم جي سڌري پوي ته اسين بنا ڪنهن وڏي جنگ ۽ جدل جي تمام وڏا معرڪا کٽي سگھون ٿا. ان ڪري تعليم ۽ ان سان گڏ تربيت، هنرمندي، حرفت، ٽيڪنالاجي کي اچو ته قوم جي معمارن ۾ عام ڪيون. اهڙي گس وٺڻ يا اختيار ڪرڻ تي ڪابه قانوني پابندي ناهي ويتر انساني ڀلائيءَ لاءِ جيڪي جوڙيل بين الاقوامي ادارا آهن اهي به مددگار آهن. جيڪڏهن اسان انهن تائين مؤثر رسائي ۽ ڳانڊاپي وارا ٽيڪنڪ سمجھي وٺون ته اهي اسان جي نه رڳو مالي مدد ڪندا پر ان سان گڏ اهي اسان کي مهارتن سيکارڻ وارو ڪم به ڪندا. سنڌي قوم کي تعيلم يافته ڪرڻو آهي، کين هنر مند بنائڻو آهي، انهن جي ڳچين ۾ جيڪي جهالت وارا ڳٽ پيل آهن انهن کي ٽوڙڻو آهي ان ڪري اچو ته ان ميدان ۾ عملي ۽ حقيقي پيش رفت ڪريون، هاڻي ڳالهين ڪرڻ جو وقت ناهي اوهان کي جيڪي صحيح سمجھ ۾ اچي ٿو سڀ کان پهرين اوهان پاڻ ان تي عمل ڪريو ۽ پوءِ جڏهن ٻيا اوهان کي سٺو ڪم ڪندي ڏسندا ته اهي به ائين ڪرڻ لڳندا. ان ڪري سٺي ڪم ڪرڻ جي شروعات پنهنجو پاڻ کان ئي ڪرڻو آهي، ان لاءِ سڀاڻي جو انتظار اجايو آهي. جيڪا ڳالهه اوهان سمجھو ٿا ته سٺي ۽ فائدي مند آهي ان لاءِ هاڻي ئي شروعات ڪريو.

Comments on: "قوم جي تعليم ۽ تربيت ئي حقيقي سياست آهي" (3)

  1. سائين، مان توهان جي سڄي آرٽيڪل سان متفق آهيان سوائي هڪ لائين جي:
    “حڪمران طبقي وٽ پئسوهئڻ سان گڏ کين رياست جي طاقت (پوليس، فوج، عدليه، جيل، ٿاڻا، ملان مولوي) به ميسر آهن ته اهي ان طاقت جي ڏڍ تي عوام جي ڄاڻ واري عمل کي سماج ۾ لاڳو ڪرائڻ واري مثبت پاسي کي به بند ڏيئي بيٺا آهن.”
    منهنجي خيال ۾ ملان ۽ مولوي عوام جي ڄاڻ واري عمل کي سماج ۾ لاڳو ڪرائڻ چاهين ٿا. ۽ انهن جي اڪٿريت حڪمران طبقي سان واسطو نٿي رکي. مان پاڻ جهڙن ملن جي ڳالهه نه ٿو جيڪي صرف ڏاڙهي رکي پاڻ کي ملو سمجهن ٿا مان انهن عالم مولوين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪي جهنگن جهرن ۾ به علم جي روشني پکيڙي رهيا آهن ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو منهنجي راءِ ناقص هجي

    • لک لک قرب سائين احمد علي مڱريا صاحب، مان اوهان جو انتهائي مشڪور آهياان ته اوهان منهنجي رهنمائي ڪئي. درحقيقت مان اوهان جهڙن نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت انسانن کي پنهنجي خيال ۾ ملان يا مولوي ته سمجھندو ئي ناهيان ۽ ها مان اوهان سان ان ڳالهه ۾ به متفق آهيان ته هزارين اهڙا به آهن جيڪي الله پاڪ جي پيغام کي ڄاڻ وڌائڻ ۽ هر عام و خاص کي ان جي حڪمن تحت نيڪ انسان بڻائڻ جي جهد ۾ جٽيل آهن. پر مالڪ سائين جي اجازت هجي ته ثورڙو عرض ڪندو هلان ته پوري انساني تاريخ جو مطالعو به اسان کي ڄاڻ ڏئي ٿو ته هر مذهب جي ملان چالو نظام ۽ حاڪمن جي بچاءُ وقت مذهب کي هڪ هٿيار طور عوام خلاف استعمال ڪيو آهي. جڏهن اڃا پاڪستان نه جڙيو هو ته پاڪستان جي قيام، قائد اعظم ۽ ٻين اڳواڻن خلاف فتوائون جاري ڪرڻ واريون اهي مذهبي جماعتون ئي هيون جيڪي اڄ پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا حامي يا دعويدار آهن، دلبر اهي ساڳيا ماڻهون هيا جن مظلوم بنگالين خلاف ڀنڊيون ٻاريون هيون کين ڪافر ڪوٺيو هيو، ۽ الشمس ۽ البدر جهڙيون قاتل جماعتون جوڙي پاڪستان جي فوج سان گڏ مظلوم بنگالين جو قتل عام ڪيو هيو. ذالفقار علي ڀٽي صاحب جي دؤر وقت مذهبي جماعتن جو هڪ اتحاد جڙيو هيو، جنهن جو نعرو ته ملڪ اندر اسلامي نظام کي لاڳو ڪرڻ هيو پر پاڻ سڀني کي خبر آهي ته ان جي واڳ ڪنهن جي هٿ ۾ هئي ۽ انهن جا اصلي ارادا ۽ مقصد ڪهڙا هيا جيڪي وقت وائکا ڪري ڏيکاريا هيا. بعد ۾ مذهبي جماعتن مختلف اليڪشنن جي وقت ۾ مختلف نالن سان اتحاد ٺاهيا هيا جن ۾ سڀني مسلڪن جي سمورن جماعتن کي شامل ڪيو ويو هيو.جيڪي هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ کي ئي ڪفر سمجھندا هجن، هڪ ٻئي جي مسجدن، امام بارگاهن ۾ وڃڻ کي نعوذ باالله ناقابل معافر جرم سمجھندا هجن، جن جي ڪري ملڪ اندر فرقيواريت جي باهه ۾ ڪيئي مسلمان قتل ڪيا ويا هجن ته مون کي چوڻ ڏيو ته اهي اتحاد به منافقي جو اعلا نمونو ئي هيا جيڪي ملڪ اندر دين ڦهلائڻ لاءِ نه پر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا هيا مالڪ سائين دنيا جو ڪهڙو الله لوڪ درويش آهي جنهن خلاف دين جي ٺيڪدارن فتوائون جاري نه ڪيون هجن. شهيد ڪربلا کان وٺي حسين بن منصور ۽ سچل سائين تائين انهن کي ڪافر ڪوٺي کين شهيد ڪرڻ جون فتوائون جاري ڪيون هيون. پري ڇو وڃو ضيا جا حامي ڪير هيا، ڪير هيا جن آمريڪا پاران مڙهيل جنگ کي جهاد جو نالو ڏئي اسان جي هن پوري خطي کي باهه ۽ بارود جي سمنڊ ۾ ڦٽي ڪرڻ وارو انساني تاريخ ۾ انسانن خلاف وڏن ڏوهن ڪرڻ جو مرتڪب ٿيا هيا جنهن ۾ لکين انسان موت جو شڪار ٿي ويا هيا ۽ ان جا شعلا اڄ به پوري آب و تاب سان اسانکي جلائين پيا..

      • ٺيڪ آهي اها توهان جي راءِ آهي. پر منهجي ناقص علم مطابق حضرت ضياءُ الحق سائين جن آمريڪا سان ساز باز ڪري آئي ايس آئي (جنهن ۾ جنرل حميد گل، ڪرنل امام ۽ خالد خواجهه جهڙا ملان هئا) هن خطي ۾ سويت جارحيت کي هن طرف اچڻ کان روڪيو. باقي اها زيادتي نه چئبي جو ڪري هڪڙو ۽ الزام ٻئي تي لڳي. بهرحال هر ڪنهنجي پنهنجي راءِ آهي.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Tag Cloud